لاڙڪاڻو: شھيد بينظير يونيورسٽي جي نئين وي سي جي سينيارٽي کي چئلينج ڪندڙ پروفيسر اڪبر پاڻ جونيئر نڪتو

0
205
بينظير يونيورسٽي جي نئين وي سي

شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي نئين وي سي جي سينيارٽي کي چئلينج ڪندڙ پروفيسر اڪبر ڀنڊ پاڻ به جونيئر نڪتو آھي، ڊاڪٽر اڪبر ڀنڊ ڊاڪٽر حاڪم ابڙو جي عارضي وي سي طور مقرريءَ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي

ڊاڪٽر اڪبر ڀنڊ 2 سال اڳ يونيورسٽي جي رجسٽرار کي لکيل هڪ خط ۾ پاڻ کي ڊاڪٽر حاڪم ابڙو کان جونيئر قرار ڏنو هو

سينيارٽي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي هئڻ باوجود  3 سال اڳ ڊاڪٽر اڪبر ڀنڊ جي ڊِين طور مقرري ٿي هئي، ٽائيم نيوز ڊاڪٽر اڪبر ڀنڊ جو لکيل پراڻو خط ۽ ميرٽ لسٽ جا ثبوت هٿ ڪري ورتا

وي سي جي مقرري چئلينج ڪندڙ درخواست جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تي ٿيندي