ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم عمران خان اهو بيان ڏنو ته لڄالٽ جي واقعن جو سبب عورتن جو لباس آهي، پاڻ ان ڏس ۾ پردي جو به حوالو ڏنائين، ان بيان کانپوءِ نه رڳو پاڪستان پر باقي دنيا ۾ به پاڪستان جي وزير اعظم جا خيال بحث هيٺ آيا ۽ ان سوچ کي نه رڳو کل جوڳو پر افسوسناڪ قرار ڏنو ويو. سوشل ميڊيا ۽ رواجي ميڊيا ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن، خاص ڪري انساني حقن سان تعلق رکندڙ ملڪ واسين ان سوچ کي رد ڪيو ته وزير اعظم ملڪ جو سربراهه هوندي قانون ۽ انصاف جي نظام کي سگهارو ڪرڻ ۽ عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوهن تي ڪنهن شرمساري جو اظهار ڪرڻ بدران عورت سان ٿيندڙ ان سنگين ڏوهه جو ذميوار به عورتن کي ئي قرار ڏئي ڇڏيو. ڪيترن ئي ماڻهن اهو پڻ سوال اٿاريو ته گذريل حڪومت خلاف اسلام آباد ۾ چئن مهينن تائين هلندڙ سندس ڌرڻي ۾ ڪيتريون ئي عورتون سرگرمي سان حصو وٺنديون هيون ۽ اتي شام جي وقت ٿيندڙ ميوزڪ ۽ ڊانس پروگرامن ۾ به سرگرم هونديون هيون، اهو ساڳيو شخص جڏهن حڪومت ۾ اچي عورتن جي عزت جي تحفظ بجاءِ کين لباس ۽ پردي جون ڳالهيون ٻڌائي ته معنيٰ مسئلو سوچ جو آهي. هتي وزير اعظم صاحب يا سندس ساٿين جي ذاتي زندگي جو حوالا ڏيڻ نامناسب ٿيندو، تنهنڪري بحث جو مرڪز انهن حقيقتن کي بڻايون ٿا جيڪي پاڪستان ۾ عورتن جي زندگي بابت پڌري پٽ نظر اچن ٿيون.
وزير اعظم جي بيان کانپوءِ رڳو هفتو اڳ ورلڊ اڪنامڪ فورمپ اران دنيا ۾ عورتن جي صورتحال جي حوالي سان ملڪن جي درجي بندي واري فهرست جاري ڪئي وئي، ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان عورتن جي حوالي سان دنيا جي 156 خراب ملڪن مان 153هين نمبر تي آهي، رڳو افغانستان، عراق ۽ يمن ان ڏس ۾ پاڪستان کان وڌيڪ خراب صورتحال ۾ آهن، ساڳي رپورٽ موجب ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان سواءِ افغانستان جي باقي سمورن ملڪن کانپوءِ پٺتي آهي، ان خطي ۾ بنگلاديش پهرين نمبر تي آهي، جيڪو عالمي فهرست ۾ 156 ملڪن مان 59هين نمبر تي آهي، ياد رهي ته بنگلاديش اڌي صدي اڳ پاڪستان کان ڌار ٿيو هو ۽ ان جا صنفي توڙي معاشي اهڃاڻ پاڪستان کان گهڻا بهتر آهن، بنگلاديش ۾ ليبر فورس ۾ 36 سيڪڙو عورتون متحرڪ آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح رڳو 20 سيڪڙو آهي. ان کي ملڪ جي معاشي ڪارڪردگي سان هن ريت ڳنڍي سگهجي ٿو ته بنگلاديش جي سالياني 33 ارب ڊالر(ڪووڊ کان اڳ 38 ارب ڊالرز) جي ايڪسپورٽس جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي سالياني ايڪسپورٽس جو ملهه رڳو 22 ارب ڊالر آهي.
جڏهن وزير اعظم عورتن سان ريپ ڪيسز جي ذميواري عورتن جي لباس تي وجهي ٿو ته کيس ياد نٿو اچي ته هن ملڪ ۾ ٻن ۽ چئن سالن جي معصوم ٻارن سان زيادتيون ٿين ٿيون، 13 نومبر 2020ع ۾ روزاني دي نيوز ۾ هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ڇهن سالن اندر پاڪستان ۾ لڄالٽ جا 22 هزار واقعا پيش آيا، جن مان رڳو 77 ڪيسز ۾ مجرمن کي سزا آئي، جيڪو رڳو 0.3 سيڪڙو آهي، جنهن ملڪ ۾ عورتن سان لڄالٽ ڪندڙ قانون ۽ انصاف جي پڪڙ کان آجا هوندا، اتي عورت جا ڪپڙا ڪهڙا به هجن، اها ان درندگي جو شڪار ٿيندي رهندي. وزير اعظم کي ان مان اندازو لڳائڻ گهرجي ته ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جو نظام عورتن جي عزت ۽ زندگي کي تحفظ ڏيڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي. ملڪ جي سربراهه طور سندس ذميواري عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اڳڀرايون ڪرڻ هئڻ گهرجي. وزير اعظم جي روش لاهور جي سي سي پي او واري آهي، جنهن موٽر وي تي عورت جي لڄالٽ واري واقعي تي رد عمل ۾ چيو ته اها عورت رات جو دير سان اڪيلي ڇو نڪتي؟، يعني قانون ڏوهارين تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ لاقانونيت جي شڪار ٿيل شهري کي ان صورتحال لاءِ ذميوار قرار ڏئي رهيو هو. وزير اعظم صاحب به بلڪل ساڳيو رويو اختيار ڪندي عورتن جي لڄالٽ جو ذميوار سندن لباس کي ڏئي ڄڻ ڏوهارين جي ڌر بڻيو.
اسريل ملڪن ۾ عورتون ڪهڙو لباس ٿيون پائين جي بجاءِ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو آهي ته قانون ڪيئن ٿو عورتن جي وجود ۽ حقن جي حفاظت ڪري. اسان وٽ جيئن ته مرد اڃان تائين عورتن کي بازار جي وکر کان وڌيڪ اهميت نٿو ڏئي، تنهن ڪري هو عورتن کي هڪ جيئري جاڳندي انساني وجود جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، 2017ع ۾ وومين پيس اينڊ سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 153 ملڪن مان 150هين نمبر تي رکيو ويو، جاج ٽائون انسٽيٽيوٽ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايوو يو ته 73 سيڪڙو مرد عورتن جي گهر کان ٻاهر نڪري ڪم ڪرڻ کي ٺيڪ عمل نٿا سمجه. ۽ 27 سيڪڙو عورتون گهر اندر ويجهن مردن هٿان تشدد جو نشانو بڻجن ٿيون، تصور ڪيو ته جيڪي مرد ان راءِ جا آهن ته عورت کي ٻاهر نڪري ڪم ئي نه ڪرڻ گهرجي، اهي عورتن سان گهر کان ٻاهر پيش ايندڙ مسئلن بابت ساڻن ڪيتري همدردي رکندا هوندا. اهي ئي مرد آهن جيڪي اسيمبلين ۾ به پهچن ٿا، ٿاڻن تي به پوليس عملدار بنجڻ ٿا ۽ انصاف ڏيندڙ ادارن ۾ به موجود آهن، ايڏي شديد تعصب واري حالت ۾ اهي مرد سماج ۾ عورتن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندا هوندا. ڪهڙي اداري ۾ گهر کان ٻاهر ڪم ڪندڙ عورتن کي تحفظ ۽ انصاف ملي سگهندو، خود انصاف ڏيندڙ ادارن ۾ اها صورتحال آهي ته اڄ تائين پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪابه عورت جج نه ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا عورت اڄ تائين اٽارني جنرل ٿي سگهي آهي. قانون واري وزارت موجب سيپٽمبر 2020ع ۾ ملڪ ۾ 113 هاءِ ڪورٽ ججز مان رڳو 6 عورتون هيون ۽ سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز اندر 198 ميمبرن مان رڳو 6 عورتون هيون. انصاف ڏيندڙ ادارن ۾ ايتري ڪمزور نمائندگي هوندي عورتن جي مسئلن کي ڪيتري همدردي حاصل ٿيندي. عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ ورتاءُ سبب عالمي برادري ۾ پاڪستان لاءِ ڪو چڱو اميج ناهي. حڪومتون ۽ معاشرو ٻئي ڪمزور طبقن سان مختلف شڪلين ۾ تعصب وارو رويو رکن ٿا ۽ سڀ کان خراب صورتحال ان وقت پيدا ٿئي ٿي جڏهن معاشري جي تعصب کي سرڪار جي حمايت حاصل هجي. پاڪستان ۾ عورتن سان نه رڳو سماج تنگ نظر حلقا ٻيائي ڪن ٿا پر حڪومت جي ڍانچي جو رويو به ساڻن همدردي وارو ناهي. وزير اعظم جو بيان به ان ئي روايتي مرداڻي ذهنيت جو اولڙو آهي، جنهن اندر عورتن لاءِ تعصب ڀريل آهي.