خريف جي مند پهرين اپريل کان شروع ٿي وئي آهي. هر خريف ۽ ربيع جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ارسا وارا پهرين فني ڪاميٽي جو ۽ تنهن کانپوءِ صلاحڪاري ڪاميٽي جو اجلاس گهرائيندا آهن. هن سال فني ڪاميٽي جو اجلاس ته ٿي ويو آهي پر اڃاN صلاحڪاري ڪاميٽي جو اجلاس نه ٿيو آهي. فني ڪاميٽي مان پاڻي اچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويندو آهي ۽ صوبن جي مختلف هنڌن تي پاڻي زيان ڪڍيو ويندو آهي تنهن کانپوءِ بچيل پاڻي صوبن ۾ ورهايو ويندو آهي. هن سال ايندڙ پاڻي جو ڪاٿو فني ڪاميٽي پاران 105 کان 112 ملين ايڪڙ فوٽ لڳايو ويو آهي رستي ۾ خريف جي مند ۾ 13 کان 18 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي زيان ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وري ڪوٽڙي کان هيٺ 12 کان 18 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ماحولياتي ضرورتن لاءِ هيٺ سمنڊ ۾ ڇڏيو ويندو. صوبن لاءِ ورهاست لاءِ 65 کان 69 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فراهم ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي . پهرين اپريل کان 30 جون تائين پاڻي کوٽ جو چيو ويو آهي. اهو پاڻي اڳواٽ خريف لاءِ آهي. 18 اپريل تي صلاحڪاري ڪاميٽي جو اجلاس سڏيو ويو آهي. اِنهيءَ اجلاس ۾ سڀني صوبن جا آبپاشي کاتي ۽ ايگريڪلچر کاتي جا سيڪريٽري ۽ واپڊا جو ميمبر هوندا آهن ، جيڪي ڪورونا سبب وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيندا ۽ صوبن ۾ پاڻي ورهاست جو فيصلو ٿيندو.
صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست:
سنڌ جا ارسا پاران صوبن ۾ ورهاست دوران ٻه مکيه اعتراض رهيا آهن. هڪڙو اهو ته پاڻي ورهاست ٺاهه جي شق مطابق ٺيڪ ٿئي جڏهن ته ورهاست ارسا پاران منظور ٿيل ٽي رخي فارمولي مطابق ڪئي وڃي ٿي جيڪا سنڌ جي حساب سان غلط آهي. ٻيو اعتراض اِهو آهي ته بلوچستان ۽ خيبرپختوانخوا صوبن کي پاڻي کوٽ کان آجو رکيو وڃي ٿو جڏهن ته پاڻي ٺاهه 1991ع موجب سڀني صوبن ۾ پاڻي کوٽ ۽ واڌ ۾ ورهائڻ کپي. جيڪڏهن ڪنهن سال پاڻي گهٽ آهي ته هر صوبو اوترو سيڪڙو پاڻي گهٽ کڻي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سال پاڻي وڌيڪ اچي ٿو ته هر صوبو اوترو سيڪڙو وڌيڪ کڻي. پر هر سال پاڻي ورهاست ۾ سنڌ جي اعتراض باوجود اِنهن ٻن ڳالهين جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي.
ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (C.C.I) جو رول:
هر ڪنهن صوبي ۽ وفاق کي ارسا ايڪٽ موجب اهو اختيار آهي ته جيڪڏهن ڪوبه صوبو يا وفاق ارسا جي فيصلي تي اعتراض رکي ٿو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي لکت ۾ پنهنجو اعتراض موڪلي، جنهن تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل فيصلو ڪندي ته اعتراض غلط آهي يا صحيح آهي. جيڪڏهن غلط آهي ته انهيءَ کي رد ڪندي ۽ جيڪڏهن صحيح آهي ته اُنهيءَ کي ٺيڪ ڪندي. اڃان تائين سنڌ حڪومت مٿين ٻن ڳالهين تي لکت ۾ اعتراض نه موڪليا آهن پر گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ سنڌ جي چيف منسٽر زباني چيو ته پاڻي ورهاست غلط آهي ۽ صوبن ۾ صحيح نموني ۾ پاڻي ورهايو وڃي. گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو چيئرمين وزيراعظم عمران خان آهي جنهن گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي گذريل اجلاس ۾ اِنهيءَ لاءِ پوءِ فيصلو ڪرڻ جو چيو ويو ۽ پاڪستان جي اٽارني جنرل کي اِنهيءَ باري ۾ رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو. پاڪستان جي اٽارني جنرل پنهنجي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي جيڪا سنڌ جي موقف کي صحيح سمجهي ٿي پر مصروفيتن جي ڪري اڃان تائين اِهو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. ٻين سببن ڪري گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو اجلاس ملتوي ٿيندو رهي ٿو.
ڇا فيصلو سنڌ جي حق ۾ ٿيندو؟
اِهو چئي نٿو سگهجي پر سنڌ سرڪار کي کپي ته پنهنجا ٻئي اعتراض لکت ۾ گڏيل مفادن جي ڪائونسل کي موڪلي، پر انهيءَ ڳالهه تي نظر رکڻ کپي ته پنجاب وارن سان ارسا به ٻڌل آهي، جنهن ڪري هو انهي ڳالهه کي ڦيرائيندا رهندا ته هيترن سالن تي اِهو عمل ٿيو آهي ۽ سنڌ وارن لکت ۾ به نه ڏنو آهي تنهن ڪري سنڌ جي اعتراضن جي ڪا حيثيت ناهي. وري اٽارني جنرل جي رپورٽ ۾ اهو لکيو ويو آهي ته هر سال ايندڙ پاڻي جو ڪاٿو لڳايو وڃي. جيڪڏهن هر سال ورهايل جيترو پاڻي اچي ٿو ته پاڻي ٺاهه 1991ع جي ٻي شق مطابق ورهاست ممڪن آهي؟. انهيءَ مان اِهو مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته جڏهن ورهايل پاڻي جيترو پاڻي هر سال نٿو اچي ته ورهاست ٺاهه جي ٻي شق مطابق ڇو ٿئي؟
اٽارني جنرل کي اها ڳالهه نه لکڻ کپندي هئي پر جڏهن اُنهيءَ اها ڳالهه لکي ڇڏي آهي ته فيصلو سنڌ جي مخالفت ۾ اچي سگهي ٿو.
مان سنڌ جي اُن وقت چيف منسٽر سيد قائم علي شاهه جي چوڻ تي لاهور ويس ۽ پنجاب جي آبپاشي کاتي وارن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ پنجاب وارن اعتراض واريو ته برابر پاڻي ٺاهه ۾ اِها ڳالهه آهي ته اِنهيءَ ورهاست لاءِ نوان ڊيم ٺهندا. سنڌ ۽ خيبرپختونخوا صوبي وارا ڪالا باغ ڊيم نٿا ٺهڻ ڏيڻ، جڏهن نوان ڊيم ئي نٿا ٺاهيا وڃن ته ورهاست پاڻي ٺاهه مطابق ڪيئن ٿي سگهندي، تنهن ڪري هنن پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 14 تي چيو آهي ته ورهاست صوبن ۾ شق نمبر 14 مطابق 1979ع -1982ع سالن ۾ کنيل پاڻي جي سراسري بنياد تي ٿيڻ کپي.
هونئن به انهن چيو ته پاڻي ٺاهه صوبن ۾ ورهايل پاڻي 114 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جنهن لاءِ 6 ملين ايڪڙ فوٽ جو ڪالاباغ ڊيم ۽ اِنهيءَ سان گڏ ڪو 6 ملين ايڪڙ فوٽ جو ڊيم ٺاهڻو پوندو. اڄ تائين آيل پاڻي 102 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو آهي، جڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ 6 ملين ايڪڙ فوٽ جو ٻيو ڊيم نٿو ٺاهيو وڃي ته پاڻي ته 114 ملين ايڪڙ فوٽ ٿو ٿئي، پوءِ ورهاست 117 ملين ايڪڙ فوٽ بدران 114 ملين ايڪڙ فوٽ جي بنياد تي ٿيڻ کپي.
گڏيل مفادن جي ڪائونسل ڪڏهن ٿيندي ۽ اِها ڪهڙي فيصلو ڪندي اُن جي اڳڪٿي ڪرڻ هينئر ڏکي آهي، تيستائين سنڌ وارن کي گهٽ پاڻي ملندو رهندو. الله سائين سنڌو درياهه ۽ سنڌ وارن کي محفوظ رکي. آمين.