سنڌ پوليس ۽ عوام جو الميو

0
289

سنڌ پوليس جي تاريخ ۾ 23 مئي اهو ڏينهن شمار ٿيندو جنهن ڏينهن تي شڪارپور جي تيغاڻي ڪچي آپريشن ۾ پوليس جا 3 جوان شهيد ٿيا ۽ ڇھه ڄڻا پوليس سپاهي زخمي ٿيا. شهيد ٿيلن ۾ منور علي جتوئي ، عبدالخالق سولنگي ۽ فوٽو گرافر حسيب شيخ ( حسيب شيخ ملازم نه هو پر آپريشن ڪوريج جي لاءِ ويل هو ڇو ته هو پروفيشنل فوٽو گرافر هو) سجاد چانڊيو ، سعيد مهر ، اسد پهوڙ ، عمران سومرو ۽ مزمل سومرو زخمي ٿيا. پنهنجي اخبار جي رپورٽ مطابق اهو آپريشن 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن پٺاڻ ٽرالر ڊرائيور نعمت الله ۽ نقيب الله جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو ۾ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيو ويو. رپورٽ مطابق ڪچي ۾ ڌاڙيل سکيو تيغاڻي ۽ جھنگل تيغاڻيءَ جي ٺڪاڻن تي پوليس چڙهائي ڪئي ته مقابلو شروع ٿي ويو. بڪتر بند ( اي پي سي ) تي راڪيٽ لانچر فائر ٿيا جنهن ۾ ٽي جوان شهيد ٿيا ۽ مقابلي دوران باقي زخمي ٿيا. آپريشن جي حقيقي صورتحال جي پاڻ کي پوري خبر ناهي پر آپريشن دوران اي پي سي جي اندر هڪ سپاهي هڪ ويڊيو پيغام وائرل ڪندي دانهيندو رهيو ته هو ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن، اي پي سي جي چوڌاري فائرنگ ٿي رهي آهي. شهيدن لاءِ ٻڌائيندي هو چئي رهيو هو ته سندس زندگيءَ کي به خطرو آهي. هو ويڊيو ڪال انهيءَ لاءِ پيو ڪري ته مدد جي لاءِ پوليس اچي ۽ کين بچائي، بعد ۾ ايس ايس پي شڪارپور ٻه اي پي سي ڪاهي سندن مدد لاءِ پهتو ۽ هن زخمي ٻاهر ڪڍيا. ٻنهي پاسن کان شديد فائرنگ هلي رهي هئي، حملي ۾ اي پي سي ۽ شهيد اتي ڇڏي زخمين کي فورن اسپتال پهچايو ويو بعد ۾ اي پي سي ٽوچن ڪري آندي وئي. انهيءَ دوران جيڪا ڌاڙيلن طرفان وڊيو وائرل ڪئي وئي انهيءَ ۾ پهرين وڊيو ۾ ڌاڙيل اي پي سي مان زخمين کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ گاريون ڏئي رهيا آهن ۽ کين چئي رهيا آهن ته هو هٿ مٿي ڪري ٻاهر نڪري اچن بعد ۾ به جيڪا وڊيو وائرل ٿيل آهي انهيءَ ۾ وڊيو ۾ ڌاڙيل اي پي سي تي چڙهي فائرنگ پيا ڪن ۽ فتح جو جشن ملهائيندي نظر پيا اچن. انهيءَ وقت ٽي شهيد ان اي پي سي ۾ پيل هئا ان آپريشن جي معلومات ۽ وائرل ٿيل وڊيوز تقريبن سنڌ جي عوام کي حاصل ٿي چڪي آهي. ٻئي ڏينهن تي شام جو 7 وڳي قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ميڻ بتيون ٻاري تصويرن تي گل نڇاور ڪيا ويا ان ڀيٽا ۾ سياسي ، سماجي ۽ شهرين جو چڱو خاصو تعداد گڏ ٿيو، هر چهرو ڏک ۽ غصي ۾ هو هر زبان رياست ۽ سياست تي تنقيد ڪندي پنهنجي ڪيفيت جو اظهار ڪيو ٿي. مان ڀيٽا کان پوءِ شهيد منور جتوئي جي تڏي تي ويس سندس وڏو ڀاءُ عزيز جتوئي ڪاري لباس ۾ ڏکويل ۽ انتهائي دردناڪ پيڙا ۾ تڏي تي ويٺل هو.
( عزيز جتوئي پاڻ به پوليس آفيس ۾ سينئر ڪلارڪ آهي ) ٿوري دير ۾ ڪنهن اچي نياپو ڏنو ته ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي سکر ٻئي عذر جي لاءِ اچي رهيا آهن، ٿوري دير ۾ هو ٻئي آيا دعا گھرڻ کان پوءِ شهيد جي خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي ٻنهي يڪجهتي جو اظهار ڪيو پر ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي وڏي دعويٰ سان اهو چيو ته مقابلي دوران اسان ڌاڙيلن جا چار ماڻهو ماريا آهن ۽ ٻارنهن زخمي ٿيا آهن، انهيءَ کان پهريان ڊي آءِ جي اٺن ڄڻن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. تڏي تي ڏک ۽ غم جي صورتحال سبب مان خاموش رهيس ڇو ته جيڪا هو دعويٰ ڪري رهيو هو ان جو وار جيترو ثبوت به نه ملي سگھيو هو. ڪچي جي علائقي ۾ جيڪي رهندڙ برادريون آهن ۽ خاندان آهن انهن ڪيترين جون هڪ ٻئي سان دشمنيون آهن نقصانن جي معلومات فورن ملي ويندي آهي خاص ڪري صحافين کي، پر هي اکر لکڻ تائين ڪجھه به اڳيان نه اچي سگھيو آهي. ها آپريشن جي حڪمتِ عملي ۾ تيغاڻن جي سردار تيغو خان تيغاڻي، ان جي پٽ ۽ ٽن ملازمن کي ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو ويو آهي. هي به ٻڌايو ٿو وڃي ته مٿس پوليس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تيغو خان انهيءَ کان پهريان به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گرفتاري ۾ رهيو هو. هڪ اردو چينل تان هن جي اعترافي بيان جي ريڪارڊنگ به هلي هئي. ان ڪچي ۾ اهو پهرين آپريشن ناهي ۽ نه وري شهادتون پهريون دفعو ٿيون آهن، انهيءَ کان پهريان 1990 ع دوران طارق ايس ايڇ او شهيد ٿي چڪو هو انهيءَ کان پوءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مشتاق گڏاڻي آپريشن جي قيادت ڪئي جنهن ۾ ٽي سپاهي شهيد ٿيا. ڊي آءِ جي پنهنجي گاڏي ڇڏي پوئتي هٽيو انهيءَ سان گڏ ٻيون به پوليس جون گاڏيون هيون جيڪي واپس ڪرائڻ ۾ اتان جي روپوشن جي مدد ورتي وئي، ٻڌايو ٿو وڃي ته ان مدد ڪندڙن ۾ ٻٻر بڊاڻي ، عبدالحق شامل هئا.
ايس پي نادر کوسي جي دور ۾ به ڪچي ۾ آپريشن ٿيو پوليس ڏوهارين جي گهرن تي ڪجھه وقت قابض رهي، تمام گھڻو خرچ ٿيو ان آپريشن دوران ڪا به اهڙي مزاحمت نه ٿي جو ڪنهن جو قتل يا زخمي ٿيو هجي. گذريل سال ڊي ايس پي راءٌ شفيح الله ڏوهارين جي گھيراءُ ڪرڻ دوران شهيد ٿيو پر انهيءَ کان پهريان ان ساڳئي ڪچي جي علائقي ۾ سکر جي طرف ( واضح رهي ته هن ڪچي جون حدون سکر ۽ پني عاقل تائين ڦهليل آهن) هڪ اي پي سي تي حملو ٿيو هو جنهن کي ڌاڙيلن باھه ڏني هئي ۽ ان اي پي سيءَ ۾ ڇھه سپاهي سڙي شهيد ٿي ويا هئا، اهو سلسلو هن وقت تائين وقفي وقفي سان جاري آهي، ويھه پنجويھه سالن جي عرصي ۾ ڏوهارين جو ڪو به صفايو ناهي ٿي سگھيو. هن وقت هي مطالبو به ٿي رهيو آهي ته فوج جي ذريعي آپريشن ڪيو وڃي سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ڪچي جي آپريشن تي بحث ٿيو ۽ گھر ڪئي وئي آهي ته رينجرس ۽ فوج کان آپريشن ڪرايو وڃي. ممڪن آهي ته اهو سڀ ڪجھه ٿئي پر سوال هيءُ ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ پوليس جو اهڙو حال ۽ اهڙي ڪمزوري ڇو ۽ ڇا لاءِ آهي ؟ ڇا ان پوليس جي اداري تي پاڻ تنقيد ڪري سگھون ٿا جنهن جي وک وک تي سياسي مداخلت هجي، جنهن ۾ فورس جي ڀرتيءَ تي رشوت جي منڊي نيلام جي مال جيان لڳندي هجي؟ ڪهڙو دور اهڙو رهيو آهي جنهن ۾ سپاهي جي ڀرتيءَ تي لکين روپيا رشوت ناهي ورتي وئي. رشوت ۽ سفارش کان پوءِ جيڪا ٽريننگ پوليس کي ڏني ٿي وڃي انهيءَ جو حشر نشر اسان سڀني جي اڳيان آهي، نه اخلاقي قدر، نه فرض شناسي، نه پروفيشنل ازم جي تربيت نظر ايندي. روايتي جسماني ٽريننگ کان سواءِ رٽيل پٽيل قانون جي معلومات، انهيءَ کان پوءِ پوليس جي اندر سپاهي کان مٿي تائين هر وقت سياسي مداخلت ۽ سياسي سفارش ، سياسي بنگلا پوليس کي ڪمدار کان وڌيڪ ڪجھه نٿا سمجھن، ايتري حد تائين جو ڪيتريون ئي پوليس ملازمن جون وفاداريون پنهنجي ڊپارٽمينٽ سان هجڻ جي ابتڙ کلي عام بنگلن سان نظر اينديون. منظم ۽ بااخلاق ڪلچر جي بجاءِ پوليس جي اندر هٻڇ، خوشامد، لالچ لوڀ خوف ۽ ڪمزور تي دٻدٻو عام جام نظر ايندو. اهو پورو ماحول ۽ ڪلچر ان اداري جي اندر سياسي مدلخلت سبب ٿيو آهي، اسان کي ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته جهڙي مداخلتي نفيسات ادارن تي قابض هوندي اهوئي ڪلچر انهن ادارن جي اندر پيدا ٿيندو. سنڌ جي اندر ڀوتار ۽ سردار يا پير جيڪو تهذيب ڪلچر ۽ اخلاقيات رکن ٿا اها اسان جي اڳيان آهي. هنن جي بنگلن ۾ ساڄي پاسي ڏوهاري ۽ کاٻي پاسي رياست جا ملازم ۽ خاص ڪري پوليس وارا نظر ايندا. ڀوتار جي هڪڙي مڇ ڏوهارين تي فخر ڪندي ته ٻئي پوليس جي مٿان دٻدٻي تي آئڙيل نظر ايندي. سنڌ جو عوام پنهنجي جيڪا سماجي غير محفوظائپ بد امني، جي سزا ڀوڳي پيو انهيءَ ۾ تحفظ لاءِ دربدر ۽ خوارخراب نظر پيو اچي. ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ بنگلن جي اجازت جي ملي ته ٺيڪ نه ته فرياديءَ جي مٿي تي قرآن پاڪ رکيل نظر ايندا. احتجاج دانهون ۽ سڏڪا سڄي سنڌ ۾ نظر پيا اچن. شڪارپور جو ڪچو رڳو نو گو ايريا ناهي پر اتر سنڌ جا ڪيترائي علائقا برادرين جي جھيڙن ۾ نو گو ايريا بڻيل آهن، جڏهن صورتحال ان سطح تي پهتل هجي ته پوءِ سنڌ جو عوام امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪري؟ ڇا سنڌ پوليس جي ان بري حال ٿيڻ کان پوءِ سنڌي عوام کي امن ملي سگھندو؟ ڇا سنڌي عوام کي امن هي جاگيردار ۽ سردار ڏيندا؟ ڀلي هن وقت فوج يا رينجرس کان آپريشن ڪرايو وڃي پر اهو عمل ڪيستائين جاري رهندو؟ 1991-92ع دوران نواز شريف جي دورِ حڪومت ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن فوج کان ڪرايو ويو هو، ان آپريشن جي حقيقتن جي اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ڪجھه ڏوهاري قتل ٿيا هئا ڪجھه گرفتار پر ڪجھه عرصي کان پوءِ صورتحال پهريان کان به خراب ۽ بدتر ٿيندي رهي آهي. بنيادي سوال وري اهو آهي ته سنڌ ۾ امن ڪڏهن قائم ٿيندو جڏهن سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت بند ٿيندي جيستائين سياسي مداخلت رهندي وڏيرن ، ڀوتارن ۽ سردارن جو ڪردار رهندو ته ماحول بد کان بدتر ٿيندو. پوليس کي بهتر ڪرڻ ۽ مداخلت کان آجو ڪرڻ جو ڪردار هي ڀوتارڪي سياست ادا نٿي ڪري سگھي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ عوام دوست سياست ۽ سول سوسائٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪري پوليس کي مداخلت کان بچائي ۽ ان سان پنهنجي اظهار يڪجهتي ۾ رڳو بيان نه ڏئي پر عملي طور تي امن جي تحريڪ کي اڳتي وڌائي، جيستائين ادارا بهتر نه ٿيندا تيستائين سنڌ بدکان بدتر صورتحال ۾ رهندي، هاڻي وقت رڳو تنقيد ۽ دانهن ڪرڻ جو ناهي پر منظم طريقي سان سنڌ کي بچائڻو آهي. آخر ۾ هي ورجائڻ ضروري آهي ته جاگيرداري ۽ زمينداري ذهنيت جي مداخلت مان نجات خود عوام کي پاڻ کي حاصل ڪرڻي پوندي.سنڌ پوليس جو ۽ عوام جو الميو اهوئي آهي ته انهيءَ جي سيني تي جاگيرداري سياست جي لت رکيل آهي پر هو ٻئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان شڪايتون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ جبر جي لت ٻنهي تي ساڳئي آ جنهن جي هٽڻ کان سواءِ بهتري نٿي اچي سگھي.