ھن وقت تائين 15 لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو: شرجيل ميمڻ

0
295
ھن وقت تائين 15 لک کان

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات سبب تباھي ۽ سرگرمين بابت جاري بيان ۾ چيو آھي تھ  سنڌ حڪومت جون ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امدادي سرگرميون جاري آهن

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 26 هزار 500 خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو

قمبرشهدادڪوٽ ۾ 1000،دادو ۾ 2000 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 5 هزار خاندانن ۾ راشن ورهايو، هيل تائين 15 لک کان وڌيڪ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو آهي

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ  لاءِ سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري رھيا آھيون

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ کي لڳل گهارو 36 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو

ڪي اين شاهه شهر مان ٻوڏ جو 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جِي دعويٰ