پاڻي کوٽ ۽ ارسا جو تڪراري ڪردار

0
297
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

چوڻي آهي ته “هڪ چوري ٻيو وري سينا زوري”پر سنڌ جي پاڻي جي چوري جو قصو ان چوڻي کان به گهڻو اڳتي وڌي ديده دليري سان ڌاڙي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي،پاڻي چوري ڪرڻ يا زوري وهائڻ جو الزام ته پنجاب ۽ منڍ وارن تي لڳندو رهيو آهي يا لڳي رهيو آهي پر جڏهن انهي پاڻي جي ورڇ کي منصفاڻو بڻائڻ لاءِ مقرر ادارو به انهي چوري يا ڌاڙي ۾ ٻٽ ٿي وڃي ته پوءِ ڪٿي دانهن ڏجي، ڪٿي احتجاج ڪجي؟ اهڙي صورتحال اڄڪلهه پاڻي جي معاملي تي سنڌ ،پنجاب جي وچ ۾ آهي ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ ٺاهيل اداري ارسا جو چيئرمين وري پنجاب کي روڪڻ بدران ان سان هر ڏوهه ۾ ان جي ڌر ٿي حمايت ڪري رهيو آهي .
سنڌ جي حصي جي پاڻي جي چوري جون دانهون ته ڪيتري وقت کان ٿي رهيون آهن جنهن تي صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ارسا سان لکپڙهه ڪندي رهي آهي پر ٻه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ۽ سي جي ۽ ٽي پي ڪئنال بند ڪرائڻ لاءِ ٺهراءَ پاس ڪيو ويو ،جتي آبپاشي وزير ڳالهائيندي چيو ته ارسا 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪرڻ بدران ٽه رخي فارمولي فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪري رهي آهي. ڪالهه وري اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ٿيل اجلاس ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي آبپاشي واري صوبائي وزير چيو آهي ته ارسا چيئرمين غيرقانوني قدم کڻندي نه رڳو تونسا پنجند ڪينال کوليو پر اجلاس ۾ اعتراض ڪرڻ تي سنڌ جي نمائندي زاهد جوڻيجي کي ڪتاب اڇلائي هنيو ۽ گٿا لفظ ڳالهايا، اسان ارسا چيئرمين کي اهڙي اجازت نه ڏينداسين. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ڪالهه ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو آهي، ارسا هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻي ٽي پي ڪينال کوليو آهي.اجلاس ۾ ٻين وزيرن ۽ ميمبرن به ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ميمبر سنڌ جي موقف جي حمايت ڪئي پر ان باوجود تڪراري ڪينال کوليو ويو، ارسا چيئرمين کي هٽايو وڃي، ارسا چيئرمين کي معاملي تي معافي وٺڻ گهرجي، ارسا ٽي پي ڪينال کوليو ان تي سنڌ جي ميمبر اعتراض ڪيو، ڪينال کولڻ پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ارسا چيئرمين کي فوري طور تي هٽائي جاچ ڪئي وڃي، جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ايوان جي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي به ڳالهه ٿي جنهن ۾ ارسا چيئرمين کي گهرائي پڇاڻو ڪيو وڃي، ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين تي ٻڌل ميمبر شامل هجڻ گهرجن.هوڏانهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ به پاڻي کوٽ، 91ع ٺاھ تي عمل نه ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪندي ارسا جي عمل کي سنڌ دشمني قرار ڏنو ويو، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب فصل تباھ ٿي ويا آهن، پيئڻ لاءِ پاڻي به ناهي، ڪابينا وفاقي سرڪار کان گُهر ڪئي ته پاڻي جي ورهاست 91ع ٺاھ تحت ڪئي وڃي ۽ کوٽ جي ورهاست به چئني صوبن ۾ هڪ جيتري ڪئي وڃي. ڪابينا جي اجلاس ۾ ارسا جي ڪردار تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته 91ع واري ٺاھ تي عمل ڪرائڻ لاءِ ارسا قائم ٿيو آهي پر ارسا 91ع ٺاھه تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي. پاڻي کوٽ جي صورتحال سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏو معاملو بڻجي سگهي ٿي ڇو ته پنجاب منڍ ۾ هئڻ ڪري پاڻي چوري ۽ ڏاڍ کان مڙي نه ٿو جنهن جو نقصان سنڌ کي ٿي رهيو آهي جڏهن ته انهي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ٺهيل اداري ارسا کي به چيئرمين جو ڪردار تڪراري بڻائي رهيو آهي جيڪو ضابطن ۽ 91 جي ٺاهه مطابق فيصلا ڪرڻ بدران رڳو هڪ صوبي پنجاب کي راضي ڪري رهيو آهي ۽ ان جي زيادتين کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي کوٽ ۽ چوري سبب سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي، ايستائين جو گهڻن علائقن ۾ ته ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي تنهن ڪري جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌاسيمبلي جي ٺهراءَ کي مان نه ڏنو ۽پاڻي جي ورڇ کي منصفاڻو بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن وٽ احتجاج کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچندي.ان ڪري پاڻي چوري روڪرائي کوٽ واري مند ۾ چشما جهلم ۽ تونسا پنجند ڪئنال بند ڪيا وڃن ۽ ارسا ٽه رخي فارمولي بدران 91 جي ٺاهه مطابق پاڻي ورڇ يقيني بڻائي جيئن کوٽ جو بار رڳو هڪ صوبي تي نه پئي.