ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽو سول اسپتال جي گائني وارڊ ۾ مڪلي واسڻ ڳورهاري عورت سڪينا زال قربان کوسو ٻار سميت فوت ٿي وئي، وارثن پاران عملي تي غفلت جو الزام، فوتي عورت جو لاش رکي وارثن پاران قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي فوتي عورت جي وارثن صاحب خان کوسو، محمد بخش کوسو،  قربان کوسو ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته  صبح 8 ھين وڳي ڳورھاري عورت کي ويم لاءِ کڻي آياسين پر اسپتال جي گائني عملي جي ڪن لاٽار ۽ غفلت سبب ڳورھاري عورت ٻار سميت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آھي،ھنن چيو ته ڳورھاري عورت گائني شعبي جي عملي جي غفلت سبب فوري آپريشن نه ٿيڻ ڪري ٻار سميت فوت ٿي آهي، نوٽيس وٺي اسپتال عملي ۽ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ پير رحماني مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو، هوڏانهن “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي  سول اسپتال ٺٽو جي سول سرجن ڊاڪٽر حسن گندرو چيو ته جڏھن عورت کي ويم لاءِ اندو ويو ته ٻار ويم کان اڳ مئل ھو، ھن جو چوڻ هو ته مامري جي انڪوائري لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي، جاچ ڪريون پيا.