نقل کان انڪار

0
256

تعليمي عمل ۾ امتحان ھڪ انتھائي نازڪ حيثيت رکي ٿو،جيڪو ڪنھن به تدريسي سرگرمي ۾ بنيادي جاءِ والاري ٿو. ھڪ امتحان ۾ تعليمي نصاب تحت مرتب ڪيل شاگردن جي سکيا جي حاصلات کي پرکيو ويندو آھي. اھو پرک جو عمل يا جائزو مختلف ترتيب سان عمل ۾ اچي سگھي ٿو. ھفتيوار، ماھوار، ٽه ماھي يا ساليانو. جيتوڻيڪ جائزي وٺڻ جا ماھر ان ڳالھه تي اتفاق ڪن ٿا ته امتحان ۾ شاگردن جي ڪارڪردگي، سندن قابليت جي حقيقي موٽ کي پوري ريت ثابت نه ٿي ڪري سگھي، ان ھوندي به اھو عمل ھڪ شاگرد جي ڄاڻايل مھارتن کي پرکڻ جو قريب ترين اشارو آھي. جنھن جي ڪري تعليمي نظام ۾ امتحان ئي شاگردن جي قابليت جي سطح کي جاچڻ جو بھترين اوزار آھي. گڏوگڏ اھو عمل گھربل معيار تي شفافيت، اھليت ۽ ڪاميابي کي ظاهر ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اعليٰ تعليم، اھليت جي معيار ۽ ايندڙ وقت جي ڪاميابي جو تعين ڪري ٿو. ان ڪري ھڪ معياري امتحان، تعليمي نظام ۾ چٽو ڪردار ادا ڪري ٿو.
امتحان ۾ بدنظمي ان کي چئجي ٿو، ته ڪو شاگرد يا شاگردن جو گروھه پنھنجي اھليت کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪرڻ خاطر ناجائز طور طريقن جي استعمال جي ذريعي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. امتحانن ۾ نقل ڪرڻ، وڏي وقت کان وٺي عالمي مسئلو بڻيل آھي. امتحانن ۾ بدنظمي، شاگردن جي اھليت جي بنياد کي تباھه ڪري ڇڏي ٿي، جيڪا شاگردن جي ڄاڻ، سمجھه ۽ مھارتن جي غلط ترجماني ڪري ٿي. امتحانن ۾ بدنظمي، تعليمي نظام جي ساک کي خطري ۾ وجھي ڇڏيندي آھي. اھڙي بدانتظامي معاشري ۾ بي ايماني، معمولي حيثيت، پنھنجو پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ ۽ ٺڳي جھڙا رويا پيدا ڪري ٿي.
امتحانن جي بدنظمي جا ڪيترائي قسم آھن. اھي امتحان کان اڳ ۾، امتحان جي دوران يا ان کان پوءِ عمل ۾ اچي سگھن ٿا. اھڙي بدنظمي ۾ امتحان دوران ٻاھريون مواد آڻي ان کي امتحان ۾ ڪتب آڻڻ، ڪنڌ ڦيرائي ٻئي شاگرد جي جوابي پرچي تي ٿيندڙ ڪم کي ڏسي ان کي پنھنجي استعمال ۾ آڻڻ، جوابي ڪاپين جي مٽا سٽا ڪرڻ ۽ ٻين شاگردن کي پھنجو جوابي پرچو ڏيکارڻ، پاڻ وٽ موجود سامان جھڙوڪ، ڪاغذ، فٽ پٽي، رٻڙ، پاٺي، سلپ، پاتل ڪپڙن يا پنھنجي جسم جي حصن تي اھم معلومات جو اختصار يا جھلڪ لکڻ پڻ بدنظمي جي زمري ۾ اچن ٿا.
شاگردن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت، امتحاني پرچي جو اڳواٽ ظاھر ٿيڻ، ھڪ جي جاءِ تي ٻئي شاگرد کي ويھاري امتحان ڏيارڻ جھڙا مسئلا اسان وٽ عام ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڪمزور ۽ خراب نظام جي نشاندھي ڪن ٿا.انٽرنيٽ تي سولائي سان پھچ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جھڙوڪ سمارٽ فون، سمارٽ واچن ۽ ٻين جديد ترين اوزارن ۽ سماجي رابطن جي تيز ترين ذريعن جي استعمال سان عالمي سطح تي بدنظمي ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آھي، جنھن امتحاني نظام جي شفافيت ۽ سٿرائي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آھي.
غير معياري تدريس، غير حاضريون، ڏنل نصاب کي پورو ڪرڻ لاءِ مليل نامناسب وقت، ناڪامي جو ڊپ ۽ خاندان پاران وڌندڙ دٻاءُ، نقل جي ميدان جا بنيادي سبب آھن. ڪي شاگرد اڪيلي سر ته ڪي وري ڪنھن اثر رسوخ جي ذريعي اھڙو عمل ڪندا آھن. امتحاني ادارن جا خراب ملازم به امتحان دوران ٿيندڙ اھڙي بدنظمي جا ذميوار آھن. شاگردن جي ڪٽنب جا ڀاتي پڻ ھن ڏوھه ۾ اھم ڀاڱي ڀائيوار جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آھي ته اھي پنھنجي ٻارن جي پاران امتحاني ادارن جي بي ايمان ملازمن وٽ پھچن ٿا. ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته ڪنھن تعليمي اداري ۾ داخلا جي لاءِ گھڻيون مارڪون کڻڻ جو مقابلو، خاندان جو دٻاءُ، ناڪامي جو ڊپ ڪجھه اھڙا عنصر آھن، جيڪي شاگردن کي اخلاقي حدون اورانگھي نقل ڪرڻ تي راضي ڪن ٿا.
پاڪستان ۾ ساليانو اٽڪل چاليھه لک شاگرد ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي اسڪول جي امتحانن ۾ ويھن ٿا. پاڪستان ۾ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي امتحانن جي بورڊن جو تعداد 30 آھي جيڪي اھڙي تعليمي امتحان وٺڻ جا ذميوار آھن. ھر سال پاڪستاني ميڊيا جي رپورٽن جي مطابق امتحانن ۾ بدنظمي عمل ۾ ايندي آھي. گھڻو ڪري امتحاني پرچا وقت کان اڳ ئي ظاھر ٿيندا آھن ۽ واٽس ايپ جي ذريعي عوام ۾ پکڙجي ويندا آھن. اڄ ڪلھه اھا ڳالھه عام ٿي چڪي آھي ته شاگرد سماجي رابطن جي ذريعي کليل نموني اھڙيون گذارشون ڪندي نظر ايندا آھن، جن ۾ اھڙن عنصرن جي رابطي ۽ واٽس ايپ وغيره جا نمبر گھريا ويندا آھن جيڪي غير قانوني طور تي امتحاني پرچن کي وقت کان اڳ ۾ ورھائڻ ۽ ٻين غلط ڪمن ۾ مدد ڪن. امتحان ھال ۾ موبائل فون جو استعمال عام طور تي ڏٺو وڃي ٿو، جنھن جي ذريعي اھي ٻاھرين ماڻھن کان امتحان ۾ غلط عمل جي لاءِ مدد وٺندا آھن. اھي سڀئي غير اخلاقي ۽ غير قانوني ڪم بنا ڪنھن شرم ۽ ھٻڪ جي، اسان جا نوجوان (پنھنجي وڏن جي مدد سان) عام طور تي ڪن ٿا. اھو اسان جو اھو نوجوان آھي جنھن کي پاڪستان جي مستقبل جو سرمايو چئجي ٿو.
بلاشڪ امتحاني بورڊن جي ڪمزور نظام ۽ خراب ملازمن تي ئي الزام لڳايو وڃي، نتيجو اھو نڪتو ته امتحاني نظام تباھه ٿي چڪو آھي ۽ پنھنجي ساک وڃائي ويٺو آھي. جيتوڻيڪ حڪومت ھر سال اھڙي ڪڌي ڪمن جي نندا ڪري ٿي، پر پوءِ به ڪا خاطر خواه مثبت تبديلي يا فائديمند عمل نظر نه ٿو اچي. اڃان به حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اھا آھي ته اسان جي معاشري جا فرد ۽ تعليمدان 2021ع جي دوران امتحاني پرچن جي وقت کان اڳ ۾ ظاھر ٿيڻ جھڙن معاملن تي خاموش آھن.
آغا خان يونيورسٽي امتحاني بورڊ ملڪي سطح جو ھڪ امتحاني بورڊ آھي جيڪو پاڪستان ۾ ساک رکندڙ، صاف ۽ شفاف امتحانن جو ذميوار آھي. ھن بورڊ پنھنجي نظام ۾ مضبوطي آڻڻ، انويجيليٽرن جي تربيت ڪرڻ، ڪئميرا ذريعي امتحاني مرڪزن تي نظرداري رکڻ ۽ معيار کي يقيني بنائڻ خاطر لڳاتار سرمايو خرچ ڪيو آھي. ھن بورڊ جو نظام قابليت کي هٿي ڏيڻ سان گڏ شاگردن جي اصل اھليت کي پرکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھر سال آغا خان يونيورسٽي بورڊ جا شاگرد سرڪاري بورڊن جي مقابلي ۾، ڪيترين ئي يونيورسٽين جي داخلا جي ٽيسٽن ۾ بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪن ٿا جيڪو ايمانداري ۽ اخلاقي روين جو ھڪ ثمر آھي. سرڪاري امتحاني بورڊ پڻ اھي عمل پاڻ وٽ لاڳو ڪري پنھنجي ساک کي بھتر بنائي سگھن ٿا.
(ليکڪ: ڊائريڪٽر، آغا خان يونيورسٽي امتحاني بورڊ (AKU-EB)
چيئرمين، نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي آف انٽر بورڊ ڪميٽي آف چيئرمين (IBCC)
وفاقي وزارت برائي تعليم ۽ تربيت، حڪومت پاڪستان آهن )
)ڊاڪٽر نويد يوسف :ايسوسي ايٽ ڊائريڪٽر (اسيسمنٽ اينڊ ريسرچ) آغا خان يونيورسٽي امتحاني بورڊ (AKU-EB) ۽ حنيف شريف:ايسوسي ايٽ ڊائريڪٽر (آپريشنس اينڊ ايڊمنسٽريشن) آغا خان يونيورسٽي امتحاني بورڊ (AKU-EB)هن مضمون ۾ ليکڪ جا سهڪاري آهن )
(اياز علي لغاري، ليڪچرار، ھيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ، آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر هن مضمون کي انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو)