ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر اندر غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ واري ڪيس ۾ ڪمشنر ڪراچي جِي رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته چيف سيڪريٽري ڪٿي آهي؟،ڪمشنر ڪراچي کي فارغ ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڇا ٿا سمجهو، اسان ڊپٽي ڪمشنر جي رپورٽ تي ڪم ڪنداسين، هر رپورٽ ۾ لکيل هوندو آهي ڊپٽي ڪمشنر اوڀر، ڊپٽي ڪمشنر فلاڻو، هر رپورٽ ۾ لکيل هوندو آهي رپورٽ جو انتظار آهي، ڪمشنر ڪراچي کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ گهرجي ها، ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته فٽبال گرائونڊ، رائل پارڪ، گڊني هل پارڪ سميت ٻين پارڪس تي ڪم ٿي رهيو آهي.