“سي آر شمسيءَ وٽان”، ٻيھر تحرير نه ٿيندي!

0
334

 نوان روڊ حددخلين لاءِ ايئن منفرد نشان بڻجي بيھن ٿا جيئن ھڪ وسيع برپٽ ۾ شاديءَ لاءِ شاميانا نظر ايندا ھجن. ججھن پيسن سان ويڪرن ۽ اوچن “شٽرن” وارو جيڪو دڪان تازو جُڙي راس ٿيو آھي ان اڳيان سِرون، سيمينٽ جون ٻوريون، سَرِيو ۽ چنگچي ڊالا روڊ مٿان گھڻو سُري اچڻ کانپوءِ حادثي جو انومان ڪُکين تي ھٿ رکيو بيٺو ھو پوءِ به ٿري ڊي پرنٽ جو ڪمال آھي ته گاڏين تي کُتل نظر کي دڪان جو بورڊ پاڻ ڏانھن ڇڪي ويو جنھن تي لکيل آھي “مضبوط سريو، مضبوط بنيادن جو ضامن.”

                 چڪوال ڪيترائي چڪر لڳا، مشرف جي “دھشتگرديءَ خلاف جنگ” واري دور ۾ امام بارگاھه تي ٿيل خودڪش حملي جون ڪئميرا اڳيان بيھي خبرون ڏيڻ، چوآن سيدان نالي ڳوٺ ۾ ٿيل فرقيواراڻي جھيڙي جي ڪوريج خاطر، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم مَن موھَن سنگھه جي اباڻي ڳوٺ تي اسٽوري ٺاھڻ لاءِ وڃڻو پيو، شوڪت عزيز پٺيان ھڪ پورو ڏينھن چڪوال جي ڳوٺن ۽ پَٽن ۾ سفر ڪندو رھڻ ڇو ته ھن جي حيثيت انھن ڏينھن ۾ وزيراعظم جي رتبي تي ويٺل حاڪم واري ھئي ۽ کيس پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ھڪ پوري ڳوٺ کي سولر بجليءَ سان روشن ڪرڻ کان علاوه جرنيلن جي مائٽ سياستدانن جو دعوتون کائڻيون ھيون (تن ڏينھن ۾ ھاڻوڪن ڏينھن جو اردو چينلز تي ايندڙ طوفان تجزيا نگار ارشاد ڀٽي الٽرنيٽو انرجي بورڊ جي ميڊيا ونگ ۾ نوڪري ڪندو ۽ وظيفن جي ڳڻپ مشين وسيلي ڪندو ھو، ڳالھائيندو بنھه گھٽ ھو). الاھي چڪر لڳا چڪوال جا، ڪڏھن ڪڏھن ته صرف چڪوال جي مشھور ريوڙين جو مِٺاڻ چکڻ لاءِ به چڪر لڳندو ھو، ايترا ڀيرا چڪوال جا چڪر ھڻڻ کانپوءِ به مان سمجھي نه سگھيس ته چوڌري رحمت علي شمسي پنھنجي علائقي جي ٻين ماڻھن کان، تھائين گھڻو انوکو ڇو آھي !؟

مضبوط سَريو گھرن جي مضبوط بنيادن لاءِ شايد ته گھڻو ضروري ھجي تنھن ڪري ئي جيڪو سَري سگھي ٿو سو پنھنجو گھر اڏڻ خاطر ڳِنھي به وٺي ٿو، ھيو ته چوڌري رحمت علي به سَرئي جھڙو مضبوط مگر سندس اصولن، موقف ۽ نظرئي کي صحافت ۽ صحافين جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ واري ھڪ وڏي گروھه ڪڏھن به پسند جي اَک سان نه ڏٺو. ڪا به پُڇ پُڇ ڪرڻ بنا، دل جي سوجھري آڌار چوان پيو ته پريس ڪلبن کي پيسن جون ٻوريون ڏيڻ جي رجحان جي شروعات 2000ع کانپوءِ ٿي ۽ مشرف جو سج لھڻ کانپوءِ پيسا ڏئي اوندھه وڌائڻ جي ڪِرت ايڏو زور ورتو آھي جو گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ صحافي ۽ ھر گھٽيءَ ۾ صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ انيڪ يونينن جا بورڊ تمام گھڻائي چِٽائيءَ سان لکيل آھن. جاکوڙ مگر صرف ھڪڙي حق لاءِ ججھي ٿي پئي آھي سو آھي کيسو ڀري وڏي گاڏي تي چڙھڻ وارو. چوڌري رحمت علي شمسي جنھن پنھنجي پسند سان، پنھنجي نوجوانيءَ واري دور ۾ سوچي سمجھي پنھنجي نالي کي ننڍو ڪيو ۽ سي آر شمسي سڏائڻ لڳو تنھن جي مادري زبان پوٺوھاري ھئي.

پوٺوھاري پنجابيءَ جو لھجو آھي يا ڪا ڌار ٻولي مونکي ان بحث سان ڪنھن جي به مٿي ۾ سور ناھي وجھڻو ڇو ته اسان جو دوست ۽ صحافي ڪارڪنن لاءِ وَس آھر پر حقيقي ڪم ڪندڙ سي آر شمسي اوچتو ماڻھن جي وسيع انبوھه مان غائب ٿي ويو آھي. ھنن وقتن جي حساب سان ته مونکي سندس فيس بوڪ وال تي ئي “اِنا لِله وَ اِنا اِليه راجعُون” سان گڏ اھو به لکڻو ھو ته رب کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس خال ڪير به ڀري نه ٿو سگھي. پر فيس بوڪ جھڙي ڇَسي پليٽ فارم تي مون جھڙي گاريون نه ڏيندڙ جي پوسٽ ڪير پڙھي ھا. چند دوست آڱُوٺي جي ھيٺيان اچي ويل مون واري پوسٽ کي محض منھنجو نانءُ ڏسي لائيڪ ڪن ھا ۽ بس.

پر مونکي جيئن ته سي آر شمسيءَ بابت ماڻھن جي وڏي انگ کي ھي ٻه ٽي جملا پڙھائڻا آھن تنھن ڪري ھن عوامي اخبار وسيلي کيس خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو ھنن لفظن سان ته  ھو مضبوط اعصابن وارو انسان ھو. ٻڌائيندو ھو ته غريب والدين جو اولاد ھو. سڀني جيان حادثاتي طور صحافت ۾ اچي ويو سندس ابتدا وارو دور ڪو چڱو دور ڪو نه ھو پاڪستان مارشلائن ۽ جبر جي چادر ھيٺيان لڪايل ھو. ڪجھه نالي چڙھيون اخبارون ھونديون ھيون ۽ ڪجھه وڏن شھرن ۾ مختصر پريس ڪلب ھوندا ھيا. سي آر شمسيءَ کي ھڪ منھاج بَرنا ٻيو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ جدوجھد اھڙو ڇڪيو جو سڄي عمر ان جدوجھد جي نالي ڪري ڇڏيائين ٽيون محترمه بينظر ڀٽو جو نه ٿڪجندڙ مداح رھيو. سي آر شمسيءَ جي عادت ھئي ته چنڊ جي چوڏھينءَ رات قاعد اعظم يونيورسٽيءَ ۽ باره ڪھوءَ جي وچ تي مارگلا پھاڙين جي ھڪ ٽڪريءَ تي وڃي ويھندو ۽ دوستن سان دل جا احوال اوريندو ھو. اھڙيءَ ھڪ رات ھن ٻڌايو ته “ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ بينظير ڀٽو سان عدالتن، جيل ايئرپورٽ يا ٻين ھنڌن تي بيٺي پير وارو انٽرويو وٺڻ لاءِ ٿورا صحافي ويندا ھئا ڪڏھن ڪڏھن ته مان اڪيلو ئي ھوندو ھئس. پوءِ ضياءَ جا ڪارندا مارڪُٽ به ڪندا ھئا، ٿاڻن ۾ به واڙيندا ھئا ته مائٽن کي بليڪ ميل به ڪندا ھئا پر مان بينظير صاحبه جي سياسي سحر مان نه نڪري سگھيس.”

ملڪ پاڪستان ۾ پريس ڪلب ھاڻ ڏاڍين شاندار عمارتن ۾ قائم آھن، بنا آڊٽ جي پريس ڪلبن کي ڪروڙين روپيا ھر روز “ھيپي آور” منعقد ڪرڻ لاءِ ملن ٿا، صحافين جي حقن وارين تنظيمن جا اجلاس پنج ستاره ھوٽلن ۾ ٿين ٿا، روڊن جيان ميڊيا جا نوان نوان ادارا ٺھندا ۽ ميڊيائي انڪروچمينٽ وڌائيندا وڃن ٿا پر ميڊيا جي ڪارڪنن جا حق ۽ انھن لاءِ صدا ننڍڙي ۽ بي ضَرَر ٿيندي پئي وڃي.

 پرويز مشرف جي دور ۾ جڏھن ڪجھه ٽي وي چينلن ۽ انھن جي ميزبانن تي بندش لڳي ته حامد مير ۽ ٻيا نالي چڙھيا اينڪر فيشن ايبل سول سوسائٽي ورڪرز جي مجمعي ۾ روڊن تي پروگرام ڪري تاڙين جا ڦھڪا ڪندا ھئا. مونکي ياد ٿو اچي ته اظھار جي آزادي روڪڻ واري مشرف جي پاليسيءَ خلاف سي آر شمسيءَ پارليامينٽ ھائوس ٻاھران احتجاج جو اعلان ڪيو ته سندس ساٿ ڏيڻ وارن کي پوليس پھريان آڱرين تي ڳڻيو، لَٺين سان سَٽيو پوءِ قيدين واري گاڏيءَ ۾ وجھي سھالا ريسٽ ھائوس ۾ وڃي واڙيو ھو. سوٽيڊ بوٽيڊ صحافي ۽ سول سوسائٽي تن ڏينھن ۾ سي آر شمسيءَ کان اھو چئي لاتعلقيءَ جو اظھار ڪري چڪي ھئي ته “پاگل ھي.”

سنڌي صحافت ۾ جڏھن نئون اُڀار ھو ۽ مون پارا به اسلام آباد پھچڻ لڳا ته اسان نون آيل سنڌي صحافين لاءِ سي آر شمسي تعارف ٿيڻ شرط وڏو ڀاءُ ٿي بيھندو ھو. ملڪ جي وفاقيت واري حساب ۾ پنجاب کي به سنڌ جو وڏو ڀاءُ چيو ويندو آھي. سي آر شمسي پنجاب ڄايو ھوندي به ڪنھن ڏينھن به پنجاب جھڙو نه ٿيو. پيپلزپارٽيءَ جي اعليٰ قيادت سان ويجھڙائيءَ باوجود نه “ڊاڪٽر” ھن کي ڪار جي چاٻي ڏيڻ آيو، نه “بابر” کيس اشتھار ڏيڻ وٺڻ جي ذمي لڳرايو، نه ئي ڪنھن ٻئي کيس ڪو پلاٽ يا پرمٽ ڏني.

ڇو ته سي آر شمسي سچو ۽ کَرو ماڻھو ھو. سَرئي جھڙي مضبوطيءَ جھڙيون سندس ڳالھيون ٻڌي حڪومتي توڙي صحافتي تنظيمن جي عھدن تي ويٺلن پاڻ ۾ اھڙي ٻڌي ڪئي جو چوڌري رحمت علي شمسيءَ کي راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي گورننگ باڊيءَ جو ميمبر به ٿيڻ نه ڏيندا ھئا. چوڌري رحمت عليءَ کي پوءِ به پراپرٽي ڊيلر ٽائيپ صحافتي ليڊر ڀڃي ڀورا ته نه ڪري سگھيا پر کيس اڪيلو ضرور ڪري وڌائون. شمسي صاحب ھڪ ڀيري ٻڌايو ته ھو جڏھن خبر لکندو آھي ته ڪاغذ تي “اسلام آباد (سي آر شمسيءَ وٽان) لکي پوءِ خيالن ئي خيالن ۾ خبر جي اُڻت ترتيب ڏيندو آھي. ترتيب سڌي ڪرڻ بعد سندس قلم خبر مڪمل ڪري ئي بيھندو آھي”. 16 سيپٽمبر جي شام دل جي دوري سبب ھن دنيا کي الوداع چيو، مونکي خبر ناھي ته ھن سي آر شمسيءَ وٽان واري باءِ لائين ان ڏينھن  لکي ھئي الائي نه پر بھرحال ان باءِ لائين وارو ھڪ سچو ۽ کَرو انسان اسان کان موڪلائي ويو، صحافت جي دنيا ۾ سَرئي جھڙي سڌي ڳالھه ڪندڙن جا بنياد وڌيڪ ڪمزور ٿي پيا آھن.