پوڙھو مهاڻو ۽ سنڌوءَ جي پتڻن جي پچار

0
28
پوڙھو مهاڻو ۽ سنڌوءَ جي پتڻن جي پچار

 الائي ڇو اڄڪلھ ماڻھن جي ساري حاصلات مادي شين تي منحصر ٿي ويئي آھي. جن ماڻھن کي ڌن دولت، گاڏيون ۽ بنگلا آھن، اهي سرهائي سان وڏين گاڏين مان لهن ۽ انهن ۾ چڙھن ٿا. غريب ماڻھو پنڌ يا چنگچي ۾ سواري ڪري سارا الڙجي پون ٿا. انهن جي چهري تي اداسي جا تاثر اوس رهن ٿا. اهي ماڻھو سندن زندگي ايئن گذارين ٿا، جيئن ريڙھي وارو ريڙهو ھٿن تي ڌڪي گهٽي گهٽي هوڪا ڏيئي شيون وڪڻي ڏينهن گذاريندو آھي…. جهور پوڙھي مانجهيءَ پتڻ تي بيٺل ٻيڙيءَ ڏانهن ڌٺو، جيڪا سالن کان پتڻ تي بيٺل هئي. جنهن جي پاسن کان واريءَ جا تھ ڄمي ويا هئا. مانجهيءَ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻيهر سوچن جي ٺپي ۾ هليو ويو، ڄڻ ته دريا جي ماضيءَ جي ساريون موجون هن جي روح ۾ ڇوليون هڻڻ لڳيون هجن. هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن جي آلاڻ چٽي نظر ٿي آئي. سندس ڪاراٽيل ۽ ڪمزور هٿ پير ايئن نظر ٿي آيا، جيئن مهلو لڳل ڄانڀي جا ٻوٽا. اهڙن ماڻھن جي زندگي فقط وقت گذارو ئي هوندي آهي. جتي اهڙن ماڻھن جي زندگي مڙيئي وقت پئي ڪٽيندي آھي، ته اتي انهن جي روح مان نڪتل لفظ وقت جو آواز هوندا آھن. اهو آواز لوڪ گيتن کي جنم ڏيندو آھي.

ڏٺو وڃي ته سارو فنِ لطيف لوڪ فن سان شروع ٿئي ٿو. رومن سلطنت کان هيل تائين لوڪ فن، ادب جا سرجڻھار اهي انسان آھن، جن جي زندگي اداس، جفاڪشين سان ڀرپور ۽ فطرت سان گهڻي ويجهي رهي آھي. انهن جي ٻوليءَ ۾ گهرائي، پيڙا ۽ درد هوندو آھي، جيڪو ٻڌندڙن کي جونجهاڙي وجهندو آھي، ۽ انهن جي روح مان نڪتل لوڪ گيت ٻڌندڙن جي دل ۾ جاءِ والاريندا آھن. جنن، ڀوتن، مينهن وسڻ، اتر واءَ لڳڻ، پکين جون اڏارون، ٻور ڇاڻيندڙ وڻن ۾ ٻار لوڏيندڙ ماءَ جون لوليون، ۽ کوهن تان پاڻي ڀريندڙ نارين جون رمزون انهن گيتن ۾ سمايل هونديون آھن. ڄڻ اهي گيت روح ۾ ڪنهن سگهڙ عورت جي ٽڪ جي رلي جيان سبيل هجن.

