سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جا اھنج ٻيڻا، سوين خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل

0
484

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ننڍن وڏن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب برسات متاثرن جي اهنج ٻيڻا، ڪرونڊي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، روڊن کي مختلف هنڌن تي ڪٽ لڳڻ سبب ماڻهن جا لنگهه بند ٿي ويا

 ڪرونڊي ۽ اڪري چودڳي جو زميني رابطو ڪاٽا، چونڊڪو ۾ رستا ٻڏي وڃڻ سبب شهري ٽيوب ۽ ٻيڙين ذريعي اچ وڃ تي مجبور ٿي ويا آھن سوين متاثر خاندان کُليل آسمان هيٺ امداد جي اوسئيڙي ۾ ويٺلسنڌ جي مختلف شھرن ۾

راڻيپور شهر گهر، دڪان ۽ سرڪاري آفيسز مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب عام زندگي متاثر ٿي رھي آھي، ٺارو شاهه ۾ ٿاڻو، ڊي ايس پي آفيس ۽ ٻيون سرڪاري آفيسز به پاڻي هيٺ آيل آھن، بازارن ۽ مختلف پاڙن ۾ گوڌي جيڏو پاڻي بيٺل آھي

دولتپور صفن ۾ پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن مان لڏپلاڻ جاري، رستا ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ هجڻ سبب متاثر ٻيڙين ذريعي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، ٻيڙي وارا في چڪر جا 8 هزار رُپيا وٺڻ لڳا

ڀان سيد آباد جي مختلف علائقن ۾ 2 کان 3 فُٽ پاڻي بيٺل، 200 کان وڌيڪ گهر پٽ پئجي ويا، ميرپور ٻرڙو ۾ وڌيڪ 5 گهر پٽ پوڻ سبب ڊٺل گهرن جو انگ 500 ٿي ويو، بيگهر ٿيل خاندانن جي انتظاميا سار نه لڌي

لاڙڪاڻي ۽ آسپاس ۾ بھ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب صورتحال خراب ٿي وئي آھي، ڳوٺن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھڻ ۽ برسات سبب ڪچا توڙي پڪا گھر ڊھي پٽ پئجي رھيا آھن

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ برسات سبب ڪيترائي ڪچا توڙي پڪا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، اڌ ڳوٺ خالي ٿي ويو، سوين ڳوٺاڻا لاڙڪاڻي، نوابشاھ توڙي ڪراچي جو رخ ڪري رھيا آھن

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سِم نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارا لڳڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، پکو ڀرسان سِم شاخ کي 150 فُٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ، برسات سبب 400 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا

  وارهه شهر ويجهو پنا شاخ کي لڳل 20 فُٽ گهارو ٻئي ڏينهن به ٻڌجي نه سگهيو، پاڻي 10 کان وڌيڪ پاڙن ۽ ڳوٺن ۾ داخل، گهارو ٻند نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ پاڙا ٻڏڻ جو خدشو آھي

ميرپور خاص ڀرسان گونگن ۽ ٻوڙن جي وڏي ڳوٺ گلشير گورچاڻي کي به برسات ٻوڙي ڇڏيو، انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن مان ڪنهن به متاثر ڳوٺاڻن جي سار نه لڌي

 گونگن ۽ ٻوڙن جي ڳوٺ ۾ 15 هزار کان وڌيڪ آبادي رهي ٿي، متاثر ڳوٺاڻن طرفان اشارن سان سرڪار ۽ سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

دادو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، سجاول ۽ ٻين شهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، مظاهرا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ماڻھن ۾ خوف