ٻن منٽن جي خاموشي

0
376

ان ڏينهن گلستان سجاد جي قبرستان ۾ اوچتو اوچتو آسمان تي ڪاريون گهٽائون جهڙ ڪري اچي بيٺيون هيون . ڪافي ڏينهن جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ کان پوءِ ٿڌڙي هير گلي هئي. ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گلن جي پتين کي تازي قبر جي مٽيءَ مٿان رکندي مونکي الائي ڇو شدت سان احساس ٿيو ته موت ذميوارين کان مڪتي جو ئي نالو آهي.
ماڻهو ته آخر ۾ مٽي ماءُ جي حوالي ٿي مٽي ٿي وڃي ٿو پر پويان ڪيترائي اڻ لکيا قصا  ۽ ڪهاڻيون ڇڏي وڃي ٿو.
گلن جي پنکڙين سان ڍڪيل هي قبر ڪنهن عام ماڻهو جي نه هئي جنهن کي يادگيرين جي جاري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي وساري ڇڏجي هي قبر ان ماڻهو جي هئي جنهن جي آخري سفر ۾ ڪلهو ڏيندڙ هر فرد جي ڪلهي تي ڪونه ڪو احسان جو بار رکيل هو.
هي خوددار هو ان ڪري ئي هن پنهنجي آخري سفر لاءِ پنهنجي هڪ نوجوان سياسي ساٿي کي سڏائي لک رپيا هٿ تي رکي وصيت ڪئي هئي ته منهنجي دفن ڪفن جو بار منهنجي اولاد تي به نه پوڻ گهرجي، هن کي سنڌ جا ماڻهو شايد جلدي وساري ڇڏين ڇاڪاڻ هو روايتي ماڻهو نه هو جنهن وٽ مرڻ کان پوءِ به ماڻهن جي ڪچهري ۾ جيئڻ جي تمنا هئي هن جيڪي ڪيو گهڻو تڻو گمنام ٿي ڪيو ان ڪري ئي ان جي حسرت ئي  نه هئي ته ڪو ان جي موڪلائڻ تي ڪا ٻن منٽن جي خاموشي به ٿئي.
پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ محبوب زال زبيده جي ڀر ۾ دفن ٿيڻ جي حسرت رکندڙ ڊاڪٽر رجب ميمڻ فڪري طور قومپرست سياست سان لاڳاپيل رهيو هن کي ٻين ٻولين سان ڪا دشمني نه هئي اردو هن جي گهر جي ڪچن کان وٺي بيڊ روم تائين ڳالهائي ويندي هئي ان هوندي به ان کي پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ سنڌي ٻوليءَ سان بي حد پيار هو ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جو هو نه صرف سٺو ڳالهائيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ هو پر سچ ته هو سنڌي ٻوليءَ جو سونارو هو. هن وٽ ٻوليءَ جا سهڻا لهجا، چوڻيون، ٺيٺ سنڌي لفظن جا انبار، لوڪ ڏاهپ جي اڻمئي دولت ساڻ هئي ان هوندي به هن کي سدائين اها ڳڻتي رهي ته ڪٿي نارائڻ شيام جا لفظ سچا نه نڪري پون ته
“الله ايئن نه هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”
ڊاڪٽر رجب ميمڻ سنڌي ٻولي جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هي هونئن ته شائونسٽ قومپرستي جي خلاف هو ۽ پنهنجي سڃاڻپ ترقي پسند قوم پرست جي حوالي سان ڪرائيندو هو پر سچ اهو آهي ته هو پنهنجي اندر ۾ انتهائي“ سخت قومپرست ”هو. هن جي سياسي تربيت ڀلي ڪميونسٽ پارٽي جي وڏي نالي  عزيز سلام بخاري جي هٿ هيٺ ٿي  جنهن جي ايمانداري ۽ ذاتي ڪردار کان ايترو ته متاثر هو جو هر ڪچهري ۾ عزيز سلام بخاري جو ور ور ڏيئي پيو ذڪر ڪندو هو.
