لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم

0
251

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان نيب کي مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي پاسپورٽ واپس ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي آھي

چيف جسٽس امير ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ بئنچ درخواست کي منظور ڪري ورتو آھي، عدالت طرفان مريم نواز کي  پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

ياد رھي تھ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو ھو ۽ 7 سال قيد واري سزا ڪالعدم قرار ڏني وئي ھئي، مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر به ڪيس مان آجو قرار ڏنو ويو ھو، کيس ٻڌايل هڪ سال قيد واري سزا به ڪالعدم قرار ڏني وئي ھئي

ھي به پڙھندا

نواز شريف خلاف سموري سازش جو بينفشري عمران خان هو:مريم نواز

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو