سکر: نيب ضياءَ الحسن لنجار خلاف جاچ بند ڪري ڇڏي

0
214

سکر: پ پ اڳواڻ ضياءَ الحسن لنجار کي نيب جاچ معامري ۾ وڏو رليف ملي ويو آهي، نيب اڳوڻي قانون واري صوبائي وزير خلاف جاچ بند ڪري ڇڏي

گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت جي درخواست ۾ ضياءَ الحسن لنجار احتساب عدالت نمبر ٽي جي جج ناصر الدين شاهه جي عدالت ۾ پيش ٿيو

وڪيل نثار احمد ڀنڀرو چيو ته نيب عدالت کي آگاهه ڪيو آهي ته ضياءَ الحسن لنجار خلاف ڪرپشن جا ثبوت ناهن مليا ان ڪري انڪوائري بند ڪري ڇڏي آهي

نيب پ پ اڳواڻ ضياءَ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت جاچ ڪري رهي هئي، جيڪا هاڻي بند ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

نيب کي 22 سالن دوران ٿيل هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم