سنڌ ۾ پٺاڻ سنڌي تڪرار ڪير اڀاري رهيو آهي!؟

0
1990

مونکي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هي ڪهڙي قوتن جي حڪمت عملي تحت سنڌ ۾ سنڌي ۽ پٺاڻ فتنو پيدا ڪيو پيو وڃي. ڇا 30 سيپٽيمبر 1988ع واري تاريخ ورجائي ته نه پئي وڃي. ان وقت جهيڙو ڪهڙين قوتن وچ ۾ هلي رهيو هو ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي قومپرست ڌرين ڏانهن دوستي وارو هٿ وڌائي رهي هئي، ته اوچتو حيدرآباد شهر ۾ اردو ڳالهائيندڙن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي هئي ۽ پهرين آڪٽوبر ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر ۾ رات جو ننڊ پيل سنڌين مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڪيترن سنڌين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو ۽ هزارين سنڌي بي گهر ٿي گهر ڇڏي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا هئا. اها قتل ۽ غارتگري 2008ع تائين هلي هئي.
هاڻ وري ڪنهن لڪل قوتن جي سازش تحت سنڌ ۾ سنڌي ۽ پٺاڻن جو تڪرار اڀاريو آهي ، ٻنهي کي ويڙهائڻ جون سازشون سٽيون ويون آهن . ان لاءِ فيس بوڪ جي گهٽ ڄاڻ رکندڙ اهڙي نوجوان کي سرگرم ڪيو ويو آهي جنهن کي اهو پتو ئي ناهي ته پٺاڻ صدين کان سنڌ ۾ ايندو رهيو آهي يا ته پورهيو ڪري واپس ويندو رهيو آهي. يا هتي سيٽل ٿيندو رهيو آهي، هو سنڌي ٻولي نه رڳو ڳالهائيندو آهي پر ان ۾ تعليم به حاصل ڪندو رهيو آهي. ان ڪڏهن به الڳ صوبي جي گهر نه ڪئي آهي نه ئي پشتو کي سنڌ جي صوبائي ٻولي قرار ڏيڻ جو ڪوئي مطالبو ڪيو آهي. اهڙي طرح بلوچ به لڳاتار بلوچستان کان ايندو رهيو آهي. ايئن سنڌ ۾ضم ٿي سنڌ جو حصو بڻجندو رهيو آهي . ان کي سنڌ جي ثقافت ٻولي ۽ تهذيب سان ڪڏهن به اختلاف ناهي رهيو.
گذريل ڏهاڪو کن سالن کان مشڪل سان سنڌي ڪراچي ۾ سيٽل ٿيا آهن ۽ هنن جي آبادي به وڌي وئي آهي جيڪا سنڌ دشمن قوتن کي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي آهي. اها ڪراچي ۾ سنڌي ۽ پٺاڻن وچ ۾ قتل غارتگري ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ۽ سازش ۾ رڌل آهي ته جيئن سنڌي ڪراچي مان ڀڄي نڪري، سنڌين وٽ نه پٺاڻ وارو هٿيار آهي ۽ نه وسيلا نه پئسو آهي. ان کي جيڪڏهن پٺاڻ سان ويڙها ويو ته سنڌي کي جيڪو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو، اهو 1988ع کان وٺي 2008ع تائين جيڪو نقصان مهاجرن ڏنو آهي ان کان چاليهوڻ تي وڌيڪ هوندو ۽ وري سنڌي واپس ڪراچي ۾ موٽي نه سگهندو. ان قتل غارتگري مان سنڌ دشمن قوتن جا اهي ارادا به پورا ٿيندا جيڪي سنڌ کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ گذريل پنجاهه سالن کان ان لاءِ رٿابندي ڪندا اچن ۽ مسلسل وفاق کي ان لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. هنن جو اهو ارادو جيڪڏهن ڪامياب ٿي پيو ته اهي قوتون وفاق تي زور ڀرينديون ته ڪراچيکي مرڪز حوالي ڪيو وڃي ۽ حيدرآباد کي سنڌ جي راڄڌاني وارو شهر بڻايو پيو وڃي. اهڙي صورت ۾ زخمي سنڌ ڪجهه به ڪرڻ جي قابل نه رهندي.
لاڙڪاڻي ۾ زم زم هوٽل تي چانهه ٺاهيندڙ تاج محمد پٽ امام الدين پٺاڻ کي موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم نوجوان گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. ڪراچي ۾ هڪ پٺاڻ گوليون هڻي ٻن سنڌي نوجوانن کي ماري ڇڏيو، هاڻ اهو سلسلو وڌڻ لڳو آهي. لاڙڪاڻي ۾ هڪ قوم پرست خاتون 50 کان 100 تائين نوجوانن کي ساڻ ڪري پٺاڻن جي هوٽلن تي پهتي ۽ هنن کي چيو هوٽل بند ڪيو ۽ سنڌ ڇڏيو، هنن چيو پئي اسان محنت مزدوري پيا ڪريون، اسان نه ڪنهن جو حق ٿا کائون ۽ نه ڪنهن سان زيادتي ٿا ڪريون. اتي جيڪڏهن ڪجهه عقل وارا ماڻهو نه پهچن ها ته رتوڇاڻ ٿي پئي سگهي.
روزانو سوشل ميڊيا تي اهڙيون هٿرادو وڊيوز به هلايون پيون وڃن جن ۾ ڏيکاريو ٿو وڃي ته پٺاڻن کي ڪرائي تي ڏنل گهر ۽ دڪان خالي ڪرايا پيا وڃن . ٻيا وري پوسٽون رکي رهيا آهن ته افغانين کان سنڌ خالي ڪرايو ،جيڪي سنڌ جا حلالي پٽ هوندا اهي هن کي شيئر ۽ لائيڪ ڪندا. هاڻ ان طرح جو وايو منڊل جوڙيو پيو وڃي جنهن سان سنڌ ۾وري خانه جنگي يا رتوڇاڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ گهر ويٺي فيس بوڪ ذريعي لشڪر جوڙيندڙ سڌڙيا، سنڌ جي بقا جي ويڙهه وڙهندا. اهي ان وقت ڳوليا ڪو نه لڀندا ۽ سنڌ هڪ نه کٽندڙ خانا جنگي جي کوري ۾ هلي ويندي.
افغانستان مان آمريڪي فوجي واپس وڃي رهيا آهن، 31 آگسٽ تائين ناٽو جون فوجون مڪمل طور تي ملڪ مان نڪري وينديون. هن وقت کان طالبان ڪنڌار ۽ هرات سميت وڏا صوبا قبضي ۾ ڪري چڪا آهن ۽ افغانين جو وڏو تعداد پاڪستان جي بارڊر پار ڪري پاڪستان اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آمريڪا پاڪستان کي چتاءُ ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ان چين سان سيپيڪ سميت سمورا ٺاهه ختم نه ڪيا ويا ته افغانستان جي گهرو جنگ سندن ملڪ تائين وسيع ڪري ڇڏيندا. اهڙي صورت ۾ سنڌ ۾ پئدا ٿيندڙ صورتحال سنڌ لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندي، تازو ايم ڪيو ايم جي آفاق احمد سهراب ڳوٺ وڃي، افغانين سان گڏجاڻي ڪئي آهي ته هنن کي ڀڙڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي چيو آهي ته پٺاڻ اسان جا ڀائر آهن. ڪراچي جو حصو آهن اسان سندن هر ڏک ۾ مددگار رهنداسين.
ان کان علاوه اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ شامل ايم ڪيو ايم قيادت پڻ افغانين سان رابطي ۾ اچي وئي آهي ۽ اهي به افغانين کي سنڌين سان جهيڙن ۾ هر طرح جي مدد ڪرڻ جا واعدا ۽ وچن ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم قيادت رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه سان جيل ۾ پڻ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون ۽ کيس سنڌين سان جهيڙن لاءِ ڀڙڪايو آهي. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي ته اهڙي صورت ۾ سنڌ جي دانشورن ۽ ڏاهن کي اڳتي وڌي ان تي سوچڻ گهرجي ۽ سنڌ کي نئين فتناگيري، سول وار جي کوري بڻائڻ وارين قوتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ ناعاقبت انديش فيس بوڪي ڇڇورن کي روڪڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. ان کان پهريان جو هر شيءَ هٿن مان هلي وڃي.