سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن دوران اڄ وڌيڪ 13 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

0
363

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن دوران اڄ وڌيڪ 13 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن، گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ وارن واقعن دوران فوت ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آھن

روهڙي ۾ برسات سبب ڪيترائي گهر ۽ دڪان ڊهي پٽ، 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، روهڙي ۾ برسات جا هاڃا جاري، ڪيترائي گهر ۽ دڪان ڊهي پٽ، 3ڄڻا فوت ٿي ويا ڪيترائي زخمي ٿي پيا

 مختلف علائقن ۾ ڪچا گهر ڪِرڻ سبب 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا،  برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، رهواسي سخت تڪليفن ۾ مبتلا ٿي ويا آھن

برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻيڙي چوڪ واسين جو صوبائي وزير ناصر شاهه جي بنگلي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 ڳيريلو ۾ گهر جي ڇِت ڪري پوڻ سبب 3 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 7 ورهين جي بسما، 9 ورهين جو اهتشام ۽ 13 ورهين جو ڪاشان شامل آھن

سکر جي نيو پنڊ ۾ برسات دوران گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب شمائلا نالي عورت فوت، مائڪرو ڪالوني ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب مسمات صاحبه دٻجي فوت ٿي وئي

 وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب ٽن عورتن سميت 7 ڄڻا دٻجي زخمي ٿي پيا، سٺ ميل ويجهو برسات دوران ڪيترائي گهر ڪِري پيا، پيرسن محمد بچل رند فوت ۽ مسمات شهزادي زخمي ٿي پئي

 قبوسعيدخان ويجهو گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب مسمات صائمه بروهي فوت، جميلان ۽ گل حسن بروهي زخمي، لکي غلام شاهه جي عاقل ڪالوني ۾ ڀِت ڪِرڻ سبب نوجوان محمد يوسف سومرو دٻجي فوت ۽ احسان سومرو زخمي ٿي پيو

 ڳڙھي خيرو جي حيدر شاهه پاڙي ۾ عمران علي سيال جي گهر جي ڇِت ڪِري پئي، ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ھي به پڙھندا

ڳيريلي ۾ گھر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، 3 ٻارڙا فوت

ڪوھستان ۾ طوفاني وسڪارن جي تباھي، 200 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا

سنڌ ۾ برسات جي وسڪارن تباھي مچائي ڇڏي، سوين ڪچا توڙي پڪا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا