مخالف ڌر کي گڏائڻ جي ڪوشش ۽ ورهائجي ويل نواز ليگ

0
404

ملڪ جي سياسي صورتحال به عجيب آهي ڪڏهن سياسي صورتحال ايتري ته شدت اختيار ڪري ٿي جو ايئن محسوس ٿيندو آهي ته انهن سياسي پارٽين جا اڳواڻ ڪڏهن به هڪ ٻئي جو منهن ڪونه ڏسندا، پر ڪالھه اسلام آباد ۾ ن ليگ جي صدر قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پارليامينٽ ۾ موجود پارليامينٽ جي ميمبرن جي مان ۾ دعوت ڪئي، ان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، ن ليگ، جمعيت علماءِ اسلام ۽ عوامي نيشنل پارٽي سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اها دعوت جيئن شروع ٿي ته عوامي نيشنل پارٽي جا ميمبر ڪو نه پهچي سگهيا ان سان اهو تاثر مليو ته عوامي نيشنل پارٽي شهباز شريف جي ان دعوت ۾ شامل نه ٿيندي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ واري ڪاوڙ اڃان ختم نه ٿي آهي پر ڪجهه دير کان پوءِ خيبر پختونخوا جو اڳوڻو وڏو وزير امير حيدر خان هوتي پنهنجي پارليامينٽرينز سان گڏ پهتو ته وفد جي آجيان شهباز شريف ڪئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سينيٽر يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، جڏهن ته جميعت علماءِ اسلام طرفان مولانا فضل الرحمان جي جاءِ تي سندس پٽ مولانا اسعد محمود پنهنجي پارليامينٽيرينز سان گڏ شريڪ ٿيو. ان دعوت ۾ جن سياستدانن شرڪت ڪئي، انهن جي شرڪت کان پوءِ اها دعوت دعوت نه پر هڪ سياسي گڏجاڻي جي شڪل اختيار ڪري وئي. دعوت جي ميزبان شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، جڏهن ته حڪومت جي اصل ڪارڪردگي بهتر ناهي، ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي پئي وڃي، معاشي صورتحال ايتري خراب ٿي وئي آهي جنهن جو حڪومت کي اندازو ئي ناهي، موجوده حڪومت زميني حقيقتن کان لنوائيندي صرف پاڻ کي سوشل ميڊيا جي حد تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. هن ان گڏجاڻي ۾ وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته حڪومت خلاف گڏجي ڪو قدم کڻجي. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ باضابطه طور پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ ٻيهر شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي ٻنهي سياسي جماعتن کيس اهو جواب ڏنو ته هو پنهنجي قيادت سان مشورو ڪرڻ کان پوءِ ڪو جواب ڏئي سگهندا. ان سياسي گڏجاڻي ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ڪردار اهم هو ڇاڪاڻ جو شهباز شريف جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي پي ڊي ايم ۾ شموليت جي باضابطه درخواست ڏئي رهيو هو ان وقت شاهد خاقان عباسي بظاهر شهباز شريف کي روڪيو نه پر سندس چهري جو تاثر اهو پيغام ڏئي رهيو هو ته هو شهباز شريف جي اهڙي دعوت ڏيڻ واري عمل مان خوش ناهي. ان کان علاوه ان گڏجاڻي ۾ مولانا فضل الرحمان جي شرڪت نه ڪرڻ به هڪ سواليا نشان آهي، مولانا فضل الرحمان جي شرڪت نه ڪرڻ جو بظاهر اهو جواز ڄاڻايو ويو آهي ته هو پارٽي جي ٻن ڏينهن واري مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ مصروف آهي پر حقيقت ۾ شهباز شريف جي ان ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ مولانا فضل الرحمان جي شرڪت نه ڪرڻ جا سبب ڪجهه ٻيا آهن ان حوالي سان اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان ان گڏجاڻي ۾ شرڪت ان لاءِ نه ڪئي ته هو شهباز شريف جي ان سوچ کان واقف هو ته هو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي پي ڊي ايم ۾ باقاعده شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندو. ان معاملي تي مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي واضح پيغام ڏنو هو ته هو ان گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پي ڊي ايم ۾ شموليت جي دعوت نه ڏئي، ڇاڪاڻ جو اها گڏجاڻي پي ڊي ايم جي نه پر پارليامينٽيرينز جي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف شهباز شريف جي ويجهن ساٿين جو چوڻ آهي ته شهباز شريف اهو چاهي ٿو ته ملڪ ۾ گڏيل مخالف ڌر جون سموريون سياسي جماعتون پاڻ ۾ مفاهمت جي سياست ڪندي هڪ سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪن، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جو اهو موقف آهي ت. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت سان سڌو سنئون ملاقات ڪري انهن کي پي ڊي ايم ۾ شموليت لاءِ زور ڏجي، بحرحال شهباز شريف جي اها سياسي گڏجاڻي بغير ڪنهن نتيجي جي ماني کائڻ کان پوءِ پڄاڻي تي پهتي.
رات جو گڏجاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ اقتداري شهر اسلام آباد ۾ مختلف قياس آرايون شروع ٿي ويون، جڏهن ته حڪومتي سطح تي ان گڏجاڻي جي خلاف بيان بازي به ڪئي وئي ۽ اهو چيو ويو ته شهباز شريف جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ کان پوءِ اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو پاڻ کي هڪ وڏو ليڊر مڃرائي، حڪومت خلاف مهم جو مرڪزي ڪردار بڻجي پر هن کي اهو علم ناهي ته هو هڪ اهڙي وڏي ڀاءُ جو ننڍو ڀاءُ آهي جيڪو بهانا ڪري ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهي، جڏهن ته سندس نياڻي مريم نواز ن ليگ ۾ هڪ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي. شهباز شريف جي اهڙي سوچ ۽ عمل تي جتي حڪومتي ڌر طرفان بيان بازي شروع ڪئي وئي اتي ئي ٻئي ڏينهن يعني اربع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي العزيزيه، ايون فيلڊ ۽ فليگ شپ ريفرنس واري ڪيس ۾ داخل ڪيل احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران پيش ٿيڻو هو. مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن صفدر پنهنجي هم خيال پارليامينٽيرين سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪوٺايل گڏجاڻي پي ڊي ايم جي نه هئي، اها گڏجاڻي پارليامينٽ ۾ موجود سمورن ميمبرن جي گڏجاڻي هئي، اهڙي طرف ساڳئي ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي هن واضح لفظن ۾ چيو ته شهباز شريف جي گڏجاڻي ۾ پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جي باضابطه دعوت ناهي ڏني وئي، مريم نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف جي گڏجاڻي جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته اهو نظر اچي رهيو آهي ته ن ليگ جي اندر چاچي ۽ ڀائٽيءَ جي سوچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. مريم نواز چاهي ٿي ته هوءَ مزاحمت جي سياست ڪري، جڏهن ته شهباز شريف جو موقف آهي ته هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سمورين گڏيل مخالف ڌر جي سياسي جماعتن کي گڏجي هلڻو پوندو. سياسي جماعتن وچ ۾ اختلاف ٿيندا رهندا آهن، سياسي قيادت جو پاڻ ۾ ڪو به ذاتي مامرو نه هوندو آهي پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان ۾ مزاحمت جي سياست ڪرڻ بجاءِ گڏيل مخالف ڌر جي پارٽين وچ ۾ مفاهمت جي سياست ڪري عوام مٿان مڙهيل سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪجي، جڏهن ته مريم نواز سان گڏ پارليامينٽيرينز وارو گروپ اهو چاهي ٿو ته پي ڊي ايم ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي ان وقت تائين شامل نه ڪجي جيستائين پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ٿو ڏنو وڃي. هن وقت اهڙي صورتحال کي سامهون رکجي ته اهو نظر اچي ٿو ته مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي جو هڪ پنهنجو گروپ پيدا ٿي چڪو آهي، جڏهن ته شهباز شريف جو هڪ پنهنجو گروپ پيدا ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه ن ليگ ۾ ميان نواز شريف وارو گروپ الڳ سان موجود آهي جيڪو هن وقت مستقبل کي سامهون رکندي مريم نواز جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ن ليگ جي اندروني سياست کي سامهون رکندي حڪومتي سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف هجي يا پيپلز پارٽي اهي پري کان ويهي ان صورتحال جو مزو وٺي رهيون آهن، پر حقيقت ۾ ڏسجي ته اندروني طور پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي حالت به ڪا بهتر ناهي، پي ٽي آءِ جو جائزو وٺجي ته وزيراعظم عمران خان 15 ڏينهن کان پوءِ حڪومت ڇڏڻ جو بيان ڏيندي اهو چوندو آهي ته حڪومت ڇڏي ڏيندس پر اين آر او نه ڏيندس، سندس اهڙي بيان ڏيڻ سان پارٽي سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز سخت پريشان ٿي اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ته ڇا عمران خان مٿان کيس سليڪٽ ڪرڻ وارن جو آشيرواد ختم ٿي چڪو آهي؟ انهن جي اهڙن خدشن کي هٿي ان وقت ملندي آهي جڏهن عمران خان هر ٻن مهينن کان پوءِ جي ايڇ ڪيو ۽ آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪندو آهي جتي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جو سربراهه سندس استقبال ڪندا آهن ۽ کيس ملڪ جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي آهي. اندروني طور اهڙين ملاقاتن ۾ ڇا به ڳالهايو ويو هجي پر بظاهر پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ته عمران خان جا دورا ۽ بيان ڪنهن پريشاني کان گهٽ ناهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت صرف سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهي آهي، پارليامينٽ کان 5 ڪلوميٽر پري موجود آبپاره مارڪيٽ جو ئي جائزو وٺجي ته اتي دڪاندار پنهنجي مرضيءَ جون قيمتون وصول ڪن ٿا ۽ انتظاميا جو ڪو ڪنٽرول ناهي، اڪثر ڪري پارليامينٽ جا ميمبر انهيءَ مارڪيٽ مان پنهنجي گهروارن لاءِ خريداري ڪندا آهن، پر ويچارا مهانگيون شيون خريد ڪرڻ تي ان ڪري مجبور آهن جو هو پنهنجي حڪومت خلاف ڳالهائي نه ٿا سگهن، هو اهڙي دانهن وزيراعظم کي به نه ٿا ڏئي سگهن ڇاڪاڻ جو انهن جي ملاقات وزيراعظم عمران خان سان ٿيڻ ناممڪن آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر وزيراعظم کي وڪوڙي ويل اڻ چونڊيل ماڻهن تي تمام گهڻو ڪاوڙ ۾ نظر ايندا آهن.
ايئن ئي جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي ڏسجي ته پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز به پنهنجي پارٽي قيادت کي ڏوراپا ڏيندي نظر اچن ٿا، انهن ايم اين ايز کي سنڌ ۾ ته شايد پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائڻ وارو نه ملي پر اسلام آباد ۾ جنهن به محفل ۾ پيپلزپارٽي جو ايم اين اي موجود هوندو آهي اتي مٿس سنڌ اندر ٿيندڙ مالي ۽ انتظامي ڪرپشن تي کيس گهڻيون ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن. اسلام آباد ۾ اهڙو رويو ڏسڻ کان پوءِ اهي ايم اين ايز به ڪنهن حد تائين سنڌ ۾ پارٽي جي پاليسي تي نجي محفلن ۾ تنقيد ڪندي نظر ايندا آهن جنهن مان اهو ظاهر ٿيندو آهي ته پيپلز پارٽي اندر به هاڻي اها سوچ پيدا ٿي رهي آهي ته پارٽي چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين کي سڀ صحيح جي رپورٽ ڏيڻ وارن کان پاسو ڪرائجي ۽ جيڪي زميني حقيقتون آهن کين ان بابت آگاهه ڪجي.
ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جي اهڙي صورتحال کي سامهون رکندي ملڪ جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ ان جو ڀرپور فائدو وٺندي آهي. اسٽيبلشمينٽ جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته ڪڏهن به پنهنجي خلاف ۽ انهن جي سليڪٽ ڪيل وزيراعظم خلاف ڪنهن کي به هڪ ٿيڻ جو موقعو نه ڏجي. اسٽيبلشمينٽ جي ان چال کي سياسي ڌريون سمجهڻ باوجود ان کي روڪڻ ۾ ناڪام رهنديون آهن، جڏهن ته ڪجهه سياسي شخصيتون بيشڪ انهن جو تعلق پنجاب سان هجي يا سنڌ سان اهي ان تاڙ ۾ هونديون آهن ته ڪنهن به طريقي سان صورتحال خراب ٿئي ته هو اڳتي اچي وقتي طور پنهنجو فائدو حاصل ڪري سگهن. سياسي ڌرين کي گهرجي ته پنهنجي اندر موجود اختلافن کي عوامي سطح تي ظاهر ڪرڻ بجاءِ ان کي اندروني طور ويهي حل ڪن، سندن اهڙن اختلافن سان جتي ڪارڪن پريشان ٿئي ٿو اتي ملڪ جي معاشي صورتحال تي به گهڻو اثر پوي ٿو.