ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن مبينا طور زهريلي شئي کائڻ سبب ٽن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻيل،والد پاران پوسٽ مارٽم کان انڪار، ٻارڙن جي والد جو چوڻ آهي ته زال ئي سندس ٻارڙن کي ماري انتقام ورتو آهي، رات ڊيوٽي تان گهر پهتس ته ڀاءُ ٻڌايو ته ٻارڙا فوڊ پوائزننگ سبب فوت ٿي ويا آهن، ڀلا ٽئي ٻارڙا فوڊ پوائزننگ سبب ڪيئن ٿا فوت ٿي سگهن، مون معاملو رب پاڪ تي ڇڏيو آهي، ٻارڙن جو پوسٽ مارٽم ڪرائي انهن جي روح کي تڪليف نٿو ڏيڻ چاهيان، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جي ڪمري ۾ اسپري پيل، معاملي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي..