آدمشماري نتيجا به سياسي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش

0
490

پي ٽي آءِ سرڪار اقتدار۾ اچڻ کانپوءِ وفاقي ايڪاين کي گڏ کڻي هلڻ بدران سدائين اهڙا فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن کي زبردستي صوبن تي مڙهڻ چئجي ته غلط نه ٿيندو.پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ته تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي ۽ بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ جي اتحادين جي حڪومت آهي تنهن ڪري اتان ڪا اهڙي خاص مخالفت نه ٿي اچي پر سنڌ واحد صوبو آهي جتان ڪنهن به معاملي جي مخالفت کي سياسي سمجهي سدائين نظرانداز ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته کوڙ اهڙا معاملا به سامهون آيا آهن جن ۾ بلوچستان به سنڌ سان متفق نظر آيو، جن ۾ خاص ڪري اين ايف سي لاءِ جاري ڪيل ٽي او آرز هئا جيڪي بعد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مخالفت سبب واپس ورتا ويا .ايئن ئي ٻيٽن وارو معاملو هو جنهن تي ويٺي ويٺي وفاقي حڪومت اهڙو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو جنهن جي سنڌ ۽ بلوچستان مخالفت ڪئي.آرڊيننس تحت اٿارٽي ٺاهي ٻيٽ جيڪي آئيني طور صوبن جي ملڪيت آهن اهي وفاق قبضي ۾وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سخت ردعمل اچڻ کانپوءِ وفاق کي پوئتي هٽڻو پيو پر اڃان تائين اها ڪوشش جاري آهي ته ڪيئن به ڪري اهي ٻيٽ وفاق جي هٿ وس هجن. اهڙي طرح کوڙ اهڙا معاملا آهن جيڪي صوبن سان گڏجي اڳتي وڌڻ جا گهرجائو آهن پر وفاق ايئن ڪرڻ بدران اڪيلي سر فيصلا ڪري ٿو ڇڏي .
آدمشماري به اهڙو ئي هڪ اهم معاملو آهي جيڪو گهڻي وقت کان وٺي حل نه ٿي رهيو آهي ،2017 ع ۾ ٿيل آدمشماري تي سنڌ حڪومت کي کوڙ اعتراض آهن ۽ سي سي آءِ ۾ انهن اعتراضن کي حل ڪرڻ جي ڪُوشش ڪئي وئي سنڌ بار بار پنهنجون اعتراض سامهون آندا جنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته 5 سيڪڙو بلاڪس ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرائي ان جي بنياد تي اهو معاملو حل ڪيو ويندو پر وفاقي حڪومت انهي سي سي آءِ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ بدران ڪالهوڪي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ بدران اڪثريتي راءِ سان انهي آمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏئي ڇڏي، توڙي جو سي سي آءِ کي اهو اختيار آهي ته جيڪڏهن مسئلو اتفاق راءِ سان حل نه ٿئي ته پوءِ اڪثريت راءِ سان فيصلو ڪري سگهجي ٿو،پر سي سي آءِ ۾ معاملا ئي اهڙا هوندا آهن جيڪي صوبن جا صوبن سان يا وفاق جا صوبن سان هلندڙ هوندا آهن تنهن ڪري اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته اهي اتفاق راءِ سان حل ٿين ته وفاق ۽ صوبن ۾ لاڳاپا سٺي انداز ۾ هلي سگهن.پر ڪالهه آدمشماري جي نتيجن جي منظوري دوران نه رڳو انهي ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويو پر سي سي آءِ جي فيصلي جي به ڀڃڪڙي ڪئي جنهن مطابق 5 سيڪڙو بلاڪس ۾ ٻيهر آدمشماري کانپوءِ نتيجا منظور ڪيا ويندا. پنجاب .ڪي پي ،بلوچستان ۽ وفاق اهي نتيجا منظور ڪرڻ جي حق ۾ هيا جڏهن ته سنڌ پنهنجا اعتراص برقرار رکي اختلاف ڪيو جنهن کانپوءِ اهي نتيجا اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيا ويا ۽ وفاقي وزير اسد عمر اهو چيو ته سنڌ حڪومت کي اعتراض ڪرڻ جو حق آهي ۽ انهي فيصلي خلاف هو پارليامينٽ ۾ وڃي سگهي ٿي، هاڻي اهو سنڌ حڪومت تي آهي ته اها ڪڏهن اهو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي ٿي وڃي .سنڌ حڪومت کي اعتراض آهي ته انهي آدمشماري ۾ سنڌ جا انگ اکر گهٽ ڏيکاريا ويا آهن جڏهن ته ساڳيو اعتراض ايم ڪيو ايم جو به آهي پر اها وفاق ۾ پي ٽي آءِ سرڪار جي اتحادي آهي.ڪالهوڪي منظوري جو اعلان ڪندي وفاقي وزير جيڪا ڳالهه نئين آدمشماري جلد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي انهي مان لڳي ٿو وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق ۽ صوبن وچ ۾ معاملن کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته جلد ٻيهر آدمشماري جو اعلان ڪري انهي ايم ڪيو ايم کي دلاسي ۾ رکي پنهنجو اتحادي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته آدمشماري اهڙو معاملو آهي جنهن کي ڪا به ڌر سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري، جڏهن اهڙو قدم وفاقي حڪومت کڻي ٿي ته اهو انتهائي خراب ڳالهه آهي.سنڌ حڪومت جو اعتراض آهي ته سنڌ جي آدمشماري گهٽ ڏيکاري سنڌ جي عوام سان زيادتي ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته وسيلن جي ورڇ آبادي جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي ٻيا عنصرن جو معمولي حصو هوندو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي ته ان کي وسيلن جي ورڇ مان حصو به گهٽ ملندو جيڪو سنڌ جي عوام سان زيادتي هوندي .تنهن ڪري وفاقي حڪومت انهي معاملي کي سياسي انداز ۾ حل ڪرڻ بدران صوبن ۾ اتفاق راءِ سان حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ها ته وڌيڪ مناسب هو.