قمبر: ٻوڏ متاثر نينگر جي خون جو مُلهه 13 لک رپيا مقرر

0
364
قمبر: ٻوڏ متاثر نينگر جي خون جو مُلهه 13 لک رپيا مقرر
قمبر: ٻوڏ متاثر نينگر جي خون جو مُلهه 13 لک رپيا مقرر

قمبر ۾ جرڳائي ڀوتارن ٻوڏ متاثر نينگر جَي خون جو مُلهه 13 لک رپيا مقرر ڪري ڇڏيو
پ پ ايم پي اي بُرهان چانڊيو جِي سرپئنچي هيٺ گاڏي جَي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نينگر بهرام چانڊيو جَي خون جو جرڳو ٿيو، جنهن دوران پوليس انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ کهاوڙ مٿان 13 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو
فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس انسپيڪٽر متاثر ڌُر کي 15 ڏينهن اندر رقم ادا ڪرڻ جو پابند هوندو
4 ڏينهن اڳ پوليس انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ کهاوڙ جِي گاڏي روڊ ڪناري ويٺل ٻوڏ متاثر خاندان مٿان چڙهي وئي هئي
حادثي ۾ نينگر بهرام چانڊيو فوت ۽ سندس ماءُ ۽ ڀاءُ زخمي ٿيا هئا، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري انسپيڪٽر کي گرفتار به ڪيو هو

ھي به پڙھندا

ھن وقت تائين 15 لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو: شرجيل ميمڻ

ڪي اين شاهه شهر مان ٻوڏ جو 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جِي دعويٰ

منڇر ڍنڍ کي لڳل گهارو 36 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو

ڀان سيدآباد: ٻوڏ متاثرن کي ٻيڙيون ڏيڻ جي مد ۾ ڪوڙا بل جاري ٿيڻ جو انڪشاف

تعميراتي سامان جي اگهن ۾ 50 سيڪڙو واڌ، اوساري به مهانگي، اجها اڏڻ مشڪل بڻجي ويو