اڄ علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي آهي، هن جي وفات کي 53 سال گُذري ويا آهن. اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، سندس ورسيءَ جي موقعي تي اسين کيس ياد ته ڪندا آهيون پر هن اسان لاءِ جيڪو اثاثو ڇڏيو ان کي هڪ ذميوار قوم طور سنڀالڻ ۾ ڪيترا سنجيده ثابت ٿيا آهيون؟ ان سوال تي ڪڏهن به سوچڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي!
سنڌ يونيورسٽي ته اڳ ۾ ئي وجود ۾ اچي چُڪي هئي پر علامه آءِ آءِ قاضي کي ان جو فائونڊر يا باني اُن ڪري چيو ويندو آهي جو اڄ ڄامشوري جي پٿريلي سرزمين تي جيڪي به تعليمي ادارا آهن اهي سڀئي انهي ڏاهي انسان جي سوچ، ڏاهپ ۽ جدوجهد جو نتيجو آهن. انهي ماڻھوءَ جيڪو خواب ڏٺو ان جي تعبير لاءِ ثابت قدميءَ سان جدوجهد ڪئي ۽ اڄ اسين ان عظيم انسان جي محنتن جي ثمر جو فائدو وٺي رهيا آهيون. اهڙا ماڻهو مرڻ کان پوءِ به پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري زنده رهندا آهن.
مون کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هي شعر ڏاڍو وڻندو آهي،
“هونئن ته هر ڪنهن ٻار ۾ مهڪي پئي مڻيا،
پر جيڪي سنڌ ڄڻيا تن جي مٽ ڪين ڪو”
علامه آءِ آءِ قاضي ۽ اهڙن ٻين عظيم انسانن ۽ ڏاهن اسان لاءِ جيڪو اثاثو ڇڏيو آهي اسين انهن اثاثن کي سنڀالڻ ۾هڪ ذميوار قوم طور ڪيترا ثابت قدم يا ڪامياب ٿيا آھيون؟ هي تمام وڏو ۽ اهم سوال آهي، جنهن تي نه رڳو سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي پر اسان کي پنهنجي ڪردار جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪرڻ گهرجي.
ننڍي کان ننڍو ادارو ٺاهڻ ۾ به تمام وڏي رٿابندي، محنت ۽ جذبن جي سچائي درڪار هجي ٿي، جن ماڻهن صدين جي سوچ رکي ايڏا وڏا وڏا ادارا ٺاهيا انهن ڪيتري محنت ۽ جدوجهد ڪئي هوندي!؟ ايمانداريءَ سان سوچي ڏسو. ٻئي طرف سوال اهو آهي ته اسان انهن ادارن کي رڳو سنڀالڻ ۾ ذميوار ثابت ٿي سگهيا آهيون؟ اهو سوال اسان مان هر ان ماڻهوءَ کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڄامشوري ۾ موجود علمي ادبي ادارن سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ جيڪڏهن اسان جو جواب “نه” ۾ آهي ته پوءِ ٻيو سوال اهو ٿو اُڀري ته انهي کان وڏي اسان جي ٻي ڪهڙي بدنصيبي ٿي سگهي ٿي.
 سنڌ  وسيلن توڙي ادارن جي حوالي سان ته ڏاڍي شاهوڪار آهي پر گورننس ۽ انتظامي حوالي سان ڪافي پوئتي آهي، اسان ڳالهيون ڀلي ڪيتريون به وڏيون ڪيون پر عملي طور اسان جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي. معاملا بگاڙ جي عروج تي پهچي ويا آهن ۽ ادارن ۾ موجود توڙي انهن کي انتظامي ڪنٽرول رکندڙ ڌُريون ان حد تائين غير سنجيدگي جو شڪار آهن جو قانون جي حڪمراني وارو تصور ئي ختم ٿي ويو آهي. اڳتي ۽ بهتريءَ ڏانهن وڌڻ بجائي تيزيءَ سان پوئتي وڃي رهيا آهيون، جڏھن معاملا ميرٽ ۽ انصاف بجائي پنهنجا نواز پاليسين تي هلندا ۽ ڪير به ڪنهن کان پڇڻ وارو نه هوندو ته ادارا ڪيترا به وڏا هجن انهن مان لاڀ حاصل ٿيڻ بند ٿي ويندو. ادارا جن محنتن، جدوجهدن ۽ قربانين سان ٺهيا آهن انهن جو اسان وٽ ادراڪ به ناهي، اسين ته خوشنصيب آهيون جو اسان کي ڪافي ڪجھه ٺهيل ٺُڪيل مليو آهي، اسان کي ڪا وڏي جدوجهد ڪرڻي ناهي پئي اسان کي رڳو ادارن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻيون آهن ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداريءَ سان ڪري صحيح معنيٰ ۾ ذميوار ثابت ٿيڻو آهي.
هر اداري جي جوڙ جڪ پويان تمام وڏا ۽ سٺا مقصد هوندا آهن، جيڪڏهن اسان جي غير ذميوارين سبب اهي مقصد حاصل نه ٿا ٿين ته ادارن جو وجود ڀلي برقرار رهي پر اهي ڪجھه ماڻهن کي پالڻ کان سواءِ ڪو به لاڀ نه ٿا ڏئي سگهن.
