قراردادِ پاڪستان ۽ 1943ع ۾ جي ايم سيد واري قرارداد

0
47
قراردادِ پاڪستان ۽ 1943ع ۾ جي ايم سيد واري قرارداد

  23 مارچ 1940ع وارو ٺهراءُ، جنھن کي “قراردادِ پاڪستان” جي نالي سان وڏي جوش، جذبي سان ملھايو ويندو آھي، انھيءَ ڏينھن کي باقاعده ملھائڻ جي شروعات 1956ع کان ڪئي وئي. قرارداد لاهور جو تت ڪجھ ھن ريت آھي:

                 (1) آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس مطالبو ڪري ٿو ته 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۾ شامل وفاق جي تجويز، ھن ملڪ جي مخصوص حالتن ۾ مڪمل طور تي نامناسب، غير عملي۽ ناقابل عمل آھي.

                 (2) هن ملڪ ۾ مسلمانن لاءِ ڪوبه آئيني منصوبو قابل عمل يا قابل قبول نه هوندو، جيستائين جاگرافيائي لحاظ کان ملندڙ يونٽن جي حد بندي نه ٿي ڪئي وڃي. جن علائقن ۾ مسلمان عددي اڪثريت ۾ آهن، جهڙوڪ هندستان جا اتر- اولهه ۽ اڀرندي وارا علائقا، انهن کي “آزاد رياستن” ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪي سڀئي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن.

                 (3) آئين ۾ مسلم يونٽن ۽ علائقن ۾ غير مسلم اقليتن ۽ ٻين علائقن جي مسلم اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، اقتصادي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ گڏيل مشوري سان مناسب ۽ موثر قدمن جي ضمانت ڏني وڃي.

(4) آئين ۾ اها گنجائش رکي وڃي ته مسلمان خطي جي طاقتن کي  دفاع، خارجي معاملن، وسيلن، ٻين امورن جي اختيارن تي مالڪي ھجي.

ھن قرارداد ۾ آزاد رياستن، انھن جي خودمختياري، دفاع، خارجي معاملن جي چٽي ڳالھ ڪئي وئي ھئي. جڏھن ته صوبائي سنڌ مسلم ليگ، جيڪا موجوده پاڪستان جي صوبن جي پھرين ۽ واحد اسيمبلي هئي، جنهن مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي گهر 1938ع ۾ ئي هڪ قرارداد پاس ڪرڻ سان ڪري ڇڏي ھئي. ان وقت “الوحيد” اخبار سنڌي مسلمانن ۽ مسلم ليگ جي ترجمان هئي. ان ۾ مسلم ليگ جون ڪار گذاريون، تحريڪ پاڪستان لاءِ مضمون ۽ ٻيو مواد ڇپجندو هو. ان جو مثال پاڪستان جي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ 13 مئي 1941ع تي جي ايم سيد هڪ مضمون “پاڪستان منهنجي نظر ۾” جي عنوان سان لکيو. جنهن ۾ لکيائين ته،

“پاڪستان بابت گهڻا ئي رايا ظاهر ٿي چڪا آهن، آئون ان بابت هڪ جدا رايو رکان ٿو. تنهنڪري مناسب ٿو سمجهان ته عوام اڳيان ان کي پيش ڪريان. اهو رايو آئون گهڻي وقت کان سوچيندو پيو اچان. اميد آهي ته منهنجو محڪم ارادو ڪڏهن نه ڪڏهن هڻي وڃي هنڌ ڪندو. آئون سمجهان ٿو ته آئون ڪو ڏوهه ڪندس، جيڪڏهن آئون مسلمانن کي پنهنجو هم خيال بنائڻ جي ڪوشش نه ڪريان. تفاوت صرف اهو آهي ته آئون هيءَ هلچل سنڌ جي ڳوٺن کان شروع ڪرڻ ٿو گهران، جيڪي ان تحريڪ کي ڪامياب ڪري سگهندا. اهو ممڪن آهي ته ڪڏهن پوري مسلم ليگ جماعت ان خيال جي ٿي وڃي ته،

* پاڪستان منهنجي نظر ۾ نه گهڻو وقت هندستان جي سياسي اثر ۾ رهيو آهي، نه ان جو حصو هو، بلڪه وچ ايشيا جو ٽڪرو هو.

* پاڪستان ۾ رهندڙ پاڪستاني سڏبا.

* پاڪستان ۾ ٻئي ملڪ جي رهندڙ ماڻهوءَ کي جان ۽ مال جو بچاءُ حاصل هوندو، ليڪن کين سياسي حق حاصل نه هوندا.

* حڪمرانيءَ جو حق فوج جي حوالي هوندو.

* سڀني قوميتن کي سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي هڪجهڙائي حاصل هوندي.

* قاعدا ۽ قانون فوج جي تسليم شده اصولن اندر هوندا. زنا، جوا، شراب ۽ وياج خوريءَ جي اجازت نه هوندي. عدل ۽ انصاف پئسن تي نه وڪامندو. عزت پئسن وارن جي بدران چڱن اخلاقن وارن کي ملندي. (روزنامه الوحيد ڪراچي نومبر 23، 1941ع)

ٺيڪ ٻن سالن کان پوءِ جي ايم سيد ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اقليتي قيادت بجيٽ سيشن دوران 3 مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي، جنهن جو متن هو ته،

“هيءَ اسيمبلي سرڪار کي سفارش ٿي ڪري ته ھو پنھنجي شھنشاھي حڪومت کي

عزت مآب وائسراءِ جي معرفت بادشاھ سلامت جي حڪومت کي صوبي سنڌ جي مسلمانن جي جذبات ۽ خواهشن کان واقف ٿي ڪري ته جنهن صورت ۾ هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، جن جو مذهب فلسفهء حيات، سماجي رسمون، ادب، روايات، سياسي ۽ اقتصادي عقيدا هندن کان جداگانه آهن. تنهنڪري هو هڪ جداگانه قوم جي حيثيت ۾ ان خطهء زمين ۾، جتي هو اڪثريت ۾ آهن، پنهنجي آزاد، خودمختيار ۽ قومي حڪومت قائم ڪرڻ جا حقدار آهن. تنهنڪري هو پرزور طريقي سان اظهار راءِ ڪن ٿا ته کين اهڙو ڪو به آئين قبول ڪو نه ٿيندو، جو کين هڪ مرڪزي حڪومت ۾ ٻئي اڪثريت رکندڙ قوم جي ماتحت ڪري. ايندڙ حالتن ۾ زندگيءَ کي آزاديءَ سان گذارڻ لاءِ ضروري آهي ته کين پنهنجون قومي ملڪيتون هجن. تنهنڪري اهڙي ڪابه ڪوشش جا هندستان جي مسلمانن کي سندن مرضيءَ خلاف هڪ مرڪز جي ماتحت ڪندي، جيڪو خانه جنگي ۽ خطرناڪ نتيجن جو مظهر هوندو.”

ياد رھي ته ھن ٺھراءَ ۾ صوبن، انھن جي خودمختياري جي ڪابه ڳالھ نه ڪئي وئي ھئي. بقول جي ايم سيد جي ته هن تاريخي قرارداد  دوران موجود 38 ميمبرن مان 24 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ۽ صرف 3 ھندو ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي. ان اسيمبلي سيشن ۾ خانبهادر الله بخش سومرو پڻ ڪراچي ۾ ڪو نه هو. ڪجھ مسلمان ميمبرن جي جيل ۾ وڃڻ جي ڪري سندن غير حاضريءَ جو فائدو وٺي مون سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. ياد رھي ته؛ ان وقت سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو ڪل تعداد 60 ھو.

(جي ايم سيد – نئين سنڌ لاءَ جدوجهد- صفحو 121)

جي ايم سيد جو جو سنڌ اسيمبليءَ جو اهو ٺهراءُ آل انڊيا مسلم ليگ لاءِ تمام گهڻو اهميت رکندڙ هو، ڇو ته ٻه سال پهرين 11 مارچ 1941ع تي پنجاب جي وزيراعليٰ سر سڪندر حيات خان مسلم ليگ جي 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ کان ڦري ويو هو. جي ايم سيد جي سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کان پوءِ پاڪستان کي ڌار ملڪ بنائڻ، ھندستان جي ٻين رياستن جي ماڻھن کي ھتي اچي رھڻ جي باقاعده دعوت ڏني، ته ھو ھتي اچي رھن ۽ ھتان جي مسلمانن جي مدد ڪن. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو 31 هون ساليانو اجلاس ڪراچي ۾ 24 ڊسمبر 1943ع تي ٿيو. هن اجلاس جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي هئي، اسٽيج تي ساڻس گڏ استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين جي ايم سيد ۽ نوابزاده لياقت علي خان، يوسف هارون، پنجاب جو وزيراعليٰ خضر حيات، سرحد صوبي مان نواب بهادر يار جنگ، محترما فاطمه جناح، ليڊي هارون ويٺل ھئا. جي ايم سيد پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ سنڌ ۽ مختلف دريائن جي ڪنارن تي پاڪستان قائم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته،

“سنڌوءَ مان منهنجو مطلب ايشيا جو اهو ڀاڱو آهي، جيڪو درياءِ سنڌ ۽ ان سان لاڳو ملڪ آهي. اڄ ان حقيقت کان واقف رهي اسين انهيءَ منزل ڏانهن ٻيهر وکون وڌائي رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌ جا اهي حصا وري ملي هڪ ٿي ويندا، جنهن جو راز پاڪستان جي پياري نالي ۾ لڪل آهي”. ھن هندن جي ڪردار تي نڪته چيني ڪندي چيو ته، “مسلمانن کان خريد ڪريو” جي تحريڪ جڏهن اسان شروع ڪئي ته هنن ( هندن) هاءِ گهوڙا مچائي ڏني. اسان جا مسلمان دولت خواھ هنر ۾ پوئتي پيل آهن.”

جي ايم سيد هندستان جي ٻين مسلمانن کي دعوت ڏني ته هو سنڌ ۾ اچي آزاديءَ جي تحريڪ کي زور وٺائين ۽ سنڌ ۾ اچي تجارتي ۽ هنري سرگرميون وڌائين. هتي اچي پيسو سيڙائين، ڪاروبار ڪن ۽ هنري ڪارخانا قائم ڪن، جيڪي هتان جي غير مسلم جي قبضي ۾ آهن. انهيءَ لاءِ اچي اسان جي مدد ڪن. هن تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته، “پاڪستان جي صورت ۾ جيڪي هند جي مسلمانن نيڪ ڪوششون ڪيون آهن، تن جو مون کي پورو پورو اعتراف آهي. هن زمين جا باشندا قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن، حالتون پڻ سازگار آهن، مگر اسان کي ضرورت مخلص ڪارڪنن ۽ سرمائي جي آهي. مخلص ڪارڪن مان مراد اهي مرد ۽ عورتون آهن، جيڪي ملت ۽ مذهب خاطر اچي هن ملڪ ۾ خدمت ڪن. سرمائي مان منهنجي مراد آهي ته هند جا مسلمان سرمائيدار آئنده پنهنجي تجارتي ۽ هنري سرگرميون هن سر زمين ڏانهن منتقل ڪن. اهي خاميون دور ڪرڻ ۾ هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهن ٿا.” جي ايم سيد ٻين صوبن جي اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي گذارش ڪئي ته، “اهي پنهنجي صوبن مان هجرت ڪري هتي اچن، جيڪي اقليتي مسلمان صوبن ۾ رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته اتي هنن کي ترقي ڪرڻ جا موقعا گهٽ ملندا. هتي اچي اسان جي مدد ڪن، جيئن مسلمان گڏجي پنهنجي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪريون”. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ هن چيو ته، “قوم کي منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون درڪار آهن:

اوهان هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. هن ملڪ جا رهواسي گهڻو ڪري زراعت پيشه آهن ۽ واپار، ڪارخانيداريءَ کان اڻواقف آهن. اوهان جو پيشو ۽ تجربو اسان جي اها خامي دور ڪري سگهي ٿو. اسان توهان کي هر قسم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. توهان جي ان ڪم کي توهان جي لاءِ آسان ڪري ڏيڻ لاءِ ‘مسلمانن کان خريد ڪريو’ جي تحريڪ اڳي ئي شروع ڪري چڪا آهيون. خدا تعالى جي فضل سان انهيءَ تحريڪ چڱو اثر پيدا ڪيو آهي. انهيءَ تحريڪ کي منزل تي پهچائڻ لاءِ ضرورت صرف سرمائي ۽ تجربي جي آهي. جنهنڪري اسان کي اميد آهي ته هن باري ۾ توهان اسان جي دستگيري ڪندا”.

(جي ايم سيد جي آجياڻي جي تقرير، روزنامه الوحيد ڪراچي ڊسمبر 25، 1943ع)

[email protected]