ڪي اين شاهه شهر مان ٻوڏ جو 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جِي دعويٰ

0
401

حيدرآباد: ڪي اين شاهه شهر مان ٻوڏ جو 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي وئي آھي، عدالت هفتي اندر 100 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي دوران ڊي سي دادو مرتضيٰ شاهه، آبپاشي ۽ صحت کاتن جا عملدار پيش ٿيا، درخواستگذار وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت آبپاشي کاتي کي هفتي جي مهلت ڏني پر اڃا تائين رائيس ڪئنال جا ڪٽ بند ناهن ٿي سگهيا

جسٽس امجد علي سهتو آبپاشي کاتي جي عملدارن کان سوال ڪيو ته اوهان ڪٽ ڇو نٿا بند ڪيو؟

ڊي سي دادو ٻڌايو ته ڪي اين شاهه شهر مان 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد متاثرن جي گهرن ڏانهن واپسي جو عمل شروع ٿيو آهي

عدالت طرفان شهر جو پاڻي خالي زمينن ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

ھي به پڙھندا

تعميراتي سامان جي اگهن ۾ 50 سيڪڙو واڌ، اوساري به مهانگي، اجها اڏڻ مشڪل بڻجي ويو

ڀان سيدآباد: ٻوڏ متاثرن کي ٻيڙيون ڏيڻ جي مد ۾ ڪوڙا بل جاري ٿيڻ جو انڪشاف