وڏي وزير پاران ڪڻڪ جي پوکي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت

0
247
ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي جا

ڪراچي: وڏي وزير پاران ڪڻڪ جي پوکي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت اهم اجلاس ٿيو

 آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ ٻين پاران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گڊو، سکر ۽ڪوٽڙي بئراج تي معمول موجب پاڻي گذري رهيو آهي

Monster monsoon': why the floods in Pakistan are so devastating | Flooding | The Guardian

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته منڇر ڍنڍ جي ليول 123 ڏهائي 3 آر ايل مان گهٽجي 177 ڏهائي 35 ٿي وئي آهي، سپريو بند تان به 6 کان 7 فوٽ پاڻي گهٽجي ويو آهي

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ چيو ته پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو عمل تيز ڪيو وڃي، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پوکي يقيني بڻائڻي آهي

ھي به پڙھندا

اڏيرو لال ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات متاثرن جا مظاھرا، ڌرڻا