مادي حاصلات جي پٺيان عمر گذاريندڙ ماڻھن کي فنِ لطيف ۽ فطرتي سونهن سان ڪوبه سروڪار ڪونهي. هو سندن موت تائين ڌن حي حاصلات لاءِ پيا جيئندا آھن. لوڪ ادب، فنِ لطيف اتان جي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جي سڃاڻپ هوندي آھي. اها ٻي ڳالھ آھي ته قديمي لوڪ ڪهاڻين توڙي گيتن ۾ پيار جي قصن سان گڏ جادوئي ۽ وڇوڙي جا داستان هوندا آهن. جنن پرين ۽ ديون جون ڪهاڻيون، جن ۾ اهي ڪنهن ماڻھوءَ سان وڙھندا آھن ته ڪنهن کي اڏائي کڻي پنهنجي ديس هليا ويندا آھن, جيڪي حقيقت جي ابتڙ آھن. جيئن اطالوي مضمون نگار، ناول نويس ۽ صحافي اٽاليو ڪئلونو جي ڪهاڻين جي ڪتاب “اطالوي ڪهاڻيون” ۾ ھڪ ڏانئڻ ھڪڙي شھزادي کي چوي ٿي، “هي هڪ جادوءَ جو ڪتاب آهي، ان جا صفحا اڳتي اٿلائيندين ته ماڻھو پکي ٿو پوندو ۽ پٺتي اٿلائيندين ته پکي ماڻھو ٿي پوندو. ڀلي ته الف ليليٰ، طوطي نامو، ايسپ جون آکاڻيون، شيطان جي ناني، راڌا، ندورو هار، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، واندڪائي جي وندر ۽ ٻين سنڌي ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتابن ۾ ان قسم جهڙو هوبهو مواد نه به هجي پر پوءِ به انهن ڪتابن ۾ وندرائيندڙ، ڪرامتي، روحاني ۽ نصيحت ڀريا قصا موجود هئا. ننڍي هوندي مائٽ چوندا هئا ته ليليٰ مجنون جو ڪتاب نه پڙھو، ڇاڪاڻ ته ان ڪتاب کي پڙھڻ سان ماڻھو چريو ٿي ويندو آھي. مون کي منهنجي سئوٽ محمود، ليليٰ مجني جو ڪتاب ڏنو هو، جيڪو محمود مل پلي جو لکيل هو. محمود مل پلي طالب پلي جو پٽ ھو، جيڪو عمرڪوٽ جو ويٺل هو. قرآن شريف جو حافظ ھو. حر تحريڪ تي شاعري لکڻ جي ڪري انگريز سرڪار مٿس ڏمرجي، کيس قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون به ڏنيون هيون. پاڻ 1928ع ڌاري گذاري ويو. سندس ليليٰ مجنون جي لکيل ڪتاب ۾ ليليٰ مجني جي محبت جو قصو نظم ۾ ھو. آئون ان ڪتاب کي لڪي لڪي پڙھندو هوس ۽ ڪڏھن ڪڏھن اهو خوف به رهندو هو ته متان چريو نه ٿي وڃان! هاڻي سوچيان ٿو ته ماڻھو ڪتاب پڙھندي چريو نه ٿيندو، پر دولت پٺيان ماڻھو چريو ٿي  پوندو آھي.

توهان ڏٺو هوندو جنهن سال ٻوڏ ٿيندي آھي يا وري فصل ۾ وائرس اچي ويندو آھي ته اڪثر زميندار پٽڪو ڪندي نظر ايندا آھن، يا وري واپاري، جن جي اسٽاڪ ٿيل مال جو اگهه منڊيءَ ۾ گهٽجي ويندو آھي ته هو به  منهن مٿو پِٽيندي نظر ايندا آھن. باقي ته دنيا ۾ ٿورا ماڻھو هوندا آھن، جيڪي اهڙين حالتن ۾ به صبر ۽ شڪر ڪندا آھن. ان ڏينهن جڏھن پتڻ تي سج لهي ويو ته مانجهي پراڻي ٻيڙيءَ تي لٺ جي ٽيڪ سان ويهي ڏڪندڙ ھٿن سان دعا ٿي گهري:“ يا الله تنهنجو شڪر آهي، اڃان جيئارين پيو ۽ رزق روزي رسائين پيو. مون کي اميد آھي ته درياءَ ۾ ساڳي موج موٽائيندين ۽ هتان لڏي ويل سڀ مهاڻا موٽي ايندا. منهنجا پوئنير منهنجي هي ٻيڙي مرمت ڪري روزگار ڪندا. آمين!” پوءِ هو ساڳي لٺ جي ٽيڪ سان اٿيو ۽ پتڻ تي ڏيئا ٻارڻ لڳو. اوچتو هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ميري پٽڪي جو لڙڪيل ڇيڙو پاسي ڪري اسان ڏانهن ڏٺو ۽ اسان کي واريءَ تي وڇايل رليءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. مون ڪجھ دير رکي کانئس سوال ڪيو: توهان کي هن پتڻ تي گهڻو وقت ٿيو آھي؟ “مون کي هن پتڻ تي ڪيئي سال لنگهي ويا آھن. آئون پنهنجي ڏاڏي سان گڏ ھن پتڻ تي ايندو هوس. جڏھن منهنجو پيءُ ٻيڙي هلائيندو هو، تڏھن هن پتڻ جو عروج هوندو هو. هاڻي هي پتڻ منهنجو آخري پتڻ آھي.” ھو ايترو چئي خاموش ٿي پيو، ڄڻ ته ڳالهائيندي ٿڪو هجي.

دريا تي ٻيا به پتڻ ھوندا، جن جو عروج اوهان ڏٺو هوندو؟ مون سوال ڪيو.

“ها! مون ڪيترائي پتڻ ڏٺا هئا، جن ۾  سنهڙي پتڻ، ونگائي پتڻ، سوکي پتڻ، ڪاڪا فريد پتڻ، خچر پتڻ، بچو ڪيهر پتڻ، جادي واري پتڻ، کاروڇاڻ پتڻ، جوڳيئڙا پتڻ، دارسي پتڻ، آٿرڪي پتڻ، ڌرمون مل پتڻ، پالڪي پتڻ، ٻاٻيهو پتڻ، موسي وارو پتڻ، جنگيسر پتڻ، باگاڻا پتڻ، ڌانڌاري پتڻ، احمد خان جلباڻي پتڻ، پنيو شورو پتڻ، ٻڍاڻي پتڻ، اڏيرو لعل پتڻ، قادر ڏنو شاهه پتڻ، گهوڙاٻاري پتڻ، پارهيڙي پتڻ، سانول پور پتڻ، ڳاهي وارو پتڻ، بچل پاتڻي پتڻ، اپلاڻا پتڻ، گليل پتڻ، مٺارا پتڻ، درويش پتڻ، سيد پور پتڻ، ٺٽو پتڻ، سورجا پتڻ، سونڊا پتڻ، ڏاڏون پتڻ، جهرڪ پتڻ، مولچند پتڻ، ڪرن وارو پتڻ ۽ ٻيا ڪيئي پتڻ جيڪي مون ڏٺا هئا. پتڻ آمدرفت جو وڏو ذريعو بڻيل هئا. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ جيڪي سروي ٽيمون موڪليون هيون، اهي به انهن پتڻن ذريعي پار پهتيون هيون. پوءِ درياءَ جي موج ڇڏي وڃڻ ۽ زميني زلزلن ڪري ڪيترائي پتڻ پورجي ويا. اوهان آڳاٽن ڪتابن ۾ پڙھيو هوندو ته درياءُ جيئرو پير آھي. سنسڪرت ۽ ھندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ درياءَ کي پاڻيءَ جو ديوتا سڏيو ويو آھي. ديوتا جڏھن ناراض ٿيندا آھن ته پوءِ ڇپ هڻي ويهي رهندا آھن.” پوڙھو ملاح ايئن چئي خاموش ٿي ويو. سامهون ڏيئا ٽمڪي رهيا هئا. انهن ڏيئن جي ڌنڌلي روشني سِير جي واريءَ تي پئجي رهي هئي، جنهن مٿان ايندڙ  ويندڙ ماڻھن جي لڳل پيرن جا نشان نظر اچي رهيا هئا. آڳاٽي وقت ۾ ڇوڙ وارن علائقن ۾ درياءَ جي گاج پئي پوندي هئي. ان جو شور پري پري تائين ٻڌبو هو. هاڻي اها دريائي گاج گم آھي. ڪيڏو نه ديس واسين لاءِ اهو گهرو زخم آھي!

اها حقيقت آھي ته درياءَ پنهنجو رستو پاڻ ڳولهيندا آھن. جڏھن انهن جي رستن تي رڪاوٽون کڙيون ڪيون وينديون آھن ته هو ڪاوڙجي پوندا آھن ۽ ڏڪار ڏيئي ڇڏيندا آھن. پوءِ انساني خوشيون ختم ٿي وينديون آھن. پتڻ تان درياءَ جي حالت ڏسي مون کي دل ۾ خيال آيو، جيئن هن پوڙھي ملاح جون خوشيون ختم ٿي ويون آھن. نه رڳو هن پوڙھي ملاح جون خوشيون پر هتي هاري ناري، مزدور، پوڙھن توڙي جوانن جون خوشيون موڪلائي ويون آھن.

رات آھستي آھستي ٿڌي ٿيندي ٿي ويئي. رات جو هر ويندڙ پهر ايندڙ پهر کان موڪلائيندو ٿي ويو. اسان به جهور ملاح کان موڪلائي ٿڌي واريءَ تي قدم رکندا ٻاهر بيٺل گاڏيءَ ڏانهن وڃڻ لڳاسين.