عمران خان اڱاري کان وزيرآباد مان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جواعلان ڪري ڇڏيو

0
283

لاھور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڱاري کان وزيرآباد مان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي

شوڪت خانم اسپتال لاهور مان وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته وزيرآباد ۾ جنهن هنڌ اسان جو ڪارڪن معظم شهيد ٿيو هو، ان ئي هنڌ تان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو

عمران خان جو چوڻ آھي تھ لانگ مارچ کي اسپتال مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو رهندس، لانگ مارچ راولپنڊي پهچڻ بعد پاڻ لانگ مارچ جي قيادت ڪندس، مان پنهنجي ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم آهيان، پر پنهنجي مٿان ٿيل حملي جي هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرائي نه ٿو سگهان

 چيف جسٽس سينيٽر اعظم سواتي ۽ سندس گهرواري جي وڊيو ريڪارڊنگ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي

ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اعظم سواتي ۽ سندس گهرواري جي مبينا وڊيو ريڪارڊنگ واري معاملي جي جاچ لاءِ 14 رڪني پارلياماني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي

 اعظم نذير تارڙ، يوسف رضا گيلاني، غفور حيدري ۽ ٻيا ڪميٽي ۾ شامل، ڪميٽي جا ميمبر سربراهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو پاڻ ڪندا، سينيٽ چيئرمين پاران ڪميٽي کي 30 ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

سينيٽر اعظم سواتي گذريل ڏينهن پنهنجي ۽ گهرواري جي وڊيو ريڪارڊ ٿيڻ جو ذڪر ڪندي روئي ويٺو هو

ھي به پڙھندا

عمران خان تي قاتلاڻي حملي پٺيان مذهبي انتهاپسندي نظر اچي ٿي: خواجه آصف

عمران خان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ن ليگي اڳواڻ گرفتار

عمران خان جي حياتيءَ کي خطرا آهن: راڻا ثناءُالله