سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيمارين وگهي اڄ وڌيڪ 11 ڄڻا فوت

0
279
سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ متاثرعلائقن ۾ وبائي بيمارين وگهي اڄ وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، ٿاڻو بولا خان جي مختلف علائقن ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا مليريا وگهي فوت ٿي ويا

ٿاڻو بولا خان ۾ فوت ٿيلن ۾ 32 سالن جي حسنا پالاري، پيرسن عورت راڄا خاتون، ٻن سالن جو ٻارڙو مدثر ۽ 55 سالن جو مينهن وسايو شامل آھن

50,000 flood affectees arrive in Karachi, housed in relief camps

مٺياڻي ويجهو پراڻا جتوئي ۾ 3 سالن جي ٻارڙي عظيمان ۽ 4 سالن جي رابعا فوت ٿي وئي، جوهي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ 48 سالن جي عورت شفاعت خاتون مليريا وگهي فوت ٿي وئي

 گاجي شاهه ۾ 10 سالن جي عنايت الله خاصخيلي مليريا وگهي دم ڏنو، ٺارو شاهه جي علائقي مڃٺ ۾ 12 سالن جو نينگر افتخار ملاح مليريا وگهي فوت ٿي ويو

 صالح پٽ ويجهو 5 سالن جي ٻارڙي نبيا گيسٽرو وگهي دم ڏنو، فوتين جي وارثن جو چوڻ آھي تھ صحت جون ڪي بھ سھولتون ناھن، ٻار توڙي وڏا بيمارين وگھي بري رھيا آھن، حڪومت ڪي قدم ناھن کنيا

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات متاثرن جا مظاھرا، ڌرڻا

وڏي وزير پاران ڪڻڪ جي پوکي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت