پنجن ڏينهن کان ٻچا بُکيا آهن: لاڙڪاڻي واسي جون دانهون

0
300

لاڙڪاڻو (رپورٽر) برسات سبب تباھي ۽ راشن نھ ملڻ ڪري لاڙڪاڻي ۾ برسات متاثر جون ڊي سي آفيس آڏو روئندي دانهون، برسات متاثر جا سار نه لهندڙ آفيسرز ۽ چونڊيل نمائندن کي پاراتا

 متاثر روئندي دانهيو آهي ته پنجون ڏينهن آهي، ٻچن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه ناهي مليو، پنجن ڏينهن کان ٻچن سوڌو دربدر آهيان، نه خيمو آهي ۽ نه ئي ٻچن کي کارائڻ لاءِ راشن مليو

ھن چيو تھ آفيسر جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، اُهي واهر ڪرڻ بدران اسان جي بدحالي تي کِلي رهيا آهن، برسات متاثرن طرفان عملدارن کي هٿ ٻڌي واهر جي اپيل ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، مختلف واقعن ۾ اڄ وڌيڪ 60 ڄڻا اجل جو شڪار

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ماڻھن ۾ خوف