سکر هاءِڪورٽ بينچ جي هڪ فيصلي کي جتي عوامي مڃتا ملي آهي اتي صوبائي حڪومت به ڏٺو ٿي آهي پر حڪومت ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سخت لفظن ۾ تبصرا ڪيا، جڏهن ته انهن کي غير ذميواري جو احساس ٿيڻ گهرجي ها. فيصلو ڇا هو؟ سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ رولو ڪتا پيدا ٿي ويا آهن اهي ڪتا روڊن تي گهمندا وتن ٿا اهي ماڻهن ۽ ٻارڙن تي حملا ڪري کين زخمي به ڪري ڇڏيندا آهن. سڄي سنڌ ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ انهن ڪتن جي حملن سبب ٻارڙا متاثر ٿيا آهن، لاڙڪاڻي ۾ ته شديد زخمي ٿيڻ سبب هڪ ٻار تازو ئي فوت ٿي ويو هو. هڪ ٻارڙي جي اک وڃائجي وئي. انهي کان اڳ ۾ به ڪيترائي ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن يا متاثر ٿيا آهن. اسپتالن ۾ دوا موجود ناهي هوندي جنهن ڪري والدين رلندا وتندا آهن. عدالتن بار بار تنبيهه ڪئي پوليس کي ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ميونسپل آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جون هدايتون به ڏنيون، بس رڳو ڪجهه شهرن ۾ ميونسپل آفيسرن خلاف ڪيس داخل ٿيا. گهوٽڪي ضلعي ۾ ته هڪ ميونسپل آفيسر پنهنجي ذاتي پستول سا فائر ڪري ڪتي کي ماري وڌو، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر کيس سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيو هو. ميونسپل جي هن معمولي ڪم لاءِ هاءِڪورٽ کي مداخلت ڪرڻي پئي، جڏهن ته ماضي ۾ميونسپل ادارا اهو ڪم ڪندا رهيا آهن. شهرن ۾ ڪتا گاڏي گهمندي هئي جتي رولو ڪتو نظر آيو عملو وڏي قينچي سان انهي کي پڪڙي پڃري گاڏي ۾ بند ڪندو هو. عدالت جي بار بار چٽاءُ تي وڏن آفيسرن ۽ حڪومتن سنجيدگي سان غور نه ڪيو. ها پر اهو ڪيو ويو جو هڪ ڳري رقم جيڪا 92 ڪروڙ رپيا هئي، صرف انهي لاءِ رکي وئي ته ڪتن ۾ ملندڙ ريبيز کي ختم ڪيو ويندو ۽ انهن جي نسل ڪشي ڪئي ويندي. انهي دوران اهو به ٻڌايو ته سنڌ ۾ 25 لک رولو ڪتا موجود آهن. ميونسپل ادارا اڻڄاڻ آهن ته اها ڳري رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي، پڪ سان سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جنهن وٽ ناڻي جو کاتو به آهي اهو ڄاڻندو هوندو. جڏهن رولو ڪتن ماڻهن جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي ته عدالت چيو ته جيڪڏهن رولو ڪتن کي قابو نه ڪيو ويو ته پوءِ انهي تڪن جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪندي انهن جي ميمبر شپ معطل ڪرائي ويندي، جتي ڪتا ماڻهن کي چڪ هڻندا. انهي تي به سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ڪتن جون وارداتون جاري رهيون، عام ماڻهو ئي متاثر ٿيندا رهيا عدالت آخرڪار لاڙڪاڻي جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر ۽ هڪ اقليتي ميمبر جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڏنو ۽ اسيمبلي سيڪريٽري کي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جي سڌي هدايت جاري ڪئي.
بس پوءِ ڇا، هڪ طوفان مچي ويو. فريال ٽالپر جو شمار حڪمران جماعت جي اڳواڻن ۾ ٿيندو آهي، هو آصف علي زرداري جي ڀيڻ آهي ،بلاول جي پڦي آهي ڀلا انهي خلاف فيصلو ڪرڻ جي ڪنهن کي ڪهڙي مجال. اهو فيصلو جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ڏنو هو جنهن کي اها ڌمڪي به ڏني وئي ته سندس گاڏي کي راڪيٽ هنيو ويندو. جواب ۾ جسٽس آفتاب جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اهو بيان وائرل ٿيو ته هو آزادا ڻي نموني سفر ڪندو آهي. جسٽس آفتاب جا ٻيا به ڪيترا فيصلا آيا آهن جن تي عمل سان عام ماڻهو کي فائدو ٿيو آهي يا ٿيندو. جسٽس آفتاب هڪ ٻئي فيصلي ۾ ريٽائرڊ سرڪاري ملازن کي انهن جي پينشن نه ملڻ جي صورت ۾ ڪابينا ميمبرن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. اهڙي طرح جا سخت فيصلا ئي حڪومت ۾ شامل وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي مجبور ڪري سگهن ٿا ته هو پنهنجون ذميواريون محسوس ڪن ۽ پوريون ڪن. مسئلو اهو آهي ته حڪومت ۾ ڪنهن به سطح تي عوام کي ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، انهي کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو مسئلو اهو آهي ته عدالتن جي حڪمن تي به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، آفتاب احمد لاڙڪاڻي جو وڪيل رهيو آهي انهي جا ناناڻا ۽ ڏاڏاڻا لاڙڪاڻي سان ئي تعلق رکن ٿا. هو پيپلز پارٽي جي ويجهو ايئن رهيو آهي جو اڳوڻو وزير مرحوم اياز سومرو سندس گهاٽو دوست هو، هو جج پوءِ مقرر ٿيو هو. پيپلز پارٽي اڳواڻ ته اهو ڳوليندا آهن ته ڪنهن ماڻهو مٿن تنقيد ڪئي آهي انهي جو شجرو معلوم ڪجي، آفتاب احمد جو شجرو ايئن معلوم ڪيو ويو جيئن ايوب خان جي دور ۾ اڳوڻي اولهه پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي جج ايم آر ڪياني جو شجرو معلوم ڪيو ويندو هو، ڇو ته هو حڪومت جي راءِ ۾ سندس غير قانوني حڪمن ۽ قدمن خلاف فيصلا ڪندو هو. جسٽس آفتاب تي راڪيٽ هلائڻ بدران ذهن استعمال ڪيو وڃي ته اصل خرابي ڪٿي آهي ۽ اها ڇو پيدا ٿي آهي ۽ انهي مان جان ڇڏائڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي. اسان جون حڪومتون ماڻهن جي بيوسي سان کيڏينديون آهن، ڇا اها گهٽ بيوسي آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي معصوم زخمي ٻار کي جهولي ۾ کڻي اسپتال اچي ۽ کيس ٻڌايو وڃي ته ڪتا ڏاڙهڻ کان بجاءِ واري ويڪسين ناهي. ڪتي جي چڪ کانپوءِ پهرين ڪم متاثر شخص کي ريبيز جا اثر ختم ڪرڻ واري انجيڪشن ڏني ويندي آهي. حڪومت ۾ موجود صاحبن وٽ وقت ئي ناهي جو عام ماڻهن جي باري ۾ سوچين. انهي ڪري ماڻهو وڪيلن جي خدمت حاصل ڪري يا عدالتون پاڻمرادو نوٽس وٺي عوامي ضرروتن جي گهرجن کي پورو ڪنديون آهن. عدالتون جيڪو چون ٿيون اهو غور طلب آهي صوبو يا ملڪ هلائڻ وڏيري يا چوڌري جي اوطاق هلائڻ ناهي، بلڪه انهي کي هلائڻ لاءِ باصلاحيت حڪمران گهرجن، جيڪي اعليٰ آفيسرن جي اشارن تي هلڻ بدران انهن کان ڪم وٺي ڄاڻين. ڪاش هن ملڪ ۾ ملڪ امير محمد خان ۽ جنرل اعظم خان جو دور واپس اچي يا انهن جهڙا بي غرض ماڻهو پيدا ٿين.
سنڌ ۾ طرز حڪمراني جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ڪيترا ڀيرا تنقيد ڪري چڪي آهي. سنڌ هاءِڪورٽ به هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سوال اٿاريا آهن. ڪيئي معاملن تي عدالتن حڪومت جو ڌيان ڇڪايو آهي پر حڪومت ۽ ان جي اعليٰ آفيسرن جي ڪن تي جونءَ ئي نه ٿي سري. انتظاميا جا آفيسر هجن يا پوليس يا ڪنهن ٻئي کاتي جا آفيسر هجن، انهن جي وڏي اڪثريت کي پيپلز پارٽي جي ڪنهن نه ڪنهن شخصيت جي سرپرستي حاصل آهي. آصف زرداري، بلاول زرداري، فريال ٽالپر ، وڏو وزير مراد علي شاهه وغيره وغيره. اعليٰ آفيسرن کانسواءِ انهن جي هيٺيان ڪم ڪندڙ آفيسرن جي به سرپرستي ڪندا آهن، جن کي سرپرستي ناهي ملندي پهريون ته انهن جي مقرري ناهي ٿيندي جڏهن سرڪاري آفيسر پسند جا هوندا ته انهن جي مقرري به اتي ٿيندي جتي پئسن جي برسات هجي.