هونئن ته سپريم ڪورٽ هجي، ھائيڪورٽ يا وري ٽرائل ڪورٽ انهن عدالتن ۾ هلندڙ هرڪيس پنهنجي جاءِ تي اهميت رکندو آهي، خاص طور جڏهن ڪو چونڊ بابت ڪيس هجي ان جي اهميت ان ڪر به وڌيڪ هوندي آهي جو اها چونڊ عذرداري سڌو سنئون عوام سان لاڳاپيل هوندي آهي.

سپريم ڪورٽ جي اسلام آباد واري پرنسپل سيٽ تي تازو ئي پنجاب جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 75 ڊسڪا ۾ ننڍي چونڊ دوران جيڪي واقعا ٿيا انهن کي بنياد بڻائيندي اليڪشن ڪميشن تڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کي تڪ ۾ پي ٽي آئي جي اميدوار اسجد ملهي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، چيف جسٽس گلزار احمد، اسجد ملهي جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اپيل تي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج ۽ ايندڙ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ جوڙي جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيل جج جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر شامل هئا. بينچ آڏو درخواست گذار اسجد ملهي جي وڪيل شهزاد شوڪت دليل ڏنا ۽ موقف اختيار ڪيو ته جن سببن کي سامھون رکي اليڪشن ڪميشن تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان جو جواز نٿو ٿئي، اليڪشن ڪميشن جو هڪ جواز ته تڪ جي ٽي سو کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جي شرح گهٽ آهي، تڪ ۾ خاص طور ڊسڪا شهر جي ستر کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي امن امان جي صورتحال خراب رهي، خراب صورتحال سبب ٻن شهرين جي جان وئي ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا، پولنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊسڪا شهر ۾ پوليس جا آفيسر بدلي ڪري پنجاب حڪومت پنهنجي مرضي جا ڊي ايس پي مقرر ڪيا. درخواست گذار جي وڪيل اليڪشن ڪميشن جي انهن سببن کي غير ضروري ڄاڻائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن تڪ ۾ ننڍي چونڊ ٿي آهي اتي پولنگ جو ٽرن آئوٽ عام چونڊ جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي، چونڊ دوران ننڍا وڏا واقعا ٿيندا آهن، پوليس آفيسرن کي بدلي ڪيو ويندو آهي، انهن سببن ڪري سڄي تڪ ۾ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو تڪڙ وارو آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ڪرڻ کا اڳ ڪا به انڪوائري نه ڪرائي، ايئن پنهنجي منهن سان قائدن ۽ ضابطن جي خلاف سڄي تڪ ۾ چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. شهزاد شوڪت ايڊوڪيٽ جو اهو موقف شايد ان جي نظر ۾ ان لاءِ صحيح هو ڇو ته هن کي اندازو هو ته جيڪڏهن عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال رکيو ته بعد ۾ ايتري آساني سان تڪ ۾ صوبي جي حڪمران جماعت من مرضي نه هلائي سگهندي، ان ڪري هن پنهنجي دليلن ۾ عدالت کي استدعا ڪئي ته جن ويهن پولنگ اسٽيشنن تي سڀ کان وڌيڪ تڪرار هو ۽ انهن جا پرزائيدنگ آفيسر غائب ٿيا انهن تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ، هن شڪارپور مان ڪيترائي ڀيرا چونڊجي اسلام آباد جي اقتداري ايوانن ۾ پهتل قومي اسيمبلي جي جهوني ميمبر آفتاب شعبان ميراڻي جي چونڊ واري ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته آفتاب شعبان ميراڻي جي ڪيس ۾ عدالت صرف انهن تڪراري بڻيل پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. اھڙي طرح وڪيل پنهنجي ڪلائينٽ جو ڀرپور دفاع ڪندي سپريم ڪورٽ جي ڪيترن فيصلن جو حوالو ڏنو، عدالت ۾ موجود ججن کانئس ڪيترائي سوال ڪيا ۽ اليڪشن ڪميشن جي تڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر رکڻ لاءِ نه ورتل اپائن تي ڪميشن بابت ريمارڪس به ڏنا ، خاص طور تي بينچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي ريمارڪس دوران اهو چيو ته عام چونڊن واري ڏينهن تڪ ۾ منهجي فيملي وارا ووٽ ڏيڻ ويا هئا ان وقت تڪ ۾ امن و امان جي صورتحال بابت ورتل اپائن تي منهجا گهر وارا خوش هئا پر هن ڀيري جيڪا صورتحال رهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته صرف پوليس وارن کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رينجرز يا فوج کان مدد وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي.

اين اي 75 ڊسڪا ۾ ن ليگ جي اميدوار نوشين افتخار جيڪا هر ٻڌڻي تي عدالت ۾ پاڻ موجود رهي ۽ ٻڌڻي دوران هر وقت تسبيح پڙهندي رهي، جنهن ڪري هوءَ عام ماڻهن ته ڇا پر ججن جي نظر ۾ رهي. بحر حال نوشين افتخار جتي ورد ڪندي رهي اتي ئي سندس وڪيل سلمان اڪرم راجا جيڪو هڪ سٺو وڪيل آهي جنهن 1990ع ۾ آئي جي آئي واري اتحاد کي اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي پارٽين کي مليل رقم خلاف پاڪستان تحريڪ استقلال جي اڳواڻ ايئر مارشل ريٽائر اصغر خان جي درخواست تي پيش ٿي اهو اصغر خان ڪيس کٽيو هو ان دليل شروع ڪيا. سلمان اڪرم راجا دليلن دوران جڳ مشهور ڪيس جيڪو قانون جي ڪتاب ۾ هميشه لاءِ زنده رهندو وحيده شاھ ڪيس جو حوالو ڏنو ۽، چيو ته وحيده شاھ ڪيس عدالتي تاريخ جو اهو ڪيس آهي جنهن ۾ وحيده شاھ جنهن صرف هڪ خاتون پرزائيدنگ آفيسر کي پولنگ دوران ٿڦ وهائي ڪڍي هئي، اها ڪلپ وائرل ٿي ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري نوٽيس ورتو، ان نوٽيس تي ڪارروائي هلي اليڪشن ڪميشن کي چونڊ ڪرائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون پر ان ڪيس م پيرا ميٽر طئي ڪيا ويا ته چونڊ واري ڏينهن اليڪشن ڪرائيندڙ عملي کي ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. سلمان اڪرم راجا جتي ٻين ڪيسن جا حوالا ڏنا اتي ان وحيده شاھ واري ڪيس تي گهڻو زور ڏنو ته صرف هڪ چماٽ وهائي ڪڍڻ تي چونڊ بابت هدايتون جاري ڪري سگهجن ٿيون جڏهن ته هن ڪيس ۾ اهو واضح آهي ته ٻه ماڻهو مارجي ويا، ڪجهه زخمي ٿي پيا ۽ اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل پرزائيدنگ آفيسرن کي بيلٽ باڪسن سميت اغوا ڪيو ويو. ان مامري تي چيف اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي صوبائي حڪومت ۽ چيف سيڪريٽري سان واقعي واري رات رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ بجاءِ رابطي کي نظرانداز ڪيو ، ٻيا سبب پنهنجي جاءِ تي صرف اهو هڪ سبب ئي ڪافي آهي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ لاءِ. سلمان اڪرم راجا سان گڏ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل پيش ٿيو جنهن جديد سائنسي بنيادن تي غائب ٿيل پرزائيدنگ آفيسرن جون موبائل فون لوڪيشن جا دستاويز عدالت ۾ پيش ڪيا. انهن دستاويزن مطابق گم ٿي ويل پرزائيڊنگ آفيسرن مان اڪثر جي لوڪيشن هڪ ئي جڳھه تي ملي، انهن سرڪاري گاڏي استعمال ڪرڻ بجاءِ نجي گاڏي استعمال ڪئي.

ڊسڪا واري ان ڪيس ۾ جتي بهترين قسم جا دليل ڏنا ويا اتي ڪجهه ڳالهيون سمجهه ۾ آيون ته چونڊ واري ڏينهن ڌانڌلي ڪيئن ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن اها ڌانڌلي پڪڙجي پئي ته ان جو دفاع ڪيئن ڪبو آهي، سرڪاري مشينري جو استعمال ڪيئن ٿيندو آهي. ڪيئن بيلٽ باڪس ڀريا ويندا آهن، ڪيئن چونڊ نتيجا تبديل ٿيندا آهن. ٻنهي ڌرين جي وڪيلن دليلن دوران پنهنجي پنهجي وڪيل جو دفاع ڪندي اهو وساري ويٺا ته عدالت ۾ صحافي به موجود آهن جيڪي ان ڪيس جي نه صرف رپورٽنگ ڪن ٿا اتي ئي ان ڪيس کي آبزرو به ڪن ٿا. هن ڪيس ۾ دليلن دوران اهو به واضح ٿيو ته چونڊ دوران جيڪڏهن ڪا انساني جان ضايع ٿئي ٿي ته ان سان چونڊ جي عمل تي اثر نٿو پوي، انسان مري کپي وڃي پر چونڊ جو عمل جاري رهڻ گهرجي يا وري صرف ان هڪ اڌ پولنگ اسٽيشن تي ٻيهر چونڊ ڪرڻ گهرجي. هڪ حڪومتي پارٽي ڪيئن سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري ٿي ته سندن نامزد ڪيل اميدوار هر حال ۾ ڪامياب ٿئي، الائي ڇو ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهو احساس اندر کي پريشان ڪندو رهيو ته ڪنهن به تڪ جي عوام جي ڪا اهميت ناهي، ووٽ جي ڪا اهميت ناهي، جيڪڏهن ووٽ ڪاسٽ به ڪبا آهن ته اهي هڪ کان ٻئي جي حمايت ۾ ڪيئن وڃي سگهن ٿا، بس اميدوارن کي اها پريشاني آهي ته اهي ڪامياب ڪيئن ٿا ٿين.

عوام جيڪو ووٽ ڏئي ٿو جيڪو اصل طاقت جو مرڪز آهي سندس ووٽ ۾ وڏي طاقت آهي اهو ان وقت فضول نظر ٿو اچي جڏهن عدالتن ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران اڇن ڪارن جي خبر پوي ٿي جتي هر شيءَ آشڪار ٿي وڃي ٿي پوءِ ساڃاهه وند يا جمهوريت پسند کي سوچڻ تي مجبور ٿين ٿا ته اسٽيبلشمينٽ ڪيئن پنهنجي من پسند اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪري ٿي.

چونڊ يا چونڊ جا نتيجا ڪيئن بلڊوز ڪيا ويندا آهن ان عمل کي روڪڻ جي شديد ضرورت آهي، شايد ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي ۾ ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف ان ڪري اهو نعرو هنيو هو ته“ ووٽ ڪو عزت دو”، ممڪن آهي ته چونڊ نتيجن جي تبديلي جيڪا اسٽيبلشمينٽ وارا ڪن ٿا ان کان بچڻ لاءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جوڙڻ جو خيال سياسي پارٽين کي آيو هجي، انهن سببن ڪري سڀ سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون ته جمهوريت جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سليڪٽر واري ڪردار کي ختم ڪجي پر افسوس جو جمهوريت جي علمبردار سياسي پارٽين سينيٽ جي چونڊ ۾ پنهجو اميدوار ڪامياب ڪرائڻ لاءِ بلوچستان ۾ سليڪٽرز جي سليڪٽ ڪيل سينيٽرن سان وڃي هٿ ملايو ۽ يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب ڪرايو.

سياسي پارٽين جو هڪ ٻئي کي دوکو ڏيڻ، پارٽي جو سربراهه ڪاغذن ۾ ڪو ٻيو آهي پر حقيقيت ۾ سربراهه ڪو ٻيو آهي جيڪو هڪ بيان سان سياسي اتحاد کي ختم ڪرڻ جي قريب آڻي ٿو جو عمل جاري رهيو ته اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ختم ٿئي.