ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن  ليڊر حليم عادل شيخ جي سرڪاري زمينن تي قبضي بابت ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه حليم عادل شيخ پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته اينٽي انڪروچمينٽ عدالت ضمانت واري درخواست ٻڌي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ درخواست ڄاڻايل عدالت جي اختيارن جي دائري ۾ نه ٿي اچي، نيب ۽ نارڪوٽڪس عدالتن جي ڪيسن ۾ به ضمانت لاءِ درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي آهي، جنهن تي حليم عادل شيخ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب ريفرنس ۾ ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته اينٽي انڪروچمينٽ جي ڪيسن ۾ فوجداري ضابطن جي قلمن تحت ڪارروائي ٿيندي آهي، انهي حوالي سان  سپريم ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن، جتي لاڳاپيل عدالت ئي ٻيهر ضمانت ڏني. عدالت حليم عادل جي ضمانت منظور ڪندي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.