جنگبندي کانپوءِ فلسطين ۾ امن ۽ سندس قسمت وارو سوال 

0
303

غزه ۾ فلسطين جي مظلوم عوام خلاف شروع ٿيل اسرائيل جي جارحيت، جمعي تي جنگبندي جي صورت ۾ ختم ٿي . جنهن کي مڪمل جنگ بندي ته نه ٿو چئي سگهجي پر “بي شرط” “عارضي” جنگبندي چئي سگهجي ٿو. پورا يارنهن ڏينهن اسرائيل جي ڪيل فضائي حملن ۽ وسايل بمن جي صورت ۾ غزہ ۾ 250 کان مٿي فلسطينين پنهنجي زندگين جو نذرانو ڏنو، جنهن ۾ 65 کن ٻارڙا به شامل هئا. فلسطين نيشنل اٿارٽي موجب 1900 کان مٿي فلسطيني زخمي ٿيا آهن ۽ گڏوگڏ حملن سبب غزہ جو انفرااسٽرڪچر مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي. حماس پاران جيڪي به راڪيٽ لانچر اسرائيل کي ٽارگيٽ ڪري هنيا ويا اهي سندس مضبوط ۽ جديد دفاعي سسٽم آئرن ڊوم جي مدد سان ناڪارا بڻائي ٿي ڇڏيائون، پوءِ به 12 اسرائيلي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي
الجزيره نيوز نيٽ ،اقوام متحده جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته 2008ع کان 2021ع جي درميان 5739 فلسطيني ۽ 251 اسرائيلي موت جي مارجي چُڪا آهن. سراسري هڪ اسرائيلي جي بدلي 23 فلسطينين کي ماريو ويو آهي.
موجوده اسرائيلي بربريت جا ڪهڙا سبب هئا؟
اسرائيلي پنهنجي طاقت، هوڏ، هٺ ۽ دنيا جي پاڻ جهڙن امير ملڪن جي حمايت جي ڪري هميشه عالمي قانونن ۽ قائدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جنهن جو اهم مقصد ئي اهو آهي ته فلسطينين تي هر طرح جو ظلم ڪري کين ملڪ بدر ڪجي. غزه وارو علائقو 1967ع واري جنگ کانپوءِ اسرائيل جي ئي قبضي ۾ هو پر فلسطينين جي ڀرپور مزاحمت ۽ پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب 2005ع ۾ کين واپس مليو. يروشلم جي ڀر ۾ شيخ جارح نالي هڪ علائقو آهي جنهن بابت اتي رهندڙ يهودين جو خيال آهي ته سندن وڏڙا موجوده اسرائيل جي ٺهڻ کان به اڳ رهندا اچن. ساڳين علائقي ۾ عرب به رهن ٿا انهن جو ساڳيو موقف آهي ته اسين به هتي جا مقامي رهواسي آهيون. پر اسرائيل جي هڪ عدالت اهو فيصلو ڏنو ته هن علائقي تي يهودين جو حق آهي. هن عدالتي فيصلي کي رد ڪندي فلسطيني عوام پُرامن احتجاج ڪيو پئي ۽ اها گهر ڪئي پئي ته کين ملڪ بدر نه ڪجي ۽ رمضان جي مقدس مهيني ۾ کين عبادت لاءِ ال اقصيٰ مسجد ۾ اچڻ تي پابندي به نه وڌي وڃي. ان آواز کي ڪُچلڻ لاءِ اسرائيلي ملٽري“ گارجين آف وال” نالي آپريشن جي شروعات ڪندي 27هين رمضان واري رات ال اقصيٰ مسجد تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻه نمازي شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ.
بس ان اڳرائي کانپوءِ فلسطيني تنظيم حماس به جوابي ڪارروائي ڪري راڪيٽ لانچر اسرائيل جي علائقن ڏانهن موڪليا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي معاملو وڌندو ويو.
فلسطين جو ساٿ ڪنهن ڪنهن ڏنو:
هڪڙي پاسي جديد هٿيارن سان تربيت يافته اسرائيلي فوج هئي ته ٻئي پاسي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هٿن ۾ پٿر کڻي مزاحمت ڪندڙ فلسطيني ٻار ۽ نوجوان هئا. امن ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ دنيا واسين هن ظلم جي ڀرپور نندا ڪري احتجاج پئي ڪيا. پاڪستاني قوم ۽ حڪومت هميشه جيان اڳڀري هئي، هن ڀيري اقوام متحدہ جي فلسطين بابت ڪوٺايل اجلاس ۾ پاڪستان جو فلسطين جي حمايت جو انداز جارحاڻو هو، پاڪستان اقوام متحده کان سخت لفظن ۾ جنگبندي جي گهُر ڪئي ۽ اسرائيل جي ظلمن کي به بيان ڪيو، گڏو گڏ ترڪي، مصر، روس، آمريڪا، يورپ ايران ۽ عرب ملڪن به شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي هئي. هيومن رائٽس جي ادارن سان گڏ ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم يونيسيف به جنگبندي لاءِ زور ڀريو هو. روس ته اهو به چيو ته اسرائيل جيڪڏهن فضائي حملا نه گهٽايا ته اسان به حملو ڪنداسين، ترڪي ۽ پاڪستان او آئي سي جي اجلاس ۾ اها تجويز ڏني ته سڀئي مسلمان ملڪ گڏجي پنهنجا تربيت يافته سپاهي موڪلي هڪ پروٽيڪشن فورس ٺاهي غزه ۾ فلسطينن جي هر لحاظ کان حفاظت ڪن. پر ان تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن آمريڪا شروع ۾ ته سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل جنگبندي کي ويٽو ڪري ڇڏيو پر بعد ۾ جڏهن روس جو ڌمڪي آميز بيان سامهون آيو ۽ سڄي دنيا اسرائيل جي ڏاڍ ۽ جبر خلاف هڪ ٿي آواز اٿارڻ شروع ڪيو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن به بار بار اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو کي فون ڪري جنگبندي جي تاڪيد ڪري رهيو هو. جنگبندي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون مصر جي صدر فتح السيسي جون هيون جنهن هر فورم تي آواز اٿاريو . مصر ۽ فلسطين جو بارڊر هڪ ئي آهي. انهن يارنهن ڏينهن جي عرصي ۾ تقريبن 70000 فلسطيني بارڊر ڪراس ڪري مصر ۽ ٻين علائقن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ نڪري چُڪا هئا. عالمي ميڊيا به هميشه جيان اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري اسرائيل جي حق ۾ رپورٽنگ پئي ڪئي تنهن هوندي به ڪافي اهڙا ميڊيا گروپ هئا جن غير جانبداراڻي رپورٽنگ پئي ڪئي. اسلامي ملڪن جي واحد تنظيم او آئي سي به ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهي هئي.
اسرائيل جي من مستي جا ڪهڙا سبب آهن؟
اسرائيل هڪ طاقتور ملٽري ۽ نسل پرست رياست آهي جنهن کي آمريڪا ۽ اقوام متحده جي مڪمل حمايت حاصل آهي. اسرائيلي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪونه ڪندا آهن ۽ پاڻ کي اعليٰ سمجهي ٻئي ڪنهن کي پنهنجي مذهب ۾ داخل نه ڪندا آهن. سڄي دنيا ۾ يهودين جي آبادي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ آهي جنهن ۾ 85 لک کن اسرائيل ۾ رهن ٿا باقي دنيا جي ٻين مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. ڏسجي ته آبادي جي لحاظ کان به اهي اقليت ۾ آهن ۽ وڏن عرب ملڪن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي رياست آهي تنهن باجود به سندس رعب ۽ هٺ ڌرمي قائم آهي. ان جا سبب هي آهن: هڪ ته اسرائيل کي آمريڪا سان گڏ يورپ ۽ عالمي ادارن جي ڀرپور حمايت حاصل آهي، ٻيو ته اهي ٽيڪنالاجي، ڊفينس، هٿيار؛ سائبر سيڪيورٽي ۽ معيشت ۾ اول تي آهن. جنهن سبب هر ملڪ چاهي ٿو ته انهن سان سياسي، معاشي ۽ ملٽري لاڳاپا قائم هجن. فلسطين تي ظلم سبب پهرين سڀئي مسلمان ملڪ اسرائيل جي وجود کي تسليم ئي نه ڪندا هئا پر هاڻي متحده عرب امارات، بحرين، سوڊان ۽ مراڪش جهڙن مسلمان ملڪن به کين تسليم ڪري لاڳاپا قائم ڪيا آهن. سعودي عرب جي حوالي سان به خبرون گردش ۾ هيون ته هو به اسرائيل سان هٿ ملائڻ چاهي ٿو پر ڪٿي به ان جي تصديق نه ٿي آهي. سو هاڻي اسرائيل ان خوشفهمي ۾ به آهي ته ٻين ملڪن سان گڏ عرب ملڪ سندس ساٿ ڏين پيا.
جنگبندي کانپوءِ امن قائم رهندو؟
حماس جنگبندي لاءِ ٻه شرط رکيا هئا، هڪ ته اسرائيلي فوج ال اقصيٰ مسجد جي احاطي ۾ نه ايندي ۽ مسجد جو احترام ڪندي ٻيو شرط اهو رکيو ته، شيخ جارح علائقي واسين کي زبردستي لڏڻ تي مجبور نه ڪيو ويند پر اسرائيل اهي ٻئي شرط مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس موقف اهو آهي ته ڪو به قانون هٿ ۾ کڻندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. خبرون ته اهي به آيون پئي ته جنگبندي کان ڪجهه ئي دير بعد ۾ وري ال اقصيٰ مسجد ۾ شيلنگ ڪئي وئي هئي. ڏسجي ته جيڪا صورتحال هئي ان حساب سان اها جنگبندي هڪ ساراهه جوڳو ۽ وقتائتو قدم آهي پر بنا شرط جنگبندي هئڻ سبب اسرائيل پنهنجي من ماني ڪري ڪيڏي به مهل وري پنهنجي ظلم جو داستان شروع ڪري سگهي ٿو.
جنگبندي ۾ جيت ڪنهن جي ٿي؟
جمعي واري صبح جيئن ئي جنگبندي جو اعلان ٿيو ته فلسطيني عوام آتشبازي ڪندي ۽ ريليون ڪڍي جشن ملهائڻ شروع ڪيو. فلسطيني صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي جنگبندي فلسطيني عوام جي ڀرپور مزاحمت ۽ اسرائيل جهڙي طاقتور فوج سان مقابلي ڪرڻ سبب ملي آهي. جڏهن ته مخالف ڌر جو چوڻ هو ته اسان کي جيڪا شيءَ حاصل ڪرڻي هئي ڪري ڇڏي آهي .
عالمي لاڳاپن واري سياست ۾ هر ملڪ کي پنهنجا مفاد عزيز آهن، جنگبندي نه ٿئي ها ته صورتحال ڏُکي ٿي وڃي ها، ڇو ته هاڻي اهو بارڊر وارو مسئلو ٿي ويو هو، جنهن ۾ شام، ايران ، لبنان ۽ ترڪي سڌي ويڙهه ۾ شامل ٿي وڃن ها، شام ۽ ترڪي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ روس سندن مدد ڪري ها، ڇاڪاڻ روس ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جا مخالف آهن.
ان لحاظ کان اسرائيل فلسطين هڪ نازڪ ۽ اهم مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ لازمي آهي نه ته مستقبل ۾ اڃان به وڏا نقصان ڀوڳڻا پوندا.