دادو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، سجاول ۽ ٻين شهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، مظاهرا

0
404

ڪراچي (نمائندن وٽان) دادو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، سجاول، ڏيئي، گھوڙاٻاري، ٽنڊوباگو، سيوھڻ ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ امدادي سامان نه ملڻ خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا

ان ڏس ۾ ٽنڊوڄام جي ڳوٺ بچو ڪليري مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ڪرائڻ ۽ بي گھر ٿيل متاثرن جي واھر نہ ٿيڻ خلاف مڇريل ڳوٺاڻن در محمد ڪليري، مختيار ڪليري، قمر ڪليري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي، روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو ته ٽنڊي ڄام ۾ هفتي کان گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، سوين گهر ڪري پيا آهن، انتطاميا پرگهور نٿي لهي

هوڏانهن دادو شهر مان برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف اڳوڻي ڪائونسلر امير شاھ بخاري ، جنيد ملاح ، مجاهد سومرو ۽ اياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ شهرين غريب آباد پاڙي کان ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ميونسپل جي مک گيٽ  وٽ ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، شهرين دانهيون ته ايڊمنسٽريٽر جي نااهلي سبب دادو شهر کي برسات کانپوء گٽرن جي پاڻي ۾ ٻوڙيو ويو آهي ، غريب آباد ، نوراني چوڪ ، جڳت آباد ، پير بخش ڪالوني بيٺل پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو ، بيٺل پاڻي بدبوء ڪري ويو آهي ، جنهن سبب شهري پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

هنن مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير جي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر کي هٽايو وڃي ، ٻي صورت ۾ هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا ، ٻئي سورج آباد ويلفيئر جي ممتاز چنو ، جاويد وگهيو جي اڳواڻي ۾ شهرين پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ صفائي نه ڪرائڻ خلاف مظاهرو ڪري ميونسپل آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. سجاول ۾ برسات متاثر عورتن سرڪاري امداد نہ ملڻ تي ڊپٽي ڪمشنر هائوس اڳيان مين سجاول-ٺٽو روڊ تي ڌرڻو هنيو. هنن چيو تہ برساتن سبب اسان جا گهر مڪمل ڊهي ويا آهن ۽ اسان جا مرد بيروزگار بڻجي ويا آهن، جنهن سبب اسان بکون ڪاٽي کلي آسمان هيٺ شديد تڪليفن واري زندگي گذاري رهيا آهيونبرسات جون تباهڪاريون:

حڪومت طرفان برسات متاثر اسان غريب مسڪينن لاء آيل راشن، مڇردانيون ۽ ٽينٽ وٺڻ لاء گذريل 10، 12 ڏينھن کان اسان ڊي سي آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، پر اسان غريب مسڪينن کي امدادي سامان ڏيڻ بدران بار بار سکڻا آسرا ڏئي رولايو پيو وڃي، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ برسات متاثرين پاران حيدرآباد بدين روڊ تي ضلعي انتظاميه خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو

سماجي اڳواڻ رضيه سهتو ، ايس اين پي جي ضلعي صدر دودو هاليپوٽو ، جيئي سنڌ محاذ جو ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي ، افشان خاصخيلي ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود برسات متاثرين جي ضلعي انتظاميه يا چونڊيل نمائندن ڪا به پرگهور نه لڌي آهي ، برساتي پاڻي 5 کان 7 فٽن تائين اڃان تائين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بيٺل آهي ، هنن چيو ته ماڻهو پنهنجي گهرن کان ٻاهر نه پيا نڪري سگهن. هوڏانهن ڏيئي لڳ کڏهرو شهر ۾ برسات متاثر  ڊرائيورن  چئن ڏينهن بعد به سار نه لهڻ تي احتجاج ڪيو ويو

استاد ميوو خاصخيلي، عرفان روستماڻي، عزيز، رزاق جمالي سميت ڳوٺاڻن ۽ ٻين گهر ڪئي ته سرڪاري طور تي سندن واهر ڪري سندن ٻچن کي بک مرڻ کان بچايو وڃي

گھوڙاٻاري جي خاناڻي ڀرسان بي يو بچاء بند تي پنھنجي مدد پاڻ تحت خيمان ٺاھي ويٺل برساتي متاثر شيخ برادري جي عورتن مسمات سڪينه شيخ ، شبيران شيخ ، ڪزبانو ،گڏي نازي ،عائشه ، آمنه ، شريفان ، رابيعه ، زينب ، جميلان ، گلشن ، ڪريمان ، لطيفان ، سجنا، ريشمان ، راڄي الله بچائي ، نورجان ، ختو ، مريم ، ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته برساتن ڪري ڳوٺاڻن کين خيرات ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آھي

جنھن ڪري ٻچڙن سميت فاقاڪشي ڪٽڻ تي مجبور آھن. واهر ڪئي وڃي.  سيوھڻ لڳ ڳوٺ ‘ ڳاڙهي واري’ سامهون برسات متاثرن امدادي سامان نه ملڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف انڊس ھاء وي تي ڌرڻو هنيو. منٺار ملاح, غلام حيسن ۽ ٻين الزام هنيو ته برساتن سبب مسلسل بک تي ويٺا آھيون گھر به ڊھي پٽ پئجي ويا آهن راشن ۽ تنبو نه ملڻ ڪري اسان غريب فاقاڪشي ۾ مبتلا  آهيون، پاڻي نيڪال ڪري واهر ڪئي وڃي

ڄام صاحب ويجهو سم نالن کي لڳل گھارا 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين بند ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته بااثر ماڻھن پاران پنھنجيون زمينون بچائڻ خاطر روڊ کي ڏنل ڪٽ به بند ناهي ٿيو

جنهن ڪري ڳوٺ محمد اسماعيل مستوئي، ڳوٺ مير خان اوتيرو، دلي جان مري، فدا حسين شاھ ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتان وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ ٿي آهي، هوڏانهن ڪٽ وارو پاڻي تيزي سان شھر طرف وڌڻ لڳو آهي، جنهن ڪري شھرين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، مختلف واقعن ۾ اڄ وڌيڪ 60 ڄڻا اجل جو شڪار

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ماڻھن ۾ خوف