ڇهين ڪلاس جي ٻن شاگردن جي اڪائونٽن ۾ اوچتو 900 ڪروڙ رپيا اچي ويا

0
756

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڇهين ڪلاس جي ٻن شاگردن جي اڪائونٽن ۾ اوچتو 900 ڪروڙ رپيا اچي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهرڪاٺياواڙ ۾ گروچرن وشواس ۽ اشيش ڪمار نالي شاگردن جي اڪائونٽن ۾ 900 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا، ٻنهي شاگردن کي رياستي حڪومت پاران ملندڙ يونيفارم حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا  ۾ پهچڻ دوران پتو پيو، ايڏي وڏي رقم جو پنهنجن اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيڻ جو ٻڌي ٻنهي شاگردن جا مٿي تي هٿ اچي ويا. بينڪ انتظاميا شاگردن کي ٻڌايو ته گروچرن وشواس جي اڪائونٽ ۾ 905 ڪروڙ ۽ اشيش جي اڪائونٽ ۾ 62 ڪروڙ جي وڏي رقم منتقل ڪئي وئي، رقم جي منتقلي جي حوالي سان بينڪ جي اعليٰ افيسرن کي آگاهه ڪيو ويو، اڪائونٽ منجمند ڪري جاچ شروع ڪئي وئي ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ته ايڏي وڏي رقم اڪائونٽن ۾ ڪٿان ۽ ڪنهن منتقل ڪئي آهي.