ننڍي کنڊ تي اڍائي هزار سالن جي حڪمراني،ڪاميابيون، فتوائون، پراڻي تهذيبن جو اجڙڻ، نين تهذيبن جو جنم وٺڻ، اسڪول جي ڏينهن ۾ قرت العين حيدر جي مشهور ناول “آگ ڪا دريا” ۾ اهو سڀ پڙهڻ جو موقعو مليو، انگريزن جو قبضو، برطانوي راڄ ۾ آزادي جي جنگ کي ظالماڻي انداز ۾ ڪچلڻ ۽ پوءِ ورهاڱو ۽ رتو ڇاڻ.

نئين ملڪ پاڪستان تي مذهب جي اوٽ ۾ تنگ نظري جو پردو ڪيئن چاڙهيو ويو، قرت العين حيدر جي لکڻي ننڍپڻ ۾ ئي ذهن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا، پر ان تخيلاتي لکڻي جي تلخ حقيقت کي معاشري تي مڙهيندي جواني ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺم. معاشري جي وجود تي هڪ ليڪو ڪڍيو ويو، هڪ طرف جنرل ضياءَ الحق ۽ مذهبي جماعتون ملڪ ۾ امام خميني جي طرز جي “اسلامي انقلاب” جي بخار ۾ فوجي آمر جي جٿي ۾ هيون ته ٻئي پاسي مزاحمتي سياسي، سماجي قوتون ۽ روشن خيال عنصر هئا. ملڪ جي صحافت به انهيءَ ورهاڱي جو نشانو بڻي، جتي جمهوريت جي بحالي ۽ اظهار جي آزدي لاءِ صحافي گرفتاريون ڏئي رهيا هئا ته اُتي ليڪي جي ٻئي پاسي بيٺل صحافين جو ٽولو جنرل ضياءَ جي مذهبي پاليسين ۽ جهادي ڪلچر جي پرچار ۾ رڌل هو. ان صحافتي صف جي امامت مرحوم مولانا صلاح الدين ڪري رهيو هو، جيڪو 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان مارجي ويو، هو جماعت اسلامي جي اخبار جسارت جو ايڊيٽر ۽ جنرل ضياءَ جو دانشور صلاحڪار هو، جنهن بعد ۾ تڪبير ميگزين جي ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون پڻ انجام ڏنيون.

ان جي مخصوص سوچ جتي صحافت ۾ سوين ماڻهن کي متاثر ڪيو ته اُتي سندس لاڏاڻي بعد نظرياتي صحافت ۽ واٽ جانشيني ناٺي رفيق افغان صاحب سنڀالي. اخبار امت جنهن کي اڄ ڪالهه ناڪاري انداز ۾ پچاريو پيو وڃي، ان جو جنم انهيءَ نظرياتي صحافت مان ٿيو هو. امت اخبار ۾ سنڌ جي نامياري دانشور ۽ ليکڪ امر جليل کي خطرناڪ لقبن سان لکيو ويو، جنهن تي انتهاپسندن اڳ ئي توهين رسالت جي الزام لڳايا آهن، سڄي ملڪ ۾ انساني حقن جون تنظيمون، دانشور توڙي صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن، الزام کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ويو، سمجهيو پيو وڃي ته ملڪ ۽ سنڌ ۾ انتهاپسند پنهنجي سياسي ۽ سماجي گرفت مضبوط ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اخبار جي خطرناڪ روايت خلاف مذمتن جو سلسلو جاري هو ته هڪ ٻئي تڪرار جنم ورتو. ساڳئي اخبار جي سرخي تي نظر پئي ته يقين نه آيو ته ڇا صحافت جي ان حد تائين ڪري سگهي ٿي ؟. هڪ خبر ٺاهي وئي ته دنيا جي 14 ملڪن ۾ عورتن سان سڀ کان وڌيڪ زيادتي ٿي، عورت مارچ جي انهن “رنڊين ” کي اُهي غير مسلم ملڪ نظر نٿا اچن؟، اهڙي خبر ڇاپڻ ۽ لفظن جي استعمال کي ڇا غلطي سمجهجي؟، اهو به اخبار جي پهرين صفحي تي، سرخين ۽ پٽين سان ڇاپڻ؟، خبر ادارتي عملي سميت ڪيترن ئي ادارتي نظرن مان گذري پوءِ به ايئن ٿي سگهي ٿو ته پوءِ صحافتي ذهن ان خبر کي ڄاڻي واڻي ڪوشش سمجهندو.

هي صحافتي عمل انتهاپسندن جي سازشن کي آڪسيجن فراهم ڪرڻ برابر آهي، جيڪي عورت مارچ تي پابندي لڳائڻ گهرن ٿا ۽ ان سان واڳيل عورتن کي هڪ منظم مهم ذريعي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا، ڇا اهو عمل رڳو بد تهذيبي يا وري صحافي قدرن جي ابتڙ قرار ڏيڻ گهرجي؟، اِن عمل حقيقت ۾ عورت مارچ سان واڳيل هر عورت لاءِ خطرا وڌائي ڇڏيا آهن.

