ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ سانگھڙ روڊ تان ميرپورخاص واسي بلاول شيخ زخمي حالت ۾ مليو آھي، جنهن کي رستي ويندڙ ماڻهن اسپتال پھچايو، جتي سندس علاج ھلندڙ آھي، سندس کيس مان 27 ورھين جي ڪرپال ڀيل محمد خان جوڻيجو ڳوٺ واسي جو اين آئي سي ڪارڊ سميت پرس به مليو آھي، سندس ڀاءُ جو چوڻ آهي ته صبح گھران پنهنجي ڳوٺ ھنڱورنو وڄڻ لاء نڪتو ھو، پر اصل حقيقت سامهون اچي ناھي سگهي.