دنيا ۾ لاتعداد مثال موجود آهن، وڏن مقصدن سان ٺاهيل ننڍڙا ادارا به اڄ مڃيل ۽ مثالي ادارن جي حيثيت ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺا آهن ۽ جن ماڻهن ذميوار قوم طور انهن ادارن جي بهتري لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي اهي پنهنجن ادارن تي فخر ڪري رهيا آهن. انهي تناظر ۾ اسان کي پنهنجن ادارن ۽ پنهنجي ڪردار تي نظر وجهڻ گهرجي ته اسين ڪٿي ۽ ڪهڙي صورتحال ۾ بيٺا آهيون!؟
اسان وٽ ڀلي هر سوال جو جواب هجي، ڀلي اسان وٽ انهن سڀني ڳالهين کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجو موقف ۽ فلسفو هجي پر حقيقتن کي پٺي ڪيئن ڏئي سگهبي، غلط کي صحيح ڪيئن ثابت ڪري سگهبو، پنهنجن مفادن لاءِ غلط روايتن کي مروج طريقه ڪار جو نالو ڏئي ان کي انصاف جي گهرجن مطابق ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي. پنهنجن غلط مفروضن کي ڪهڙو به نالو ڏيون پر حقيقت ۾ غلط هر حال ۾ غلط آهي ۽ ڪا به غلط روايت ۽ غلط ڪم صحيح واري خاني ۾ فِٽ ٿي نه ٿو سگهي.
جنهن زماني ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ڄامشوري جي ڀڙڀانگ ۽ ويران جابلو علائقي ۾ تعليمي ادارو قائم ڪرڻ لاءِ سوچيو ان وقت سهولتون ڪيتريون هيون؟ اڄ جي ڀيٽ ۾ ان وقت بنھه گهٽ سهولتن جي باوجود وڏا وڏا ڪم ٿيا، حيرتناڪ حد تائين ادارن جي جوڙ جڪ ٿي، هن دور ۾ اسين انهن ٺهيل ٺُڪيل  ادارن کي فضيلت سان هلائي به نه سگهون ته اها ڪيتري ته افسوسناڪ ڳالھه هوندي.
گذريل هفتي پنهنجي ڪالم ۾ مون ڊاڪٽر طارق بنوري جي ڊاڪٽر پرويز هودبائي سان ڪيل ڳالھه ٻولهه ۾ هائر ايڊيوڪيشن جي صورتحال جو ذڪر ڪيو هو، اڃان تائين منهنجي ذهن مان اها ڳالھه نه ٿي نڪري ته اسان جي تعليمي معيار جي اها صورتحال وڃي بيٺي آهي جو پي ايڇ ڊي ٿيل ماڻهن جي اڪثريت وٽ پنهنجي سبجيڪٽ جي صحيح ڄاڻ ناهي! اها صورتحال حقيقت ۾ اجتماعي خودڪشي جهڙي آهي ۽ انهي صورتحال ۾ اسين پنهنجي قومي تشخص کي ڪيئن برقرار رکي سگهنداسين!؟
تازو وفاقي حڪومت هائرايڊيوڪيشن ڪميشن جي خودمختياري کي ختم ڪري ان کي وفاقي وزارتِ تعليم جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، پهريان ته ڪجھه ڌرين چيئرمين ايڇ اِي سي کي هٽائڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي ساراهيو پئي پر هاڻي وري ساڳيون ڌُريون ايڇ اِي سي جي خودمختياري کي ختم ڪرڻ واري تازي آرڊيننس جي مخالفت ڪري رهيون آهن.
منهنجو ايمان آهي ته جن ملڪن توڙي قومن پنهنجي تعليم کي بچائڻ، معيار کي قائم رکڻ ۽ تعليمي ادارن کي ميرٽ ۽ انصاف سان هلائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي انهن جي حالت ڪڏهن به بهتر ٿي نه ٿي سگهي. آئون ٻيهر اها ڳالھه واضح ڪندو هلان ته ادارن جو وجود قائم رهڻ ڪافي ناهي پر انهن مان گهربل مقصد حاصل نه ٿا ٿين ته انهن جو فائدو صرف ڪجھه ماڻهن کي ملي سگهندو، ملڪ، قوم ۽ سماج جي مجموعي بهتريءَ لاءِ انهن ادارن جو ڪو به ڪردار نه هوندو.
آئون پنهنجي ڳالھه کي سميٽيندي اها التجا ڪندس ته پنهنجي آئيندي، پنهنجي قومي تشخص ۽ پنهنجن نسلن کي بچائڻ لاءِ پنهنجن ادارن خاص ڪري تعليمي ادارن کي بچائڻ لاءِ ايماندار، حقيقت پسند، ذميوار ۽ فرض شناس ٿيڻ گهرجي، مفادن کان مٿانهون ٿي ذميوار ٿي پنهنجن فرضن جو پورائو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ذميوار نه ٿياسين ته اسان جي نااهلين جا نتيجا اسان سان گڏ اسان جا ايندڙ نسل به ڀوڳيندا.