ڪالھه سومر 12 اپريل تي “گڏيل مفادن جي ڪائونسل” جو اجلاس ٿيو جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 2017ع جي آدمشماري بدران ھلندي سال آخر ۾ يا ايندڙ سال نئين آدمشماري ڪرائي ويندي. ان اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه فيصلي جو مخالف ھو جڏھن ته گھڻائي ان فيصلي جي حق ۾ ھئي. مخالفت ڪرڻ کي آئيني حق سڏيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اھو سنڌ جو آئيني حق آھي ته اھا مخالفت ڪري سگھي ٿي.
آدمشماري ٻيھر ۽ وقت کان اڳ ڇو پئي ڪرائي وڃي، ان جا ڪھڙا ڪھڙا اثر پوندا ۽ آدمشماريءَ کان اڳ ڪھڙين سياسي پارٽين کان وڌيڪ ڪم وٺڻ لاءِ ان کي بليڪ ميلنگ لاءِ ڪتب آڻي سگھبو؟ جھڙا سوال ان فيصلي جا بنياد آھن، پر اچو ته چئن مھينن ۾ ان جو پسمنظر ڏسون:
ڪابينا پاران آدمشماري ظاھر ڪرڻ جو اعلان:
22 ڊسمبر 2020ع تي وفاقي ڪابينا 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جا انگ اکر ظاھر ڪرڻ جي منظوري ۽ اعلان ڪيو. ان خبر سان گڏ اھا ڳالھه به سامھون آندي ويئي ته ايم ڪيو ايم ان فيصلي کي نه قبوليندي، ڇوته، 2017ع جي آدمشماري درست نموني ناھي ڪئي ويئي. وفاقي وزير امين الحق اعلان ڪيو ته ھو عمران سرڪار جي خاص ڌر آھن، جي ڳالھه نه مڃي وئي ته پنھنجو احتجاج ڪندا. ڪابينا جي فيصلن جي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري اڳوڻي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ھر گھڙي حالتون بدلجن ٿيون تنھن ڪري ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي ته ھاڻي آدمشماري 10 بدران ھر ٽئين سال ڪرائي ويندي.
پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ملاقات:
31 ڊسمبر تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ تاج حيدر جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ وفد ايم ڪيو ايم جي بھادرآباد واري آفيس پھتو ۽ مختلف ڳالھين ۽ گڏيل مفادن جي آھر گڏيل سياست ڪرڻ جي راءِ رکي. ان اجلاس کانپوءِ، سينيٽر تاج حيدر پريس سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سان ظلم آھي ۽ 14 ملين يا ھڪ ڪروڙ 40 لک آبادي جا انگ گھٽايا ويا آھن.
تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ملاقات:
ان اجلاس کانپوءِ ٻئين ڏينھن سنڌاسيمبلي ۾ تڏھوڪي مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي سربراھيءَ ۾ ھڪ وفد عمران خان جو نياپو کڻي پھتو. اجلاس ۾ اھي ئي ڳالھيون ٿيون جيڪي پيپلزپارٽي سان ڪيون ويون ھيون تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم معاھدي جو پھريون شرط:
سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته اسان تحريڪ انصاف کي اھا ڳالھه ياد ڪرائي ته تحريڪ انصاف جي سرڪار سان ايم ڪيو ايم جي معاھدي جي پھرئين شرط کي پاڻي ڏنو وڃي، اھو پھريون شرط ھو ته وفاقي سرڪار 2017ع ۾ ٿيل ڇھين آدمشماري رد ڪري نئين آدمشماري ڪرائيندي. ڪالھه سينيٽر سبزواري وفاقي سرڪار جو ٿورو مڃيو جنھن ايم ڪيو ايم جي ٽن مان ٻه نُڪتا قبول ڪيا آھن. ھن چيو ته اسان گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي فيصلي جي پھريداري ڪنداسين.
آدمشماري جي پٺيان ڇا آھي؟
سنڌي ماڻھو ھميشه چوٽون کائيندا آيا آھن، ان ڪري ماضيءَ جي ڪنھن به پسمنظر ۾ اڄوڪا فيصلا پاڻ سان گڏ ھڪ درد کڻي اچن ٿا. جنھن ڪري پھرين سٽ سان سنڌي عوام انھن فيصلن کي شڪ جي نظر سان ڏسي ٿو. پر آدمشماري ۾ سنڌ صوبي جو موقف ۽ ايم ڪيو ايم جو موقف يڪسر مختلف آھي. پر ٻئي رڳو ان نڪتي تي ھڪجھڙا آھن ته آدمشماري جا انگ درست ناھن.
حيرت انگيز طور سنڌ سرڪار، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي گڏ نه ھوندي به هڪ نُڪتي تي گڏ آھن ته آدمشماري درست ناھي ٿي. پر ٽنھي جا مقصد ۽ بنياد الڳ الڳ آھن.
سنڌ سرڪار جڏھن چئي ٿي ته انگ اکر درست ناھن ته ان جو مقصد آھي ته درست انگن وسيلي ھو وسيلن جي ورڇ ۾ پنھنجو حصو درست نموني حاصل ڪري سگھن. جڏھن ته ايم ڪيو ايم جو مقصد سنڌ ناھي رڳو ڪراچي شھر آھي. جنھن لاءِ سندن خيال آھي ته ڪراچي سڄي ملڪ کي پالي ٿو، تنھن ڪري انھن جي آبادي کي درست ڏيکاري وسيلن توڙي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن کي وڌايو وڃي. ايم ڪيو ايم جي انھن مقصدن سان گڏ جماعت اسلامي جو رنگ به شامل آھي. جماعت اسلامي سمجھي ٿي ته ڪراچي… ڪراچي ۽ ظلم …ظلم جون دانھون ڪري ھو ڪراچي جي ماڻھن جي دلين ۾ گھرُ ڪري سگھندا ۽ باقي پارٽيون پوئتي رھجي وينديون.
جيڪڏھن (بقول اسد عمر جي) آدمشماريءَ جي تياري ھن سال سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ شروع ڪئي ٿي وڃي ته اھا اپريل 2023ع تائين ظاھر ٿي سگھندي. ان جو مطلب ھي آھي ته ايم ڪيو ايم ان سموري عرصي ۾ ڪابه دانھن ڪُوڪ نه ڪري سگھندي ۽ پنھنجو اتحادي ساڻ رکي سگھندي. ان حساب سان سنڌ سرڪار جا ايم ڪيو ايم سان گڏ ھلڻ جا رستا ٻن سببن جي ڪري بند ٿي ويندا. ھڪ ته ايم ڪيو ايم (الطاف حسين کانسواءِ) ان ساڳئي رستي تي پئي ھلي، جنھن تعصبي رستي تي ھلڻ کي سنڌي ماڻھو سٺي نظر سان نه ڏسندا آھن. ٻيو ته، اھو ٻنھي پارٽين جي حق ۾ آھي ته ھڪٻئي جا نسلي مخالف ھجن ۽ پنھنجا پنھنجا ووٽ کڻي سگھن.
انھن ٻنھي سببن کي ٻئي پارٽيون ساڻ ته کڻن ٿيون پر انھن کان اھا ڳالھه وسري وڃي ٿي ته اليڪشن کان اڳ آدمشماري، حدبنديون ۽ نتيجا ڪنھن جي به وس ۾ ناھن ھوندا. رات پيٽ ۾ وزيرستان جا ايم اين اي ڪراچي ۾ چونڊجندي ڀلا ڪنھن وساريا آھن.
آدمشماري جنھن جي طريقي ۽ نتيجن گڏ ڪرڻ واري سرشتي ۾ ڪيئي جھول ۽ چُڪون ھيون، انھن کي پري ڪرڻ ۽ اھي چُڪون ڪرڻ وارن کي سموري سرشتي کان پري ڪرڻ جي ڪنھن وٽ نه گنجائش آھي ۽ نه وري نيت آھي. جنھن ڪري ، ان آدمشماري ھلندي سياسي پارٽين وٽ ھڪ حدبنديون اھم ھجن ٿيون ٻيو سندن ووٽرن جي رجسٽريشن. پر ان آدمشماري ھلندي جيڪڏھن، سنڌ ۾ ھڪ ڪروڙ کان مٿي غيرقانوني پرڏيھي به ظاھر ڪيا ويا ته پوءِ سنڌ اسيمبلي توڙي قومي اسيمبلي ۽ ٽي ورھين کانپوءِ سينيٽ تي جيڪا اُگرا اثر ظاھر ٿيندا تنھن کان ڪير به ڪنھن کي نه بچائي سگھندو.
23 اربن رپين جي سيڙپ سان ستين آدمشماري جو جيڪو اعلان ڪيو ويو آھي، ذاتي طور اھا ٿيندي محسوس ته نه ٿي ٿئي، پر سنڌ جي ڌار ڌار ٻولين واري سياست لاءِ ھڪڙو نئون موضوع سامھون اچي ويو آھي، جنھن تي ڪجھه وقت گذران ٿي سگھندو. پر جي منھنجو خيال غلط آھي ته ان حوالي سان سنڌ سرڪار لاءِ نئون چئلينج سامھون اچي ويو آھي، جڏھن ته سنڌي ماڻھو ، انھن جون پارٽيون ۽ انھن جا ھوم ورڪ پڻ وڏو چئلينج بڻجي سامھون ايندا.