سنڌ جي سياست ۾ ارباب رحيم جي انٽري.

0
583

ڳالھه جيڪر رڳو محترمه بينظير ڀٽو جي ذات بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ جي هجي ها ته پوءِ يقينن اهو معاملو هڪ شخص ۽ هڪ پارٽي جي چاهيندڙن جي وچ ۾ نفرت يا اختلافن تائين محدود هجي ها پر سنڌ جي وڏ وزارت کان پوءِ پنج سال دبئي ۾ رهڻ باوجود به جڏهن ارباب رحيم واپس موٽيو ته سندس پهريون بيان اهو هو ته “هو عورت جي حڪمراني جي خلاف آهي”
ارباب رحيم عورت جي حڪمراني کي نحوست جي نشاني چوڻ واري بيان جي ترديد ڪرڻ بدران ڪيترائي ڀيرا برملا پنهنجي بيان جي تائيد ڪندو رهيو آهي، اهوئي نه پر هن وقت به هو چوي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو بادشاھه آهن، سندن رنگ به ڪارو آهي ان ڪري هو اليڪشن ۾ پ پ وارن جو اڇو رنگ ڏسي کين ووٽ ڏئي ڇڏين ٿا. سندس تنگ نظر سوچ جو دائرو رڳو عورت کي مرد جي برابر نه سمجهڻ تائين هجي ها ته به شايد سنڌ جو شعور سندس ڳالهين کي بنياد پرست ملن ۽ مولوين وانگر سمجهي ڪا ايڏي وڏي اهميت نه ڏئي ها ليڪن ارباب رحيم مٿان اصل الزام آهن سنڌ سان ڪيل سندس تاريخي ويساھه گهاتيون ۽ اهي عمل جن سنڌ ۽ سنڌين کي ناقابل تلافي ۽ تاريخي نوعيت جا نقصان ڏنا.
ڪراچي کان حيدرآباد تائين نقلي موٽروي جي نالي تي سنڌ جون زمينون ايف ڊبليو او کي لکي ڏيڻ توڙي ڪراچي جا ضلعا ختم ڪرڻ جهڙا معاملا به انهن اصل معاملن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙا لڳي رهيا آهن جيڪي ارباب رحيم جي درو ۾ ٿيا. ڪجھه حلقن ۾ انتهائي شائستگيءَ سان چيو ويندو آهي ته ارباب رحيم ذاتي طور هڪ ايماندار ۽ ديندار ماڻهو هو جنهن جو دور ته کڻي سنڌ دشمن هو پر هن ذاتي طور تي ڪا به ڪرپشن نه ڪئي. آئون انهن دوستن اڳيان فقط اها ڳالھه رکندو آهيان ته ديندار هجڻ ۽ نيڪ نمازي هجڻ واريون ڳالهيون ته ارباب رحيم کان وڌيڪ جنرل ضياءَ الحق ۾ هيون جن جا حمايتي اڄ به کيس مرد مومن ۽ مرد حق جو لقب ڏيڻ سان گڏ اسلام جو محافظ ڪري سڏين ٿا پر ڇا جنرل ضياءَالحق ايترن سارن لقبن ماڻڻ باوجود سنڌ جي عوام جي دلين ۾ ڪا همدردي پيدا ڪري سگهيو آهي؟
اسان رڳو ارباب پاران ايم ڪيو ايم کي طاقتور بڻائڻ واري عمل کي اڳيان رکون ته به اسان کي سنڌ کي ڏنل سندس نقصان جو اندازو ٿي ويندو. تاريخ گواھه آهي ته ايم ڪيو ايم ارباب جي دور کان اڳ يا ان کان پوءِ به اقتدار جا ايڏا مزا ناهن ماڻيا جيڪي ان دور ۾ ايم ڪيو ايم کي مليا. ارباب جي دور ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ کي ايئن پٽيندي ۽ کائيندي رهي جيئن مئل ڍور کي ڳجهون کائينديون آهن. ايم ڪيو ايم جي ان دور جي ڪري سنڌ اڃان سوڌو پاڻ سنڀالي ناهي سگهي. هاڻي جڏهن جي ڊي اي کان موڪلائي ارباب صاحب باضابطه طور پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيو آهي ته کيس وزيراعظم عمران خان جو سنڌ جي معاملن لاءِ خاص معاون مقرر ڪيو ويو آهي. منهنجي ان ڳالھه ۾ ڪابه دلچسپي ناهي ته کيس پگهار ملي ٿي يا هو اعزازي معاون آهي؟ يا سنڌ جو وڏو وزير رهندڙ هڪ سياستدان کي ارڙهين اوڻيهين گريڊ جي برابر وارو هڪ اعزازي عهدو وٺڻ کپندو هو يا نه، پر مون کي دلچسپي آهي ارباب غلام رحيم جي سياسي ۽ حڪومتي عهدن جي باري ۾ ڪجھه تاريخي واقعن کي ياد رکڻ ۾، ان ڪري اچو ته ان ڳالھه کي ياد رکون ته ارباب غلام رحيم 4 دفعا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو آهي ۽ 2001ع ۾ جڏهن سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ٺهيو ته ان وقت ملڪ ۾ مسلم ليگ (ق) جي پرويز مشرف جي حمايت سان هو حڪومت جي معاملن ۾ مڪمل طور خود مختيار هو. سنڌ ۾ 2002ع جي اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي ان ماڻهوکي وزيراعليٰ لاءِ ميدان تي آندو جنهن اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ ورتي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي پ پ جي ٽڪيٽ واپس ڪري آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ اهو هو علي محمد مهر جنهن کي بعد ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ ڪيو ويو ۽ ان جي ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس کي شامل ڪيو ويو ۽ ان ۾ ارباب رحيم کي وزارت پڻ ڏني وئي، ان دوران ارباب رحيم جا رابطا مسلم ليگ ق سان ويجها ٿيندا ويا ۽ 2004ع ۾ مهر خلاف بغاوت ڪري پاڻ وزيراعليٰ ٿي ويو. ليڪن اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ان وقت سندس حڪومت سنڌ دشمن تنظيم ايم ڪيو ايم وٽ مڪمل طور تي يرغمال هئي ان ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خلاف جيڪي به فيصلا ٿيندا هئا ته ارباب رحيم انهن فيصلن ۾ خود شامل رهندو هو يا وري پاڻ بيوس نظر ايندو هو. سنڌ ۾ ميرجعفر جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ ارباب رحيم پاران سنڌ سان ڪيل ڪيترين ويساھهگهاتين جا تاريخي حوالا اڄ به تاريخ جي رڪارڊ تي موجود آهن.
سنڌ سان ڪيل وارتائن جي ڊگهي لسٽ مان اها ڳالھه ڪيئن ٿي وساري سگهجي جڏهن ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڪراچي جي تاريخي حيثيت رکندڙ پنجن ضلعن کي ختم ڪري ڪراچي کي هڪ يونٽ ۾ تبديل ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف قومن خاص طور تي سنڌين ۽ بلوچن جي گڏيل طاقت کي ختم ڪري سنڌ جي ڪرنگهي جي هڏي جهڙي حيثيت رکندڙ ڪراچي شهر کي ڄڻ ته پليٽ ۾ رکي ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيو ويو. اهو ئي نه پر سنڌين جي اڪثريت کي ٽوڙي سندن حڪمراني تي وار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد کي چئن ضلعن ۾تقسيم ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حيدرآباد جي ضلعي ڪائونسل تي غير سنڌي ناظم اچي پنهنجا جهنڊا کوڙيا. ارباب رحيم جي سموري دور ۾ سنڌ تي ٿيل حملن ۾ هڪ اهم حملو اهو به هو ته سندس دور ۾ هزارين ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن مٿان هلندڙ ڪرمنل ڪيس ختم ڪيا ويا، سوين سزا يافتا دهشتگردن کي پيرول تي آزاد ڪيو ويو جيڪي وري جيل واپس نه ويا ۽ ڏوهن جي دنيا ۾ گم ٿي ويا، ان دور جي وڏن دهشگردن الطاف حسين، ڪنور خالد، ڊاڪٽر صغير سميت سوين ماڻهن مٿان ڪرمنل ڪيس ختم ڪرڻ واريون خبرون رڪارڊ جو حصو آهن.
ارباب رحيم جي مهربانين منجهان هڪ مهرباني اها به هئي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا بند ڪئي وئي، جنهن سبب سڄي سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي ويجهن ضلعن، ٺٽي، سجاول، ڄامشوري، دادو حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن جي هزارين سنڌي شاگردن لاءِ تعليم جا در بند ڪيا ويا ۽ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل جي داخلائن لاءِ سنڌ جي ٻهراڙي لاءِ رکيل ڪوٽا ختم ڪئي وئي. ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ته ڇڏيو پر ميرپور خاص ۾ به سنڌين سان ٻئي درجي جي شهرين وارو ورتاءَ ڪندي ايم ڪيو ايم جي اثر هيٽ رهندڙ ادارن جهڙوڪ تعليمي بورڊن ۾ هٿ وٺي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ رهندڙ قديم سنڌين جي ڳوٺن کي ڊاهڻ وارو سلسلو به ارباب صاحب جي دور حڪومت ۾ شروع ٿيو جتي ڪراچي جي قديمي ڳوٺن يوسف ڳوٺ، علي آباد، مسلم ڳوٺ، جمعا ڳوٺ ۽ مهراڻ ڪالوني سميت ڪيترن سنڌي ڳوٺن جا هزارين گهر ۽ دڪان ڊاٺا ويا.
ارباب رحيم پاران سنڌ تي ڪيل حملن جي لسٽ تمام ڊگهي آهي پر هتي آئون فقط اهو چوندس ته جنهن ماڻهو مٿان هڪ يا ٻه نه پر سنڌ سان ويساھه گهاتين ۽ نا انصافين جا اڻ ڳڻيا ڏوھه ثابت ٿيل هجن ان ماڻهو کي جيڪر هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جا معاملا سونپيا ويا هجن ته آساني سان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته وفاق ۾ ويٺل سنڌ جا ويري يقينن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ خلاف ڪا نئين سازش سٽي رهيا آهن. ان کان به وڏي افسوس جي ڳالھه وري اها آهي ته ڪجهه سنڌ دوست سڏائيندڙ ماڻهو کيس پنهنجي دردن جو درمان سمجهي هلڪين ڦلڪين شڪايتن ۽ ڏوراپن کان پوءِ وڏي واڪ ڀليڪار به چئي رهيا آهن!