اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 98 ماڻهو فوت ٿي ويا، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 15 هزار 124 ٿي ويو، وائرس جا 5 هزار 329 نوان ڪيس رپورٽ، متاثرن جو مجموعي انگ 7 لک 5 هزار 517 ٿي ويو، ڪورونا جا 6 لک 23 هزار 399 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.