ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جَي سمورن عهدن کان ڌار ٿيڻ جَي اعلان بعد استعيفائون موڪلي ڇڏيون، سينيٽر شيري رحمان، راجا پرويز اشرف ۽ قمر زمان ڪائره پي ڊي ايم جَي عهدن تان استيعفائون ڏنيون، پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري بلاول ڀٽو زرداري جي صحيح ٿيل استيعفائون مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچايون.