سنڌ ۾ وڌندڙ جنسي تشدد ۽ انھيءَ جا ڪارڻ

0
24
سنڌ ۾ وڌندڙ جنسي تشدد ۽ انھيءَ جا ڪارڻ

 ڪو به انساني گروھ جڏھن ڪجھ اڻ لکيل قاعدن ۽ قانونن  (اصولن) کي رضاڪارانه طور پاڻ تي نافذ ڪندو آھي ته انھيءَ کي سماج جا قدر يا روايتون سڏيو ويندو آھي. اھي روايتون اڳتي ھلي ڪنھن ھڪ سماج کي ٻين سماجن کان منفرد بنائي ڪا شڪل صورت عطا ڪنديون آھن. سماجي  قدر ۽ روايتون  اعتدال سان جيئڻ جا ڍنگ ڏسينديون آھن. ٻين لفظن ۾ ھڪ قسم جو سماجي توازن پيدا ڪنديون آھن. اسان جي سماج ۾ وقت به وقت رونما ٿيندڙ جيءَ کي جھوريندڙ لقاءَ، خاص ڪري وڌندڙ جنسي تشدد انھيءَ ڳالھ طرف اشارو ڪن ٿا ته اسان جو سماج تيزيءَ سان بدترين تنزل جي اونداھي کڏ ۾ ڪرندو پيو وڃي. ھن وقت سنڌ جي نوجوانن کي منشيات جو عادي بنايو ويو آھي ته جيئن سنڌي سماج جي سڃاڻپ کي مسخ ڪري، سندن ترقي کي ڇاٻ ڏني وڃي. انھيءَ پيدا ٿيل خطرناڪ  ھيجاني ڪيفيت جا مختلف سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي سبب ٿي سگھن ٿا، جن تي ساڃاه وندن کي قلم کڻڻ گھرجي.

                 اسين پنھنجي ماضيءَ تي نظر وجھنداسي ته معلوم ٿيندو ته  سنڌ اڳ ايئن نه ھئي، جيئن اسين اڄ ڏسون پيا. ماضي ۾ اسان وٽ  شرم حياءُ, سھپ، رواداري ۽ قومي غيرت جون شاندار روايتون موجود ھيون. ڪنھن به راڄ ڀاڳ ۾ نياڻي جو تقدس ڌرمي ڪتابن کان به سوايو ليکيو ويندو ھو. خاص ڪري نياڻيءَ کي ست قران سمجھيو ويندو ھو. قبيلن جي وچ ۾ ھلندڙ ويڙھ دوران جڏھن عورتون وچ ۾ ٽپي پونديون ھيون ته اڀيون ٿيل تلوارون ھيٺ ٿي وينديون ھيون. نياڻين جي اچڻ تي خون به بخش ٿي ويندا ھئا. ڪنھن ڳوٺ وٽان لانگھائو ٿيڻ مھل مٿي اگھاڙي ٿيڻ کي خراب سمجھيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ ته ڳوٺن ۾ ننگ رھندا ھئا. چور جڏھن گھرن مان کاٽ ھڻندا ھئا ته سڀ ڪجھ ٻُھاري کڻندا ھئا، سواءِ زائفاڻن ڪپڙن جي. جيڪڏھن ڪنھن اھڙي حرڪت ڪئي ته ان کي “نسين وڍيل چور” سمجھيو ويندو ھو ۽ سموري عمر لعنتاڻو سندس مقدر بنجي ويندو ھو. ننگن جو تحفظ انفرادي سان گڏ راڄن/ سماج جي گڏيل ذميواري پڻ ھوندي ھئي, تنھنڪري ڪنھن لچ لوفر کي ھمت نه ٿيندي ھئي ته ڪنھن نياڻي يا زائفان سان ھٿ چراند ڪري سگھي. سام جھلڻ، سامن تان سرڙا قربان ڪرڻ، اسان جي ماضي جي تاريخ جون شاندار روايتون رھيون آھن. ابڙي سمي جو تاريخي ڪردار اسان جي سامھون آھي. اسان وٽ ته ھي خيال به موجود ھو ته، “جي گولي ويندي گجرين، ته چونداء دودي ڀيڻ”.

سنڌ جي ماضي ۾ اھي به انسان ھئا، جيڪي ننگن تان نثار ٿي موت کي مات ڏئي تاريخ ۾ پنھنجو وارو وڄائي ويا. پر اڄ صورت حال ڳڻتي جوڳي حد تائين جنسي درندگي ۽ ڇِت ڪُتائي ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. ھن وقت سنڌي سوسائٽي اھڙي عبوري دور مان گذري رھي آھي، جتي اسان جي ڳوٺاڻي ڪلچر جي شھري ڪلچر طرف منتقلي ٿي رھي آھي، جنھنڪري اسان جو خانداني نظام (ڪٽنب) جو سرشتو پڻ متاثر ٿي رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته اسان جا اڪثر ڪٽنب ٻھراڙي واري پس منظر مان شھرن طرف منتقل ٿيل آھن، جيڪي اگرا نتيجا پڻ وقت به وقت سامھون اچي رھيا آھن. انھن کي مٿي ڄاڻايل پس منظر ۾ سمجھڻ گھرجي ته آخر ھي صورتحال ڇو پيدا ٿي آھي! انھيءَ جي سببن تي اسان جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي اڪابرن کي سوچڻ گھرجي. انھيءَ تبديل ٿيندڙ افسوسناڪ  صورتحال سبب اسان جي معاشري مان تھذيبي چڱايون آھستي آھستي ناپيد ٿينديون پيون وڃن، جنھن ڪري اسان جو معاشرو پنھنجي شاندار تاريخي سڃاڻپ وڃائي رھيو آھي.