پر هن جو خيال هو ته هر قوم کي پنهنجو وطن آهي  ان جا وسيلا ان قوم جي عوام جا آهن ان ڪري سنڌ جي اندر رهندڙ غير سنڌين کي هر صورت ۾ سنڌ مان نيڪالي ملڻ گهرجي، ڌارين جي بار هيٺ رهندڙ سنڌ نه ترقي ڪري سگهندي نه ئي پنهنجي انسان دوست شڪل برقرار رکي سگهندي ڊاڪٽر رجب ميمڻ سنڌ مٿان سنڌين جي حق حڪمراني واري ڪائناتي حق جو سگهارو آواز هو.
هي زندگيءَ جي اصولن ۾ سخت هوندي به پنهنجي دل ۽ دسترخوان کي ڪشادو رکندو هو اهو ئي سبب هو جو ان جي گهر“ زبيده ڪاٽيجز ”تي نه صرف اسان جهڙا گهٽ پڙهيل سياسي ڪارڪن ڪچهرين لاءِ اچي دروازو کڙڪائيندا هئا پر سنڌ جا دانشور، عالم، سياسي ليڊر ۽ اديب ان گهر ۾ ٿيندڙ ڪچهرين لاءِ پنڌ ڪري اچي پهچندا هئا.
ڊاڪٽر رجب ميمڻ دڙي جي مٽيءَ مان اٿي آمريڪا تائين پهتو پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي ساهمي جي ان پڙ ۾ نه رکيو جتي هن جي تور ٿي سگهي ۽ هن جو اگهه مقرر ٿئي اهو ئي سبب هو جو هن کي روايتي وڏن ماڻهن جي دعوتن سان دلچسپي نه هئي هو سياسي ڀوتارن ۽ وقت جي حڪمرانن سان ڊگهين گڏجاڻين مان بيزار ٿي ڪيترائي ڀيرا اٿي هليو آيو هوندو.
ڊاڪٽر رجب ميمڻ ڪميونسٽ فڪر جي اثر هيٺ رهندي ان وقت جي مروجه سياست جي ڪري  ڳجهن سيلن جي انتهائي ڪٺن سياست جو حصو رهيو پاڻ عوامي تحريڪ جو پهريون جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ رسول بخش پليجو سان گڏ سياست ڪئي پر هو گهڻو وقت عوامي تحريڪ  جي سياسي ڪلچر سان هلي نه سگهيو. هن مونکي عوامي تحريڪ جي تاريخ سمجهڻ لاءِ قاسم ميرجت جي آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ ڏني منهنجي خواهش هئي ته ڊاڪٽر رجب ميمڻ پنهنجي آتم ڪٿا لکي جنهن ۾ قوم پرست سياست کان وٺي پنهنجي ذاتي زندگي بابت پوري هڪ دور جي تاريخ  لکي اسان جي رهنمائي ڪري پر شايد هن کي اها مهلت نه ملي زندگي جا پويان ٻه سال هو ڪينسر جهڙي اذيتناڪ بيماري سان جهيڙيندو رهيو.
ڊاڪٽر رجب ميمڻ سنڌ ۾ قومپرست سياست جو وڏو حمايتي هو هن جو خيال هو ته ون يونٽ جي تحريڪ کان سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ جديد سنڌيت جي تحريڪ کي هر صورت ۾ متحرڪ رهڻ گهرجي ان جي لاءِ ضروري آهي ته قومپرست سياست کي پيڙيل طبقن جي نمائندگي ڪندي اڳتي اچڻ گهرجي. ملڪي سطح جي سياست ڪندڙ پارٽين وٽ پيڙهيل طبقن جي لاءِ نعري بازي ته آهي پر عملي طور تي انهن جي زندگي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ناهي.
آئون ڊاڪٽر رجب ميمڻ سان ڪيل سياسي  ڪچهرين جي آڌار تي اهو چئي سگهان ٿو ته ڊاڪٽر رجب ميمڻ سنڌ جي آزاديءَ جو وڏو حمايتي هو پر گڏوگڏ هن جو خيال هو ته قوم جي موجوده ڪمزور حالت ۾ ان ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ قومي خودڪشي ڪرڻ برابر هوندو ان ڪري هو پر امن سياسي مزاحمت تي زور ڏيندو هو. ملڪي سياست ۾ هو قومي جمهوري سياست جو حمايتي هو جنهن ۾ فيڊريشن مٿان کان ڪنٽرول ڪرڻ بدران فيڊريشن  موجوده ايڪائين جي اختيارن جي طابع هجي. ڊاڪٽر رجب ميمڻ جي سياست جي شروعات ڪميونسٽ سياست سان  ٿي هئي ان ڪري ان جي گفتگو ۾ اڪثر پورهيت طبقي ۽ انساني برابري جو ذڪر رهندو هو پر گڏوگڏ دنيا جي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ هن سمجهي ورتو هو هاڻي اهو ممڪن ناهي رهيو ته ففٿ جنريشن وار جي هن دور ۾ ميزائل ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي جي ڀرمار ۾ عوامي طاقت جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪري وٺجي ان جي لاءِ ملڪي آئين ۾ رهندي عوام کي جيترو سياسي سڌارن ذريعي رليف ڏيارجي ان جي لاءِ ڪم ڪجي. هن جو خيال هو ته ملڪ جي موجود شڪل خود هن ملڪ جي مستقبل لاءِ خطرناڪ آهي ان ڪري پاڻ بار بار چوندا هئا ته هن ملڪ کي“ پاڪستان ريپبليڪ ڊيموڪريٽڪ پاڪستان”  جي نئين شڪل جي سخت ضرورت آهي. هي ملڪ ڪنهن مذهب جي نمائندگي ڪرڻ بدران عوام جي ملڪيت هجڻ گهرجي.
سياسي اڀارن کان متاثر ٿيڻ بدران ڊاڪٽر رجب جو خيال رهيو ته سنڌ کي پاپولر پارٽي يا سياست جي ضرورت ضرور آهي پر سنڌ جي زرعي سماج ۾ صدين جي جڙيل اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ لاءِ ضروري آهي ته پاپولر سياست کي طاقت بخشڻ لاءِ ڪيڊر پارٽي جوڙجي جيڪا جاگيردارن جي جبر سان مقابلو ڪري عام ماڻهن جي طاقت بڻجي. اهو ئي سبب هو جو هن وي سي شپ تان  رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ايس ٽي پي ۾ شموليت ڪري سياست ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو. ايس ٽي پي کي نه صرف اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ ڪرايو پر سياست جي ڇٽي هيٺ سماجي خدمتن لاءِ “خدمت سنڌ فائونڊيشن” جا بنياد به رکيا .
ڊاڪٽر رجب ميمڻ پاڙهو ماڻهو هو ان ڪري ان جي مطالعي جي ميز تي هر وقت ڪتاب موجود رهيا. هن زندگي جي آخري پل تائين پڙهڻ ۽ پرجهڻ جو شوق رهيو اهو ئي سبب هو جو مون سميت جامي چانڊيو، ذوالفقار هاليپوٽو، محمد علي ابڙو ،ڄام شوڪت ابڙو ،خدابخش درس ،ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر اعجاز کونهارو، بخشل ٿلهو ۽ عاليه بخشل ۽ ٻيا سياسي پارٽين جا دوست ڊاڪٽر رجب ميمڻ جي گهر جو ڀيرو پيا ڀڄندا هئا.ڊاڪٽر رجب ميمڻ پنهنجي دور جو وڏو عالم، اسڪالر، تحقيقدان هو پر سندس شخصيت ۾ خودداري، ايمانداري، عوام دوستي ۽ سنڌ دوستي جو پاسو به ڏاڍو وزندار رهيو اهوئي سبب هو جو گلستان سجاد جي قبرستان ۾ تدفين وقت سنڌ جا اهي ماڻهو سڀ اچي گڏ ٿيا هئا جن جي جهول ۾ ڪي علم جا ڪڻا پيل هئا.
ڊاڪٽر رجب ميمڻ جي قبر مٿان اڏامندڙ گلن جي پنکڙين سان گڏ اسان انو سولنگي جي آواز ۾ ڳايل گيت
“مان هجان نه هجان قافلو روان رهي،
ماڳ ڏي قدم وڌي نگاهه ۾ نشان رهي”
کي فضائن ۾ اڏاري آلين اکين سان قبرستان مان ٻاهر ته نڪري آيا سين پر سچ اهو آهي ته قبر ۾ دفن ڪيل خوددار انسان اسان جي اکين جي پنبڻين کان اڃان جدا نه ٿي سگهيو آهي