سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، مختلف واقعن ۾ اڄ وڌيڪ 60 ڄڻا اجل جو شڪار

0
427

ڪراچي: سنڌ ۾ جاري طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀٽيون ڊهڻ سبب معصوم ٻارن ۽ عورتن سوڌو وڌيڪ اڄ 60 ڄڻا اجل شڪار ٿي ويا آھن

خيرپور جي علائقي احمد پور ۾ مسجد ڊهي پئي، گهر ڊهڻ سبب مسجد ۾ پناهه وٺندڙ 5 ڄڻا دٻجي اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪنڌرا ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پورهيت جا 2 پُٽ ۽ هڪ ڌيءُ اجل جو شڪار ٿي ويا

قمبر ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ 2 ڌيئرون اجل جو شڪار ٿي ويون، پورهيت ۽ سندس زال زخمي ٿي پيا، ٺل ڇِت ڊهڻ سبب 2 معصوم ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ دٻجي فوت ٿي ويا

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن دوران اڄ وڌيڪ 13 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي، نئون ديرو ۾ ٿاڻي جي اڳيان گهر ڊهڻ سبب نوجوان دٻجي دم ڏئي ڇڏيو، تنگواڻي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت دٻجي فوت ٿي وئي ۽ مڙس زخمي ٿي پيو

ڏڪري ڀرسان ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن عورت فوت ٿي وئي، فوتي عورت ھڪ ڏينھن اڳ ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿي پئي ھئي، رات لاڙڪاڻي جي اسپتال مان علاج بعد گھر واپس آئي ھئي تھ رات جو دير سان وري گھر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي

 سٺ ميل ڀرسان ڪچو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو، ناري دٻجي فوت ٿي وئي نينگر زخمي ٿي پيو، ڏهرڪي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پيرسن فوت ٿي ويو

ٿرڙي محبت لڳ ڪچو گهر ڊهڻ سبب گهر ڌڻي دٻجي فوت، بهرام ويجهو گهر ڊهڻ سبب پيرسن دم ڏئي ڇڏيو، سکر ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت حياتي وڃائي ويٺي، جيڪب آباد ڀرسان گهر ڊهڻ سبب نينگر دٻجي فوت ٿي ويو، عورتن سوڌو 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 سکر ۽ قادر پور ۾ ڇِتيون ڊهڻ سبب 2 عورتون فوت، جيڪب آباد ڀرسان گهر ڊهڻ سبب نينگر دٻجي فوت، ٽنڊو مستي ڀرسان گهر ڊهڻ سبب 2 معصوم ڀينرون فوت ٿي ويون

لاڙڪاڻو ۾ گدام جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت سوڌو 2 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، ڪوٽ لالو ۾ ڀِت ڪرڻ سبب پيرسن عورت دٻجي فوت، پنو عاقل شهر ۾ ڀِت ڪرڻ سبب نينگري دم ڏئي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ برسات جي وسڪارن تباھي مچائي ڇڏي، سوين ڪچا توڙي پڪا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا

سنڌو درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ شاخن ۽ واهن کي گهارا