سوچڻو پوندو ۽ صحافت کي پنهنجي جيءَ ۾ به جهاتي پائڻي پوندي ته ان عمل سان ملڪ ۾ انتهاپسندي جي گرفت مضبوط ٿي آهي يا ڪمزور؟، جيڪڏهن اسان جي يادداشت ڪمزور نه هجي ته شايد ذهن تي وڌيڪ زور به نه ڏيڻو پوندو.

رڳو امت اخبار کي قصوروار قرار ڏيڻ حقيقت پسندي هوندي؟، نائن اليون کانپوءِ جڏهن سماج جي رڳ رڳ ۾ جڪڙيل انتهاپسندي دهشتگردي جو قاتل روپ اختيار ڪيو ته صحافت ان کي ڀوڳيو ته ڪجهه صحافين وري ان کي ڀڙڪائڻ لاءِ ڄاڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪردار ادا ڪيو. خانگي ٽي وي چينلز جو دور شروع ٿيو هو، جيو هجي يا اي آر وائي يا وري ايڪپريس، سماءَ يا آج ٽي وي، اڪثر ٽاڪ شوز ۾ عراق ۽ افغانستان ۾ امريڪا جي ڪردار خلاف بحث کي مصالحو لڳائي مولوين يا مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جي شرڪت لازم ۽ فرض سمجهي ويندي هئي.

اهي شخصيتون جتي امريڪا کي تنقيد جو نشانو بڻائينديون هيون پر ماڻهن جا به جذبا ڀڙڪائڻ جون ڪوششون ڪنديون هيون، هڪ انتهاپسندي جي فضا قائم ٿيندي وئي، اسلام آباد ۾ جڏهن لال مسجد ۽ مدرسي جي کٿابين هڪ چيني پارلر تي فحاشي جو الزام لڳائي حملو ڪيو ته ٽي وي اينڪر ڪاوڙجي پيا ته رياست جي رٽ قائم ٿيڻ گهرجي، پر جڏهن جنرل(ر) مشرف لال مسجد جي انتهاپسندن خلاف آپريشن ڪيو ته اتي اهي ئي اينڪر مخالف صف ۾ بيٺل نظر آيا، انتظاميا کان به کوڙ ساريون غلطيون ٿيون.

اوهان کي سلمان تاثير صاحب جو اهو ٽي وي کي ڏنل انٽر ويو ته ياد هوندو، جنهن ۾ هو سوالن جيوٺ وٺان ۾ نظر آيو، سلمان تاثير انهن ڏينهن ۾ مسيحي عورت آسيه بي بي سان همدردي جو اظهار ڪندي پاڻ انتهاپسندن جي الزامن جي ور چڙهي ويو. انٽر ويو رڪارڊ ٿيل هو، ڇا حساسيت کي نظر ۾ رکي ان کي ايڊٽ ڪري نشر نه ٿيڻ گهرجي ها؟.

لال مسجد جي واقعي بعد سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ٿي ۽ مدرسن جا ڪيترائي کٿابي آپگهات ڌماڪن ۾ ملوث قرار ڏنا ويا، اهڙي ريت سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري جو سوليءَ تي چڙهڻ بعد هاڻ تحريڪ لبيڪ هڪ منظم انتهاپسند جماعت ۽ سياسي قوت جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي. ماضي ۾ معاشري ۾ جهادي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ جي ذميواري جتي اسٽيبلشمينٽ تي وڌي وئي، اتي صحافت جي ڪردارن تي به سوال اُٿاريا ويا خاص طور تي ٽي وي چينلز تي سوال اٿاريا ويا.

خاص سوچ جي پرچار سان صحافت جو رواج صحافتي قدرن جي ابتڙ ئي صحيح پر برداشت ٿي سگهي ٿي، پر ڇا انتهاپسندي کي هٿي ڏيڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي؟، ڇا ڪنهن شخص يا ٽولي خلاف انتهاپسندن کي ڀڙڪائي سگهجي ٿو، جنهن جي حياتي کي اڳ ئي ڪنهن مان خطرو هجي؟.

نئين سوچ جي ڳولا ۽ رياست مان انتهاپسند سوچ جو خاتمو ڇا پابندين سان ممڪن ٿي سگهي ٿو، تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين تي پابندي، زندگي تماشا جهڙي فلم تي پابندي، محمد حنيف جي 10 سال پراڻي جنرل ضياءَ دور ۾ شايع ڪيل فڪشن ناول جي اردو ترجمي تي پابندي، پاڪستان لاءِ نئين سوچ جي ڳولا تنقيدي سوچ ،تعميري تنقيد ۾ ئي لڪل آهي.

انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متبادل سوچ ۽ معاشري جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي تحريڪن جي ضرورت آهي، عورت مارچ جي تحريڪ سماج ۾ قدامت پسند روايتن خلاف مزاحمت جي علامت آهي.

انتهاپسند هر اهڙي سوچ کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، صحافت کي معاشري ۾ نئين سوچ جي ڳولا ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي نه ڪي انتهاپسندن جي باهه ڀڙڪائڻ لاءِ ٻارڻ فراهم ڪرڻ گهرجي. درياءَ ۾ باهه لڳي ته اسان جون سموريون ٻيڙيون شعلن جي لپيٽ ۾ ئي هونديون…