انسان کي پنھنجي سماج جي تخليق لاءِ مختلف مرحلن/ڪيفيتن مان گذرڻو پيو آھي. جڳن جي انھيءَ ارتقائي تھذيبي سفر مان گذري حيوان ناطق انسان، مھذب پڻي جو تاج پنھنجي سر تي سجايو آھي. انسان جي زندگي ۾ خوف ھڪ اھڙي قوت رھي آھي، جنھن انسان جي اندر جي وحشي پڻي کي ڪنٽرول  ۾ رکيو آھي. خدا جو خوف، سماج جو خوف ۽ رياست جي قانون جي سزا جو خوف. مذھب، سماج ۽ رياست جي جڏھن گرفت ڪمزور ٿئي ٿي ۽ خوف جو عنصر ختم ٿي وڃي ٿو، تڏھن اسان جي سماج ۾ فاطمه ڦرڙو، يسرا بتول ۽ شبيران کوسو جھڙيون پاڪ دامن نياڻيون وحشي بگھڙن جي حوس جو نشانو بنجيو پون. اھڙي قسم جا جيءَ جھوريندڙ واقعا وقت به وقت رونما ٿي رھيا آھن ۽ اسان جو معاشرو حيوانيت ۽ درندگي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. ھاڻ ته نياڻين کان علاوه ننڍڙن ٻارن جا ريپ ٿيل   سربريده لاش پڻ ملن پيا. اسان جي بدقسمتي چئجي جو اسان جي نوجوانن جو ھڪ وڏو تعداد انٽرنيٽ جو منفي استعمال ڪري رھيو آھي، جنھنڪري اهو وقت کان اڳ جنسي ھيجان واري روڳ ۾ مبتلا ٿي چڪو آھي. سنڌ اندر ماضي جي روايتن جي ابتڙ پيدا ٿيل انھيءَ خوفناڪ صورت حال جو ھڪ سبب عدل ۽ انصاف جي عدم  دستيابي ۽ قانون جي ڪمزوي پڻ آھي. رياست پنھنجو ڪردار ادا نه ڪري رھي آھي. قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ڏوھارين ۽ مافيائن اڳيان بي وس بنجي چڪا آھن يا بنايا ويا آھن. ھن سموري صورتحال کي معاشي بدحالي جي پس منظر ۾ به ڏسڻ گھرجي. دولت جي غير منصفانه ورڇ ۽ ميرٽ جي لتاڙ سماج کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آھي. انھيءَ مايوسي واري پيدا ٿيل صورت حال سبب زندگي جي مختلف شعبن ۾، خاص ڪري نوجوانن ۾ ردعمل طور انتھا پسندي جنم ورتو آھي. اسان جي سماج ۾ ڪٽنب جي گرفت پڻ  ڪمزور ٿيندي پئي وڃي، جيڪو ماضي ۾ تعليم ۽ تربيت جو سگھارو غير رويتي ادارو ھوندو ھو، جتي گڏيل ڪٽنب واري سٽاءَ ۾ وڏڙا ۽ وڏڙيون پنھنجي نوجوان نسل جي اخلاقي تربيت ڪندا رھندا ھئا ۽ سندن فطري ضرورتن جي پورائي جو خوش اسلوبي سان بندوبست ڪندا ھئا. موجوده وقت ۾ اسان جي نوجوانن جو ھڪ وڏو حصو پنھنجي فطري خواھشن جي جائز طريقي سان پورائي نه ٿيڻ سبب جارحانه انداز اختيار ڪري رھيو آھي. انھيءَ جارحانه ردعمل جي ڪري ھڪ طرف اڄ جو نوجوان پنھنجي صحت تباھ ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف سمورو سماج متاثر ٿي رھيو آھي، جنھن جا ذميوار اسين سڀ آھيون.

جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته موجوده وقت جي معاشي تنگدستي سبب  صبح کان رات دير تائين معاشي سرگرمين ۾ مصروف خاندان جي وڏن وٽ پنھنجي نوجوانن کي وقت ڏيڻ جي گنجائش تمام گھٽ رھي ٿي، جنھن ڪري اولاد ۽ مائٽن وچ ۾ ھڪ ئي ڇت ھيٺ رھڻ باوجود خيالن جي ھڪجھڙائي نه رھي آھي. فڪر ۽ عمل جي اھا وڇوٽي اسان جي خانداني نظام تي اثرانداز ٿي رھي، جنھن سبب خاندان جا وڏا پنھنجي نوجوان نسل جي تربيت تي توجهه گھٽ ڏئي رھيا آھن. انھيءَ بدلجندڙ صورت حال سبب نوجوانن ۾ جيڪا  مايوسي ۽ ڇڙواڳي پيدا ٿي رھي آھي، تنھن جا اگرا نتيجا اسان جو سمورو سماج گڏيل طور ڀوڳي رھيو آھي. اسان کي انھيءَ سموري صورت حال جو سنجيده تجزيو ڪري ڪو حل اوس ڪڍڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسان کي وڏي نقصان کي منھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھڻ گھرجي.