عمران خان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ن ليگي اڳواڻ گرفتار

0
279

ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ جي حافظ آباد جي اڳوڻي وائيس چيئرمين راءِ قمر کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي عمران خان کي ڌمڪيون ڏيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪندي راءِ قمر خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته قتل جي ڌمڪي ڏيندڙ کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، عمران خان کي ڌمڪيون ڏيندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي هدايت تي پنجاب پوليس مسلم ليگ ن حافظ آباد جي اڳوڻي وائيس چيئرمين راءِ قمر کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ن ليگ اڳواڻ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن پارٽي قيادت مون کي حڪم ڏي ته مان پاڻ عمران خان کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيندس

ھي به پڙھندا

عمران خان توهين عدالت ڪيس ملتوي ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

عمران خان تي قاتلاڻي حملي پٺيان مذهبي انتهاپسندي نظر اچي ٿي: خواجه آصف