سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات متاثرن جا مظاھرا، ڌرڻا

0
203
سنڌ جي مختلف شھرن ۾

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات متاثرن جي واھر نھ ٿيڻ خلاف مظاھرا جاري آھن، ملير جي  گلشن حديد ويجهو ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن پاران احتجاج ڪيو ويو

گلشن حديد ويجهو ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن  پاران سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

متاثرن جو چوڻ ھو تھ اسان کي ڀٽائي آباد کان رات دير سان ٽينٽ سٽي پهچايو ويو، هتي ڪا سهولت ناهي

مظاھرين موجب گذريل ڏينهن کان اسان کي ماني ناهي ملي سگهي، واھر ڪئي وڃي

شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واھر نھ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ برسات سبب سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويو، حڪومت متاثرن جي اڃان تائين واھر ناھي ڪئي

اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ برسات متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو ھنيو ويندو

ڄام صاحب ويجهو پرائمري اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل آھن، ڳوٺ رانجھوخان بروھي جي اسڪول  ۾ ترسيل متاثرن پاران انتظاميه تي واهر نه ڪرڻ جو الزام ھنيو ويو آھي

متاثرن موجب ٻوڏ سبب ڳوٺ ٻڏي ويا، اسڪول ۾  ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت  ناهي ڏني وئي، متاثرن جي واهر ڪري کين ٻي محفوظ  هنڌ تي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن  تدريسي عمل شروع ٿي سگهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن جا سهائتا نه ٿيڻ خلاف مظاهرا

اڏيرو لال ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل