ڇا وزيراعظم جو سنڌ پلان ڪامياب ٿيندو ؟

0
275

13 آگسٽ 2021ع واري ڏينهن وزير اعظم عمران خان جي حڪومت ٽي سال پورا ڪري وٺندي، جڏهن عمران خان جي سربراهي ۾ وفاق اندر حڪومت قائم ٿي هئي تڏھن اهو سمجهيو پئي ويو ته عمران خان جي پارٽي پهريون ڀيرو حڪومت ۾ آئي آھي تجربي جي اڻاٺ ۽ مخالف ڌر ۾ شامل پيپلزپارٽي ، مسلم ليگ نواز، جي يوآءِ ف کي اقتداري رمزن جو ڏهاڪن سالن جو تجربو هجڻ ڪري عمران خان جي حڪومت جو سفر انتهائي مشڪل بڻجي ويندو پر گذريل ٽن سالن جي عرصي کي ڏسجي ته حڪومت جو تجربو نه رکندڙ عمران خان جي حڪومت خلاف مخالف ڌر ڪا به تحريڪ هلائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آھي. مهانگائي ماضي جي حڪومتن ۾ به مسئلو رهيو آھي پر مهانگائي کي جيترا هن حڪومت جي ٽن سالن ۾ پر لڳا آھن اهڙو ماضي جي حڪومتن ۾ مثال نٿو ملي نه رڳو ايترو پر هن حڪومت ۾ کنڊ، اٽي ، پيٽرول جا مصنوعي طور اگھه وڌايا ويا جنهن جو اعتراف پاڻ حڪومت بار بار ڪندي رهي پر ان باوجود عوام جي زندگي مٿان سڌي ريت اثر انداز ٿيندڙ انهن مامرن کي هٿيار بنائي مخالف ڌر عوام کي حڪومت خلاف سامهون آڻڻ ۾ ناڪام ٿي آھي.
وسيع تجربو رکندڙ مخالف ڌر جي پارٽين کي ايئن بي اثر ڪرڻ پويان هڪ حڪمت عملي شامل آھي، ڀلي ان جو ڪريڊيٽ پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيل پي ٽي آءِ کي مخالف ڌر نه ڏئي پر اهو ته سچ آھي ته مخالف ڌر جي پارٽين تي ٻڌل اتحاد پي ڊي ايم بي معنيٰ ۽ بي اثر ٿي ويو آھي، اهو ئي سبب آھي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ڪرڻ کانپوءِ به تحريڪ انصاف ۾ اقتداري ايوانن ۾ پهچڻ جي خواهش جا اسير شامل ٿي رهيا آهن. ماضي ۾ اڪثر طور اهو ڏٺو ويو آھي ته جيڪا به پارٽي مرڪز ۾ ٽي سال يا مدت پوري ڪرڻ لڳي ته ان پارٽي کي اقتداري طاقت لاءِ ايندڙ ميمبر ڇڏڻ جا سانباها ڪندا آهن.
سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم ته تحريڪ انصاف جي جهنڊي وارو مفلر ڳچي ۾ پائڻ بعد وزير اعظم جو خصوصي معاون به بڻجي ويو آھي جڏهن ته ارباب غلام رحيم وانگر جي ڊي اي سان تعلق رکندڙ شڪارپور جي غوث بخش خان مهر ۽ گهوٽڪي جي سردار علي گوهر خان مهر به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي.
سنڌ ۾ هميشه پيپلزپارٽي مخالف اتحاد جو محور پيرپاڳارو رهيو آھي پر هن ڀيري پير صاحب پاگاري جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي خلاف اتحاد بجاءِ پي ٽي آءِ کي مضبوط ڪرڻ يا پي ٽي آءِ ۾ سنڌ مان اهم سياسي شخصيتون آڻڻ لاءِ پي ٽي آءِ قيادت مصروف آھي. جي ڊي اي جو سربراهه پير صاحب پاڳارو آھي انهي جي سربراهي ۾ جڙيل اتحاد مان ان جي اتحادي پارٽي پي ٽي آءِ پاران اڳواڻ ٽوڙڻ واري عمل تي پيرپاڳاري جو اڃان ڪو ردعمل نه آيو آھي شايد اڳوڻي پاڳاري شاهه مردان شاهه جي سياسي ضبط واري پالسيي اختيار ڪندي موجوده پيرپاڳارو سياسي حالتن جو جائزو وٺندو هجي پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف اتحاد پير پاڳاري جي پارٽي فنڪشنل ليگ کانسواءِ ايترو موثر نه ٿي سگهي.
پيپلزپارٽي مخالف سياسي ڌريون هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيڻ جو سياسي نقصان به فنڪشنل ليگ کي ايترو نه ٿييدو ماضي ۾ به فنڪشنل ليگ اڪيلي سر چونڊون وڙهي سيٽون حاصل ڪري سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ پهچندي رهي آھي پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف سياسي ڌرين جي هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيڻ جو بظاهر پيپلزپارٽي کي چونڊن ۾ ان ڪري فائدو ٿيندي نظر اچي رهيو آھي جو ان سان پيپلزپارٽي مخالف ووٽ تقسيم ٿي ويندو، اهو عمل پپلزپارٽي جي اميدوارن لاءِ آساني پيدا ڪري سگهي ٿو.
اها حقيقت آھي ته ملسل 14 سال سنڌ ۾ حڪمراني ڪرڻ باوجود پيپلزپارٽي سنڌ صوبي ۾ عوام جا بنيادي مسئلا به حل نه ڪري سگهي آھي پيپلزپارٽي جي طرز حڪمراني تي سنڌ صوبي اندر ساڃاهه وندن ، توڙي عام ماڻهن کي شديد اعتراض ۽ ڪاوڙ به آھي اها به گهٽ ۾ گهٽ مون کي حقيقت لڳي ٿي ته پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ ووٽ بينڪ محترمه بينظير ڀٽو جي دور وارو نه رهيو آھي پر اها به حقيقت آھي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو ووٽ بينڪ اڃان آھي اهو ئي سبب آھي جو اڪثر ضلعن ۾ اقتداري سياست ڪندڙ اليڪٽيبلز پيپلزپارٽي ۾ ويٺل آھن. هڪ صحافي دوست جو خيال يا تجزيو آھي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف اتحاد ٺهڻ سان ان وقت پيپلزپارٽي کي ڪو نقصان نه ٿيندو جيستائين ڌڻي پيپلزپارٽي خلاف ميدان ۾ نٿا اچن،جيڪڏهن اهي ميدان ۾ پيپلزپارٽي خلاف آيا ته پوءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ وزارتن جا مزاماڻيندڙ ڪجهه اڳواڻ به پيپلزپارٽي کي الوداع چئي سگهن ٿا ته هن وقت پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبرن مان به ڪجهه پيپلزپارٽي کان رستا ڌار ڪري سگهن ٿا.
سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي قيام جو مامرو ملڪي سياسي صورتحال سان اڻ سڌي ريت جڙيل محسوس ٿئي ٿو، مرگلا جي پهاڙن جي هنج ۾ اڏيل گادي واري شهر اسلام آباد جي مرگلا جي پهاڙن جو مطلب هڪ صحافي مظهر برلاس نانگن جو گهر ڪڍيو آھي ان شهر ۾ ڪجھه وقت کان اهي چوٻول هلي رهيا آھن ته مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي اها پيشڪش ڪئي وئي آھي ته پنهجي قائد ۽ ڀاءَ نواز شريف کي اهو مڃائي ته هو پاڻ ۽ سندس ڌي مريم نواز اقتداري مامرن کان پاسي تي رهن ته شهباز شريف وزير اعظم ٿي سگهي ٿو. تازو شهباز شريف کان صحافي سليم صافي انٽرويو ڪيو آھي ان ۾ ان جا واضح سوال شهباز شريف کان ڪيا ويا آھن جواب ۾ شهباز شريف اهو چيو آھي ته جذبات ۾ ماڻهو ڳالهائي ويندو آھي ماضي کي وساري اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو. شهباز شريف اها به شڪايت ڪئي آھي ته جيترو اسٽيبلشمنيٽ عمران خان جو ساٿ ڏنو آھي ان جو ٽيهون حصو به ڪنهن حڪومت کي ساٿ ملي ها ته اهي گهڻو ڪجهه ڪري وڃن ها. خير واپس اچون ٿا شهباز شريف ذريعي نواز شريف ۽ مريم نواز کي مڃائڻ جي ڪوششن طرف، سوال هي آھي ته نواز شريف ۽ مريم نواز پاڻ کي مائينس ڪري شهباز شريف کي پارٽي ۽ حڪومت جا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏيندا؟
اهو اهڙو سوال آھي جنهن جو جواب هن وقت شايد ئي ڪو پير ٻڌي ڏئي سگهي ڇو ته شهباز شريف جي سربراهي ۾ ن ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان ڪيسن جي ڄار ۾ ڦاٿل نواز شريف ۽ مريم نواز لاءِ انهي ڄار مان نڪرڻ جو رستو به نڪري سگهي ٿو ان ڪري انهي تجويز تي ن ليگ قيادت ڊگهي سوچ ويچار سان ئي فيصلو ڪندي، ان سان ڌڻين جو به فائدو آھي، ڇو ته ان سان پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف ٺھندڙ راءِ عامه کي روڪي سگهجي ٿو ۽ پنجاب جي مقبول ترين پارٽي مسلم ليگ ن کي مختلف طريقن سان روڪڻ جي ڪوششن سان جيڪي اثر سامهون پنجاب ۾ اچي سگهن ٿا انهن کان به بچي سگهجي ٿو.
پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي مقبوليت ڌڻين لاءِ سوچڻ جو سبب آھي جيڪا مقبوليت گھڻي قدر نواز شريف ۽ مريم نواز ڪري آھي جيڪڏهن نواز شريف انقلابي سوچ ۽ طاقتور ڌرين سان اختلاف قائم رکي ٿو ته مسلم ليگ ن مان مسلم ليگ ش قائم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي سگهن ٿيون پر مسلم ش کي مسلم ليگ ن جي سپورٽ ڪندڙ عوام جا ووٽ ڪيئن ملي سگهن ٿا اهو ئي سبب آھي ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءَ سان اختلاف ڪري ڌار پارٽي ٺاهي ان جو امڪان اڪثر ماڻهن کي گهٽ لڳي ٿو. اهي به چوٻول ٻڌا پيا وڃن ته نواز شريف جي ضد تي قائم رهڻ جو فائدو پيپلزپارٽي کي ٿي سگهي ٿو ان صورت ۾ پيپلزپارٽي کي مرڪز ۾ موقعو ملي سگهي ٿو.
جيڪڏهن اهڙي صورتحال جڙي ٿي ته سنڌ صوبي ۾ پيپلزپارٽي خلاف ڌڻي سرگرم ان ڪري نه ٿيندا جو اتحادي حڪومت جي قيام لاءِ به پيپلزپارٽي کي گهٽ ۾ گهٽ 342 سيٽن مان 156 سيٽون حاصل ڪرڻيون پونديون. جيتريون هن وقت پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ سيٽون حاصل آھن ايتريون سيٽون پيپلزپارٽي سنڌ صوبي مان ڪامياب ٿيڻ کانسواءِ ڪيئن کڻي سگهي ٿي، ڇو ته پنجاب صوبي ۾ پيپلزپارٽي جي ٿوري گهڻي مقبوليت سرائيڪي بيلٽ ۾ آھي پر ان بيلٽ مان اليڪٽيبلز هن وقت يا ته ن ليگ ۾ آھن يا پي ٽي آءِ ۾ ويٺل آھن. ڪي پي ۽ بلوچستان صوبن مان به 2018ع جي عام چونڊ ۾ پيپلزپارٽي هڪ به قومي اسيمبلي جي سيٽ حاصل نه ڪري سگهي هئي، ان ڪري جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي وفاق ۾ حڪومت قائم ٿيڻي آھي ته سنڌ صوبي مان پيپلزپارٽي جي ڪاميابي ضروري ٿي ويندي. ايندڙ عام چونڊن ۾ جيتوڻيڪ اڃان پورا ٻه سال پيا آھن پر سياسي سرگرمين کي ڏسي محسوس ٿي رهيو آھي ته ايندڙ عام چونڊن جي تياري شروع ٿي چڪي آھي،
هلندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد ئي ڪجهه تجزئي نگارن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو هو ته هي چونڊن ۾ وڃڻ واري بجيٽ آھي. بجيٽ جي منظوري بعد وزير اعظم ان سنڌ صوبي جتي پي ٽي آءِ جي تنظيم ڪمزور آھي کي موثر بنائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آھي، اهو ئي سبب آھي ته ڪجهه تجزئي نگارن کي اهو گمان ٿي رهيو آھي ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي حڪومت جي پنج سالن جي مدت مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي چونڊن جو اعلان نه ڪري ڇڏي. پر مظهر عباس جهڙي صحافي کي ملڪ اندر پهريون ڀيرو وزير اعظم عمران خان پنج سالن جو عرصو پورو ڪندي نظر اچي رهيو آهي. مظهر عباس جو اهو تجزيو درست ثابت ٿئي ٿو يا نه ان لاءِ ته انتظار ڪرڻو پوندو پر ڪالهوڪي جنگ اخبار ۾ لکيل سندس ڪالم جي تجزيي سان اتفاق ڪيان ٿو. مظهر عباس ڪالم ۾ لکيو آھي ته “ تمام ملڪ واسين کي مبارڪ هجي ته پاڪستان جمهوريت جي وائرس کي روڪڻ لاءِ هڪ موثر ۽ قابل عمل هائبرڊ جمهوريت ويڪسين تيار ڪري ورتي آھي جنهن تي ڪاميابي سان عمل ٿي رهيو آھي جنهن ڪري تنقيد سوڌو هر شيءَ مثبت نظر اچي رهي آھي جن ۾ اڃان به ٿورو گهڻو وائرس جون علامتون آھن انهن کي مشورو ڏنو پيو وڃي ته جلد اها ويڪسين لڳرائي وٺن جيئن سياست ۾ انهن جي واپسي ٿي سگهي. اها ڳالھه طئي آھي ته اها ويڪسين لڳرائڻ کانسواءِ ڪو چونڊ عمل ۾ حصو نه وٺي سگهندو. ان ويڪسين لڳائڻ جو وڏو فائدو اهو به آھي ته ويڪيسن لڳرائيندڙن اندر اينٽي باڊيز ٺهڻ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ اهي فوري طور تي جدوجهد ، احتجاج ، ڌرڻي ۽ هڙتالن کان پاسو ڪرڻ لڳن ٿا. ايئن اهي سهي معنيٰ ۾ محب وطن ٿي وڃن ٿا، ڇو ته ان ويڪسين سان غداري جون علامتون ختم ٿي وڃن ٿيون هڪ ڳالھه اسان جي رياست طئه ڪري ڇڏي آھي ته جيڪو ان عمل مان نه گذرندو ان لاءِ سياست جا دروازا بند رهندا.”
صحافي مظهر عباس ان ڪالم ۾ اهو به لکيو آھي ته “ ڇوته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آھي ۽ ميڊيا هڪ قدآور وڻ ٿي وئي آھي ان ڪري اهو به ضروري قرار ڏنو ويو آھي ته اينڪرن سوڌو صحافين کي به اها هائبرڊ جمهوريت ويڪسين لڳرائي وڃي جن اها ويڪسين لڳرائڻ کان انڪار ڪيو انهن کي قرنطينه ڪيو ويو آھي جن اينڪرن ۽ صحافين ۾ علامتون نه هيون انهن کي ويڪسين نه لڳائي وئي جن ۾ ڪجهه ٻيون علامتون محسوس ڪيون ويون آھن انهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن رپورٽ اچڻ تي فيصلو ٿيندو .”