عمران خان تي قاتلاڻي حملي پٺيان مذهبي انتهاپسندي نظر اچي ٿي: خواجه آصف

0
237

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان تي قاتلاڻي حملي پٺيان مذهبي انتهاپسندي واري سوچ نظر اچي ٿي

هن چيو ته گرفتار ڪيل جوابدار جي اعترافي بيان وارين وڊيوز مان به اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي، تحريڪ انصاف واقعي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال پئي ڪري

دفاع واري وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جي خيريت لاءِ دعا گهرون ٿا، وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير ۽ فوج جي سينيئر آفيسر تي حملي جا الزام لڳائڻ جي مذمت ڪيون ٿا

هن چيو ته شهيد بينظير جو پٽ پرڏيهي وزير ۽ سندس مڙس ايم اين اي آهي، پر شهيد بينظير جي قتل بابت ڪيترن ئي سوالن جا جواب اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن

ھي به پڙھندا

عمران خان جي حياتيءَ کي خطرا آهن: راڻا ثناءُالله