اقتدار جو نشو هڪ شخص کي هر روز چريو ڪري رهيو آهي:آصف علي زرداري

0
304
ملڪ ٿيڻ وارو بيان

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي ته اقتدار جو نشو هڪ شخص کي هر روز چريو ڪري رهيو آهي، جاري بيان ۾ آصف علي زرداري چيو تھ ملڪ جي چئني صوبن ۾ برساتن سبب هنگامي صورتحال آهي

جاري بيان ۾ ھن چيو تههن وقت سڀني کي سياست ڇڏي برسات سبب متاثر ٿيندڙن جي مدد ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ ٻوڏ سبب  صورتحال خراب ٿي وئي آھي، متاثرن جي مدد ڪرڻ گھرجيحيدرآباد، ٽنڊو الهيار، مٽياري،

ملڪ ۾ هڪ شخص کي ڏينهون ڏينهن اقتدار جو نشو چريو ڪري رهيو آهي، اُهو فوج، پوليس سميت عورت جج کي به ڌمڪائي ٿو ۽ هاڻي وري چوي ٿو ته مونکي گرفتار ڪيو

آصف علي زرداري چيو ته هاڻي عدليه کي ڏسڻو پوندو ته ڇا اِهو شخص قانون کان مٿانهون ٿي ويو آهي، هُن شخص مون، نواز شريف، فريال ۽ مريم نواز خلاف به انتقامي ڪارروائي ڪئي هئيعوام سان گڏ آھيان: مريم نواز

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، مختلف واقعن ۾ اڄ وڌيڪ 60 ڄڻا اجل جو شڪار

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جا اھنج ٻيڻا، سوين خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل