حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي جمهوري پارٽي پاران سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.  مظاهرين اي جي پي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لال شاهه، خادم ٽالپر، نور نبي راهوجو، شهزاد ڀرڳڙي، نذير قريشي، ڊاڪٽر اسلم پرويز ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن هٿرادو ٻوڏ ذريعي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻوڏ جي ڪري متاثر ٿيل ماڻهن جي سهائتا نه پئي ڪئي وڃي جنهن جي ڪري ٻوڏ متاثر ماڻهو سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. احتجاجي ڌرڻي دوران ٺهراءُ پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته حڪمرانن جي لالچ، ڪرپشن ۽ نااهلي سبب ٻوڏ واري صورتحال جي جاچ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وڃي ۽ هٿرادو ٻوڏ پيدا ڪري ماڻهن کي دربدر ڪندڙ ڪردارن کي بينقاب ڪري سزا ڏني وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته حڪمرانن کي گهرجي ته پاڻي ۾ ٻڏل شهرن مان پاڻي نيڪال ڪري متاثرين کي ٻيهر پنهنجن گهرن ۾ آباد ڪيو وڃي. هڪ قرارداد ۾ گهر ڪئي وئي ته پاڻي جي قدرتي لنگهن تي ڪيل قبضا ختم ڪرايا وڃن.