شھيد اھلڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، ڌاڙيلن کي جلد ختم ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

0
309

ميرپورماٿيلو (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران شهيد اهلڪار جتوئي پتافي جي وارثن سان تعزيت ڪئي وئي آھي

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ  شهيد اهلڪار جتوئي پتافي  جي تڏي تي پهتو، آءِ جي سنڌ غلام نبي  ميمڻ ڳوٺ واڳڻي پهچي شهيد جتوئي پتافي جي وارثن سان تعزيت ڪئي

آءِ جي سنڌ تعزيت ڪرڻ بعد شهيد اهلڪار سليم چاچڙ جي وارثن سان تعزيت لاءِ اوٻاوڙو پھچندو، جتي سليم چاچڙ جي وارثن سان تعزيت ڪندو، آءِ جي سنڌ ميرپورماٿيلو ۾ موجود آھي

آءِ جي سنڌ جو چوڻ ھو تھ شھيد اھلڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، ڌاڙيلن کي جلد ختم ڪنداسين، پوليس اھلڪارن جون وڏيون قربانيون آھن، شھيدن جي وارثن کي اڪيلو نھ ڇڏيو ويندو

آءِ جي سنڌ شھيد اھلڪار سليم چاچڙ جي وارثن سان تعزيت بعد ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس پھچندو

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو حملو، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو حملو، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد، 3 زخمي