اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي توهين عدالت ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو

0
292

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي توهين عدالت ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت توهين عدالت ۾ معافي وارو عمران خان جو حلفي بيان قبول ڪري ورتو آھي

عمران خان خلاف توهين عدالت وارو نوٽيس خارج ڪيوويو آھي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته اسان عمران خان جو حلفي بيان ڏٺو آهي، عمران خان عورت جج جي عدالت به ويو، هن پنهنجي نيڪ نيتي ثابت ڪئي، تنهن ڪري توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪيون ٿا

ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر اعواڻ چيو ته عمران خان حلفي بيان ۾ غير مشروط معافي نه ورتي آهي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو توهان پنهنجو موقف لکت ۾ جمع ڪرايو، اسان توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪندي ڪارروائي ختم ڪري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

وفاقي سرڪار پاران عمران خان خلاف ايڪشن جي وارننگ

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم